Saturday 6 September 2014

اسلام آباد واري تماشي جي تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال.



اسلام آباد واري تماشي جي تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال.
                                        غلام رسول چانڊيو.

ملڪي صورتحال جنھن تيزيءَ سان تماشي واري  شڪل اختيار ڪري  رھي آھي ان مان لڳي ائين رھيو آھي ته گھڻو ڪجھ بدلجڻو آھي رڳي اھو نه پر ھن  تماشي ملڪ جي سياسي تفريق کي به ظاھر ڪري وڌو آھي، چوڻ وارا چون ٿا ته جيڪڏھن سنڌ جا ماڻھو اسلام آباد ۾ اھڙي حرڪت ڪن ھا ته انھن سان ڪھڙو حشر ٿئي ھا!؟ پر اھا ڪيتري نه عجب جي ڳالھ آھي جو عمران خان ۽ ڊاڪٽر قادري جي سلسلي ۾ ملڪ جون مڙئي سگھاريون ڌريون باقائده ڌر بڻيل آھن ۽ کلي طرح ھڪ ٻئي جي سامھون ٿي بيٺيون آھن ته ٻئي طرف اردو ميڊيا جا به وکا پڌرا ٿي پيا آھن ته اھي پروفيشنلزم بجاءِ ڪنھن جي ايجنڊا تي ڪم ڪنديون رھيون آھن!!
ھن ڊرامي جا ھونئن ته ڪيترا مقصد ۽ مامرا آھن پر ماڻھن جو خيال آھي ته پنجاب ۾ ڪجھ ماڻھن جي مرڻ تي ايترو وڏو تماشو ڪيو ٿو وڃي پر سنڌ جي سوين لاشن جي ايف_آءِ_آر به نه ٿي ڪٽجي. ھاڻ اھا ڳالھ ڪنھن کان به ڳجھي نه رھي آھي ته ماڊل ٽائون جي واقعي پٺيان سڌو سنئون شھباز شريف، نواز شريف ۽ سندس وزيرن جو ھٿ آھي، رڳي اھو نه پر ان واقعي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ پٺيان ڪيئي قوتون موجود آھن جن کي پنھنجا اصل مقصد حاصل ڪرڻا آھن ۽ ڪري رھيا آھن، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ جا ماڻھو صرف اھو سوچڻ لاءِ مجبور آھن ته ھي ڪھڙو ملڪ آھي جنھن ۾ ھڪ سابق صدر، چونڊيل وزير اعظم، ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائيندڙ، 90 ھزار قيدي آزاد ڪرائيندڙ ۽ ٽٽل ملڪ کي آئين ڏيندڙ عالمي ليڊر کي ته نه ڪيل ڏوھ جي سزا موت جي شڪل ۾ ڏني وڃي ٿي پر ان ئي ملڪ ۾ ھڪ پنجابي وزير اعظم کي ھٿ به نه ٿو لاٿو وڃي ۽ ان سان اھي عدالتون به گڏ بيھي وڃن ٿيون جن ھٿان ھڪ عالمي ليڊر کي ڦاھي تي ٽنگيو ويو حالانڪ ذوالفقار علي ڀٽو آمريڪا مخالف  ۽ اسلامي  بلاڪ ٺاھڻ واري جنون ۾ جھڙي ريت ھتان جي ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ قومن جو انڪار ڪندڙ نه رڳي آئين ٺاھيو، جنھن سان خاص طور سنڌ بدترين ڌاري آبادڪاريءَ ھيٺ آئي ته ٻئي طرف ھن ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائيندي نه رڳي خطي ۾ ھڪ بد ترين خوف واري صورتحال پيدا ڪئي پر ھن ملڪ جي ننڍين قومن لاءِ به غلاميءَ جي زنجيرن کي مضبوط ڪيو، سنڌو درياءُ جنھن تي 1945 تائين انگريز سرڪار به ڪنھن ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني ان ئي سنڌوءَ تي شھيد ڀٽي 1974 واري ٻوڏ دوران پنجاب کي 28 لنڪ ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي سنڌوءَ کي ھميشه لاءِ سڪائي ڇڏيو، مطلب ته ھڪ اھڙو سياستدان جنھن 71ع واري دور ۾ وکريل ملڪ کي ٺاھي جوڙي مضبوط ڪيو ۽ لاھور کي بي تحاشا طاقت سان نوازي ھميشھ لاءِ ھتان جي ننڍ ين قومن کي غلام بنائي ڇڏيو، ان سياستدان کي به  پنھنجي سموري خاندان سميت بخش نه ڪيو ويو جو ان جو خاندان جاگيردار ھوندي به سول جمھوريت(جيڪا پنھنجي آخري نتيجن ۾ جاگيردارانه جمھوريت ھئي) جو حامي ھيو ۽ اسٽيبلشمينٽ کي حڪومت جي طابع پئي رکڻ چاھيائين.  اھڙي طرح حيرانگي ان ڳالھ جي به ٿئي ٿي ته نام نھاد جمھوريت لاءِ  اڄ به جملي جاگيردار ۽ سرمائيدار ھڪ ٿي وڃن ٿا جو عوام جي رت مان چوسيل ٽيڪس جي ڪرپشن مان سندن سرمائي کي خطرو پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ اھو سلسلو ڪو اڄ جو نه آھي پر ھيءُ ملڪ ئي جيئن ته انگريزن طرفان ھن خطي جي انگريز وفادار قوتن لاءِ ٺھيو ھيو ان ڪري شروع کان وٺي نه رڳي ان طبقي جو اقتدار تي قبضو رھيو آھي پر اھي قوتون مختلف شڪلين ۾ واري واري سان پنھنجي اقتدار جو تحفظ به ڪنديون رھيون آھن ۽ ھي جي بحران پيدا ٿين ٿا اھي سندن حصي پتيءَ جو ئي جھيڙو ھجي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ شروع کان وٺي ھي ملڪ رياستي تضادن جو شڪار رھندو پئي آيو آھي ۽ ھاڻ اھي تضاد پنھنجي ان انتھا تي پھتا آھن جو ملڪي سلامتي ئي سواليه بڻجي وئي آھي.
اسلام آباد جي تحريڪ بنيادي طور تي انھن تضادن جي اھا انتھا آھي جنھن ۾ ھاڻ گھڻو ڪجھ طئه ٿيڻو آھي ۽ ان ۾ مختلف قوتون پنھنجي پنھنجي بقا جي جنگ وڙھي رھيون آھن، ھي جو ظاھر ۾ ڏسجي رھيو آھي ان جو حقيقتن سان ويجھي جو به تعلق نه آھي. ظاھر آھي ته عوام کي گڏ ڪرڻ لاءِ دانڌلين ۽ تشڪيل نوء جا ئي نعرا ھڻائڻا آھن.
ڏاھن ماڻھن جو خيال آھي ته ھن ملڪ کي ھلائڻ واريون سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي، جاگيردار، سرمائيدار ۽ ڪجھ عالمي قوتون آھن جيڪي پڻ پنھنجن پنھنجن مفادن تحت ورھايل آھن ۽ ظاھر آھي ته ادارا ڪنھن ڀتين جو نالو نه پر انھن ڀتين ۾ ويٺل ماڻھن جو نالو آھن، جن جا پنھنجا پنھنجا مفاد آھن جيڪي مختلف شڪلين  ۽ تضادن ۾ ظاھر ٿين ٿا.
اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن جي ڪھاڻي به پنھنجي پسمنظر ۾ نه ته ڪنھن انقلاب ۽ آزاديءَ جي جنگ آھي ۽ نه ئي اوچتو ڪنھن کي عوام جي دردن جو سور جاڳيو آھي، اھي ڌرڻا بنيادي طور تي انھن قوتن جي ٽول طور ڪم ڪري رھيا آھن، جن قوتن جا گھڻ طرفا مقصد آھن جن مان پھريون پنھنجي سرمائي کي بچائڻ آھي، جڏھن ته ورھايل سوچن تحت ڪنھن کي اسلام، ڪنھن کي پاڪستان ته ڪنھن کي آمريڪا جو اونو ۽ وفاداري جا مسئلا درپيش آھن. جڏھن ته ھن ملڪ اندر عالمي سطح تي جاگرافيائي تبديلين جا خواب  ڏسندڙ به پنھنجو ڪم ڪري رھيا آھن  ۽ ھاڻ جڏھن  ھن ملڪ جون ايتريون سوچون ۽ ڪردار ورھايل آھن ته ان جي نتيجن کي سمجھڻ ڪنھن لاءِ به ڏکيو نه ھوندو ۽ سچ ته اھو آھي جو ھتان جون سموريون سياسي قوتون ڪنھن نه ڪنھن لاءِ ھڪ ٽول طور استعمال ٿي رھيون آھن، جنھن جي ھڪ تصوير اسلام آباد جو تماشو آھي.
ڏاھن ماڻھن جو چوڻ آھي ته ھن قسم جي سياسي ھلچل جي پويان ننڍين قومن اندرھلندڙ اھي تحريڪون به آھن جيڪي طويل محرومين، وسيلن جي ڦر لٽ، ساڻن غير انساني ورتاءُ ۽ سندن عظيم اڳواڻن جي شھادتن جي نتيجي ۾ اڀريون آھن جن کي ڪچلڻ لاءِ به ھن ملڪ ۾ تحفظ پاڪستان واري قانون کان پوءِ ماڳھين ملڪ ۾ اھڙو سيٽ اپ آڻڻو آھي، جنھن سان ھتان جي محروم قومن کي چٿي، سندن وسيلن تي مڪمل قبضو ڪري  سگھجي ته ٻئي طرف ھتان جي مخصوص طبقي جي حڪمرانيءَ کي به قائم رکي سگھجي، جنھن جو اظھار ڪا لھوڪي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي مختلف اڳواڻن جي خطاب مان ئي لڳائي سگھجي ٿو. اھڙي طرح اسلام آباد جي تماشي ۾ ڪير ھارائي ۽ ڪير کٽي ٿو وارن سوالن کان گھڻو اڳتي سوچڻ جي ڳالھ اھا آھي ته ان خطرناڪ راند ۾ ھتان جون ننڍيون قومون ڪٿي بيٺل آھن........ ؟sufighulamrasool@gmail.com  

No comments:

Post a Comment