Monday 13 August 2012

سنڌ يونيورسٽي : حقيقت جي اصل تشريح


سنڌ يونيورسٽي :  حقيقت جي اصل تشريح
غلام رسول چانڊيو             Description: C:\Documents and Settings\XulfiQar\My Documents\GR PHOTO\Picture 032.jpg
منهنجي پياري آسي اختر ڀٽو طرفان تعميرِ سنڌ جي 21 جولاءِ واري پرچي ۾  منهنجي لکيل مضمون جي موٽ ۾ نهايت ئي شاندر ڪالم لکيو آهي جنهن لاءِ مون کي بيحد خوشي انڪري به آهي جو سنڌ يونيورسٽي جا اصل ڌڻي يعنيٰ شاگرد  به پنهنجي مادرِ علمي تي سنجيدگي سان سوچڻ لڳا آهن.
حقيقت جي وضاحت ۽ وصف مختلف مفڪرن مختلف انداز ۾ ڪئي آهي، حقيقت جنهن کي اسان سچ چئون ٿا اهو فلسفي جي ٻن ڌارائن ۾ هلي ٿو فلسفي جي ٻن بنيادي مڪتبهِ فڪر مان هڪ خيالي سچ ۽ حقيقي سچ، جيڪو به  مشروط سچ هجي ٿو ان سلسلي ۾ ازل کان وٺي دنيا جا سڀئي فلسفي سچ جي صحيح وصف  متعلق منجهيل آهن، ڇاڪاڻ ته ڪائنات ايتري ته لامحدود ۽ ڳجهه آهي جو انجي تلاش ۾ هر لمحي هڪ نئون لقاءَ سامهون اچي ٿو جنهن کي اسان سچ سمجهي ويهون ٿا پر جڏهن ان سفر ۾ هڪ ٻئي لقاءَ ۾ داخل  ٿيون ٿا ته پهرئين لقاءَ کي ڪوڙو سمجهڻ لڳون ٿا. اهڙي طرح سچ لامحدود هوندي اڄ به فلسفين وٺ هڪ وڏو سوال آهي. خيال ۽ خواهشن جي دنيا کي ڇڏي جيڪڏهن اسين سماجي سائنس جي اصولن موجب ڏسون، سوچون ۽ سمجهون ته سادي نموني ڪجهه حقيقتون ۽ سچ سامهون اچي سگهن ٿا.
مثال طور اسانجي نظر ۾ ڪائنات حقيقي سچ آهي پر ڇا واقعي اهو سچ آهي يا اسانجو خيال؟ اهڙي طرح جا اخبار اوهان پڙهي رهيا آهيو اها اخبار پنهنجي خبرن ۽ تصويرن سميت ڇا واقعي سچ آهي؟  ۽ خود اسان جي حقيقت ۽ سچ تي ڳالهائي رهيا آهيون، اها به حقيقت يا سچ آهي يا ڪنهن ماوراءِ قوت جو خيال؟ يا وري ماوراءِ قوت ڪا آهي به يا نه؟ اهڙي طرح حقيقت جي پيچيده مسئلن ۾ وڃڻ بجاءِ  اسان جيڪڏهن مشروط ڪائناتي سچ ۽ لقاءَ ۾ جو ڪجهه ٿي رهيو آهي  انکي ئي حقيقت سمجهون ته ڪيترا سماجي مسئلا پنهنجي حقيقي روپ ۾ سامهون اچي سگهن ٿا. جيڪڏهن ان ڳالهه کي سادو ڪجي ته اسان جنهن ڪرسي تي ويٺا آهيون اها ڪرسي بهرحال حقيقت آهي ، اسان جنهن وڻ کي ڏسي رهيا آهيون اهو وڻ به حقيقت ئي چئبو يا مادي لحاظ کان اسان جو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون ۽ ان ۾ جو تحرڪ آهي انکي حقيقت چوڻ کان سواءِ ٻيو ڇا چئون؟ ان ڳالهه کي اڃا به جيڪڏهن سادو ڪجي ته اسان جو چئون ٿا اهو ضروري ناهي ته سچ هجي پر اسان جو ڪيون ٿا انکي سماجي لحاظ کان بهرحال سچ سمجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.
دنيا جا سڀئي ماڻهو کلندا آهن، اهو انساني سماج جو وڏو سچ آهي ۽ دنيا جا سڀئي ماڻهو روئندا، ماني کائيندا، ننڊ ڪندا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪندا آهن انکي سچ سمجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي. پر هتي وري صحيح ۽ غلط جو سوال به بهرحال پيدا ٿئي ٿو جيڪو وري نتيجن سان مشروط آهي. اسان ڪيترائي ڪم بهتر نتيجن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪندا آهيون پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جا غلط نتيجا نڪرندا آهن. ۽ ان حقيقت کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اسان خوبصورت ڳالهيون ڪري جو ڪم ڪندا آهيون ان ۾ اسان جي اصل حقيقت ڪهڙي هوندي آهي ان جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن نتيجا سامهون ايندا آهن.
حقيقت ۽ سچ جي مختصر وضاحت کان پوءِ پاڻ جيڪڏهن اصل معاملي تي اچون ته سنڌ يونيورسٽي بنيادي طور تي صرف ئي صرف شاگردن جي لاءِ آهي جيڪي فيون ۽ ٻيا خرچ ڀري يونيورسٽي ۾ پهچن ٿا. يعنيٰ ڪنهن به يونيوسٽي جو بنيادي مقصد شاگرد ئي هجن ٿا جڏهن ته استاد اجورو وٺي پڙهائن ٿا، افيسر شاگردن ۽ استادن کي صحولتون مهيا ڪرڻ ۽ انتظام کي بهتر نموني سان هلائڻ لاءِ مقرر هجن ٿا ۽ هيٺيان ملازم وري مٿين سڀني ڌرين جي مددگار واري حيثيت رکن ٿا.  ان مختصر ڳالهه جو مقصد اهو وڃي بيٺو ته شاگرد ئي يونيورسٽين جا اصل ڌڻي هجن ٿا. پر اسانجي سماج اندر شاگردن جو ڪم پڙهڻ بجاءِ غير نصابي سرگرميون هجي ٿو (شاگردن جي اڪثريت بهرحال علم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي)  ، استادن جو ڪم ڪلاس رومن ۾ تبديلي آڻڻ بجاءِ روڊن تي نڪري سياست ڪرڻ هجي ٿو، انتظاميا جنهن کي انتظام سنڀالڻو هجي ٿو اهي وري حڪمراني ڪرڻ لڳن ٿا جڏهن ته مددگار اسٽاف وري محرومين جي ڪري پنهنجن مطالبن لاءِ سرگرمِ عمل رهي مددگار واري حيثيت بجاءِ سياست بازي جو شڪار ٿي وڃي ٿو ان صورتِ حال جو سبب وري رياستي نوعيت ۽ ڪردار تي دنگ ڪري ٿو ۽ اسين جنهن رياست ۾ رهون ٿا اها نه ته عوامي، نه قومي، نه جمهوري ۽ نه ئي ويلفيئر رياست آهي ۽ پنهنجي فطري تضادن سبب هر وقت خوف جو شڪار هوندي عوام دشمن ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. ان سموري تباهي لاءِ غربت انارڪي ۽ موقعي پرست سماج هجڻ جي ڪري رياست کي کوڙ سارا ماڻهو ملي وڃن ٿا جيڪي رياست جي عوام دشمن ڪردار جو حصو بنجي رياست لاءِ شعوري توڙي لاشعوري طور ڪم ڪندا رهن ٿا. عقل مند بي ايماني وارو ڪردار ادا ڪندي عوامي ادارن ۽ مفادن جو معاوضو وٺي ٻيڙو ٻوڙن ٿا جڏهن ته بيوقوف ماڻهو مفت ۾ رياست جي ايجنڊا تي سڀئي عوام دشمن ڌنڌا بنا معاوضي تي ڪندي پاڻ کي اجايو انقلابي سجهي ويهن ٿا.
اهڙي صورتحال مادرِعلمي سنڌ يونيورسٽي سان به لاڳاپيل آهي .  وائيس چانسلر هڪ  غير مستقل فرد جو نالو آهي جڏهن ته يونيورسٽي سماجي اڏاوت جو اهو عظيم اثاثو آهي جنهن جي تباهي اصل ۾ سماجي تباهي ۽ عوام دشمني آهي. هڪ ته سنڌ يونيورسٽي جي مسئلن جي لاءِ عوامي سياسي قوتن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جو اسان مٿي رياست جو منفي ڪردار ٻڌائي آيا آهيون ۽ ان ڪردار جو مخالف قوتون صرف سياسي جماعتون هجن ٿيون پر بد قسمتي سان اهي به هن مسئلي کان لاتعلق بڻيل آهن نتيجي ۾ هرڪو پراوا ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آهي .
سوٽا جي ڪردار تي آئون انڪري نه ٿو ڳالهايان جو انهن جو ڪردار گذريل ستن مهينن کان سڀني جي سامهون آهي ۽ انهيءَ ڪردار سبب هاڻ هو بدترين تنهاين کي منهن ڏئي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي تحريڪ جي ٻين تفصيلن کي ڇڏي صرف هڪ نقطي کي واضع ڪجي ته اها تحريڪ صرف انا جي تحريڪ آهي جيڪا ڏئي وٺي سنڌ دشمن ڌرين کي فائدو ڏئي رهي آهي.
جيتري سنڌ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽيءَ جو تعلق آهي ته انجو مقصد ئي سنڌ يونيورسٽي کي بچائڻ آهي جنهن جو ڏئي وٺي نتيجو اهو وڃي نڪتو ته هيءَ ڪاميٽي عمارتن کي نه پر يونيورسٽي جي حقيقي وارثن يعنيٰ شاگردن جي مستقبل کي ئي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي . هاڻ جڏهن يونيورسٽي جو وجود ئي داءَ تي لڳل آهي ته اتي سهولتن جا مطالبا بنهه ننڍڙا ٿي وڃن ٿا پر تنهن هوندي به اسان انهن مطالبن کي نظرانداز نه ڪيو آهي 19 جون 2012 تي ڪيل قومي ڪانفرنس جي قراردادن ۾ اوهان جي مضمون ۾ ڄاڻايل مسئلن تي تفصيلي بحث ڪري قومي قيادت کان منظور ڪرايل آهن جنهن لاءِ اوهان 20 جون 2012 جون اخبارون پڙهي سگهو ٿا . ان کانسواءِ سنڌ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي جو مک نقطو ئي تعليم ، سنڌ يونيورسٽي ۽ شاگردن جو تحفظ ۽ تدريس آهي جنهن لاءِ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتالن کان ويندي عظيم اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي احتجاجن سميت تعليم دشمن قوتن جي آڏو هيءَ ڪاميٽي هڪ وڏي ديوار بنجي چڪي آهي ۽ اڄ صورتحال اها وڃي بيٺي آهي ته هڪ طرف سوٽا اڪيلي ٿي چڪي آهي ته ٻئي طرف انتظاميا استادن ۽ ملازمن جا وڏي پيماني تي مسئلا حل ڪري رهي آهي. ان سان گڏو گڏ جون مهيني ۾ سوٽا طرفان پيپرن جي بائڪاٽ واري تحريڪ کي مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو ۽ هو 55 شعبن مان صرف ٽن شعبن ۾ جوابي ڪاپيون ڦاڙڻ ۾ ڪامياب ٿي تعليم دشمنن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويا .
سنڌ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي سنڌ يونيورسٽي ۽ تدريسي عمل خلاف ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڏي سطح تي ڪم ڪندي شاگردن، والدين ۽ سماج جي ٻين طبقن کي متحرڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي  ۽ ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو آهي ته هر سطح تي سنڌ يونيورسٽي جي حفاظت جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو  ۽ هر ان قوت سان مهاڏو اٽڪايو ويندو جيڪا سنڌ يونيورسٽي خلاف سازش ڪندي.
انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي سڀني ساڃاهه وند ڌرين کي پڻ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ اندر غريبن جي هيءَ واحد يونيورسٽي بچائي سگهجي ڇاڪاڻ ته سنڌ دشمن ڌريون اسانجي قومي قيادتن کي ختم ڪرڻ کان پوءِ هر ان اداري کي ختم ڪرڻ گهرن ٿيون جتان سنڌي سماج کي شعور جي حاصلات ٿي سگهي ۽ سنڌ يونيورسٽي انهيءَ ڪري به سنڌ جو دماغ آهي جو هتي 25000 شاگرد مختلف علائقن کان اچي پڙهن ٿا ۽ هڪ عظيم قومي ڪلچر جنم وٺي ٿو. ظاهر آهي جڏهن جيڪب آباد ۽ ٿر جا شاگرد هڪٻئي سان ملن ٿا تڏهن اتر، لاڙ، ذات پات ۽ قبيلي جا فرق ختم ٿي هڪ قومي تشڪيل ٿيڻ لڳي ٿي جا ڳالهه ڪنهن به قيمت تي سنڌ دشمن ڌرين کي قبول نه آهي.
هڪڙي ڳالهه سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ يونيوسٽي خلاف وڏيون سازشون ٿي رهيون آهن جنهن جا پيرا پري پري تائين وڃن ٿا ۽ اها سازش ڪا اڄڪلهه جي ناهي پر ان سازش کي تڪميل تائين پهچائڻ جي لاءِ سنڌ دشمن ڌرين کي چنيسرائي ڪردار هاڻ وڃي مليا آهن پر سنڌ جو ضمير پنهنجي مجموعيت ۾ ستل نه آهي جو اهو سڀ ڪجهه سنڌ دشمن ڌرين کي آساني سان ڦٻي سگهي . پر ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌي قوم جي هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
sufilakufi@gmail.com