Saturday 6 September 2014

سياست جي اصليت کي پڌرو ڪندڙ اسلام آباد جي تحريڪ.




 سياست جي اصليت کي پڌرو ڪندڙ اسلام آباد جي تحريڪ.

با وجود ان جي ته طاھرالقادري ۽ عمران خان وارن ڌرڻن جي مطالبن ملڪي سياست ڪندڙن لاءِ ھڪ ڇرڪ ۽ خوف واري ڪيفيت پيدا ڪري وڌي آھي جو ٻئي ڌرڻا پنھنجي پيش ۽ پسمنظر ۾ ڀلي جو کڻي ڪھڙا به مقصد رکندا ھجن پر انھن ڌرڻن جا مطالبا ظاھري طور ٻن شڪلين ۾ سامھون آيا آھن، جنھن مان ھڪ مطالبي اسان جي اليڪشن جي اصل حقيقت کي پڌرو ڪري وڌو آھي ته قادريءَ جي مطالبن وري نظام حڪومت ۽ عوام سان جمھوريت جي نالي تي ٿيندڙ بدترين دوکن جي اصل حقيقت ظاھر ڪري ڇڏي آھي، حالانڪ ھن ملڪ جي مختلف سياسي جماعتن جيڪي ايوانن کان ٻاھر يا ايوانن ۾ رھيون آھن، انھن عمران ۽ قادريءَ جي مطالبن لاءِ ملڪ ٺھڻ کان وٺي اھي ساڳيا  مطالبا ڪنديون رھيون آھن بلڪه ائين چوڻ اڃان به وڌيڪ بھتر ٿيندو ته اقتدار ۾ رھڻ کانپوءِ  وري مخالف ڌر ۾ رھندڙ پارلياماني پارٽيون به اھي ساڳيون ڳالھيون ڪنديون رھيون آھن سو اھي ڌرڻا  ۽ انھن جا مطالبا ھڪ ته نئين ڳالھ نه آھن ۽ ٻيو ته انھن ساڳين مطالبن لاءِ اڳ به تحريڪون ھلنديون رھيون آھن، پر عمران ۽ قادريءَ جي ڌرڻن جي صورت انھيءَ ڪري به مختلف آھي جو اھو پھريون موقعو آھي جو اھي ڌرڻا طويل ھوندي رياست جي علامت طور سڃاپجندڙ عمارتن اڳيان ھڪ نئين شڪل ۾ موجود آھن  ۽ انھن ڌرڻن پويان اھي قوتون ڪم ڪري رھيون آھن جن لاءِ  ھن ملڪ تي راتاھو ھڻڻ ھاڻ ايترو سولو نه رھيو آھي، تنھنڪري  اھا ڳالھ چئي سگھجي ٿي ته ھن ملڪ جي سياست، اھا ڪھڙي به شڪل ۾ موجود ھجي پر ھاڻ ھڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رھي آھي. اھڙي طرح ھن سموري صورتحال کي جيڪڏھن سادي نموني ڏسجي ته اھا  ڪجھ ھن طرح بيٺل نظر اچي ٿي.
پھريون ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جيڪا سمورو عرصو مختلف شڪلين ۾ اقتدار ۾ رھندي آئي آھي، ان لاءِ ھاڻ مختلف مفادن جي حوالي سان سڌي طرح انتھائي ڏکيو ۽ اڻ سڌي طرح اقتدار ۾ رھڻ ايترو سولو نه رھيو آھي جو سندن ئي نرسريءَ مان پيدا ٿيل جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه سياست  سندن ھٿن مان نڪرڻ چاھي ٿي ۽ لڳي ائين رھيو آھي ته ھاڻ ٻئي قوتون ھڪ ھڪاڻيءَ جي موڊ ۾ آھن اھڙي صورتحال جي پيدا ٿيڻ جو سبب ھڪ ته نظريئ جي کوٽ آھي جيڪو ڪنھن به رياست لاءِ انتھائي ضروري ھجي ٿو ۽ ٻيو ته جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ جو سنگم پنھنجن سڀن صورتن ۾ عوام دشمن ھوندي، قومي عوامي غلامي ۽ سرمائي جي چوطرف ڦرندو رھندو آھي تنھنڪري ٻئي ڌريون ٿوري گھڻي فرق ۽ داخلي تضادن جي، ھڪ ٻئي خلاف جنگي حالت ۾ آھن ۽ مزي جي ڳالھ وري اھا آھي ته ٻئي طاقتون عوام کي ھڪ ٽول طور استعمال ڪري رھيون آھن جو اصل طاقت جو سرچشمو ته بھرحال عوام ئي ھجي ٿو، ان ڪري ھڪڙي طاقت ايوان اندر ھوندي عوام جي نمائنده ھئڻ واري دعوي سان پنھنجا ھٿيار تاڻيو بيٺي آھي ته ٻي قوت به عوام کي ايوانن ٻاھران بيھاري، عوامي حقن واري نعري سان مذاق ڪندي، عوام کي ئي استعمال ڪري رھي آھي، جڏھن ته عوام ٻنھي ڌرين جي ايجنڊا تي نه آھي ۽ نه رھي آھي نه ڪو آئينده رھندي. اھڙي صورتحال ۾ عوام جي اڪـثريت اھڙين سياسي سازشن کان اڻ واقف ھوندي ٻن وقتن جي ماني لاءِ پريشان آھي جنھن جو فرياد بھرحال انھن مڊل ڪلاس سياسي قوتن ۽ گروپن تي ئي داخل ڪرائي سگھجي ٿو جيڪي پڻ محڪوم عوام جي نمائندگي جي دعوي ڪرڻ باوجود، سياست کي ڪاروبار طور استعمال ڪندا رھيا آھن ۽ پنھنجي نفسيات موجب ڪنھن تبديليءَ بجاءِ ھو پنھنجو پاڻ کي مٿئين ڪلاس ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ معصوم عوام کي ڏاڪڻ بڻائيندا رھيا آھن.
اھڙي طرح ھن سياسي ڊرامي جو ٻيو پھلو اھو به چٽو ٿي سامھون آيو آھي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ميمبرن جي دونھيندار تقريرن بھرحال اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته ايوانن ۾ ويٺلن کي اقتدار پنھنجي ساه کان به وڌيڪ مٺو آھي جو اھي پھريون دفعو انھن قوتن کي سڌي تنقيد جو نشانو بڻائي رھيون آھن جن جي سلسلي ۾ ڳالھائڻ لاءِ اڳ ۾ سوء  دفعا سوچيو ويندو ھيو ۽ اھا ڳالھ به بھرحال چٽي ٿي سامھون آئي آھي ته اسان وٽ جمھوريت عوامي نمائندگي بجاءِ اقتدار جي حاصلات کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي جو اڄ تائين ڪنھن سنگين عوامي مسئلي لاءِ اسان جي اسيمبلي ميمبرن ايترو شدت سان ڳالھايو ھجي جھڙي طرح ھن وقت اقتدار کي بچائڻ لاءِ ڳالھايو پيو وڃي. ان ڳالھ کي ھيئن به وٺي سگھجي ٿو ته بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ سياست جا ماپا تبديل ٿي جنھن مفاھمت جي نعري سان اڳتي وڌيا، ان مفاھمت جو اصل مقصد ئي “ اچو ته گڏجي اقتدار جا مزا ماڻيون” تي وڃي بيٺو ۽ ملڪ جي عوام ڏٺو ته زرداريءَ جي دور حڪومت ۾ سڀ جا سڀ اقتدار ۾ ھئا ۽ ڪا به مخالف ڌر موجود نه ھئي. اھو دراصل ھڪ اھڙو معاھدو ھيو جنھن ۾ “اچو ته سڀ گڏجي کائون” جھڙو عظيم فارمولو جوڙيو ويو ھيو جنھن تي اڄ سڀ جا سڀ گڏ بيٺل آھن، مطلب ته  ھتان جي جاگيردار ۽ سرمائيدار اھو بھرحال طئه ڪري ورتو آھي ته ھاڻ ھر حال ۾ ھڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻو آھي، ان لاءِ ڀلي ڪيتري به ڳري قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي.انھيءَ تناظر ۾ جيڪڏھن نواز شريف کي ڏسبو ته اھڙي قسم جي معاھدي جي چٽي شاھدي ان ڪري به ملندي جو ٿوري گھڻي فرق سان ڄڻ ته زرداريءَ جو اقتدار تبديل ئي نه ٿيو آھي، البته ھاڻ سياست جو مرڪز ايوان صدر بجاءِ وزير اعظم ھائوس آھي.
جڏھن ته ھن جھيڙي جي ٽئين پھلوءَ کي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي پس منظر ۾ به ڏٺو پيو وڃي، جنھن لاءِ الطاف حسين طرفان استيفائون طلب ڪرڻ ۽ خود مشرف جي ھڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو مان ئي لڳائي سگھجي ٿو جنھن ۾ مشرف سڌي طرح اھو چئي ڏنو آھي ته عمران ۽ قادريءَ جي تحريڪ نه رڳي جائز آھي پر سندن مطالبا به ھر حوالي سان صحيح آھن ۽ الطاف حسين ته اھو چٽيءَ طرح چئي به ڏنو آھي ته مشرف خلاف آرٽيڪل 6 تحت ھلندڙ سنگين غداريءَ وارو ڪيس غير قانوني آھي، تنھنڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته ھن سموري مانڌاڻ جو ھڪڙو اھم پھلو مشرف به آھي جنھن کي ھر قيمت تي اسٽيبلشمينٽ بچائڻ گھري ٿي جو اھو مسئلو ان ڪري به سندن لاءِ اھم آھي جو ھو نه ٿا چاھين ته ڪا اھڙي روايت پوي جنھن سان سولين جي سندن ڀيٽ ۾ طاقت ۾ ڪو اضافو ٿئي.
اھڙي طرح  اسلام آباد جي ڇڪتاڻ کي مختلف شڪلين ۾ ڏسڻ سان اھا ڳالھ بھرحال واضع ٿيندي ته ھي ملڪ ھاڻ پنھنجي تضادن جي آخري حدن کي ڇھندي ھڪ فيصلا ڪن مرحلي ۾ داخل ٿي رھيو آھي، جنھن سان گھڻو ڪجھ تبديل ٿيڻ جا واضع اشارا ملي رھيا آھن، پر سنجيده حلقن ۾ اھا ڳڻتي بھرحال موجود آھي ته اھا تبديلي عوام لاءِ ڪيتري لاڀائتي ثابت ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته نواز شريف جي ڌڪ جھلي وڃڻ جي صورت ۾ به بھرحال تبديلي اچڻي آھي جنھن جا امڪان ھاڻ انھيءَ ڪري به دنڌلا ٿي رھيا آھن جو حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ به بدترين تقرار شروع ڪرايو ويو آھي، چودري نثار ۽ چودري اعتزاز جي جھيڙي کي رڳي محض اتفاق سمجھڻ ان ڪري به دانشمندي نه ھوندي جو اسٽيبلشمينٽ ھر حال ۾ پنھنجو اھو ٽارگيٽ پورو ڪندي توڙي جو في الحال کيس ڪجھ وقت لاءِ خاموش رھڻو ڇو نه پوي. ٻي طرف الطاف حسين جون روايتي گوٿناٿيون به معني خيز آھن، سو بھرحال خاموش سنڌ لڳي ٿو ته پنھنجي سياست الطاف حسين حوالي ڪري ڇڏي آھي جو سنڌ جون ٻيون مڙئي پارٽيون ھڪ اھڙي خاموشيءَ ۾ آھن جو ڄڻ ته ڪنھن کاتي ۾ ئي نه ھجن ۽ شايد آھي به ائين ئي...........sufighulamrasool@gmail.com 

No comments:

Post a Comment