Thursday 10 September 2015

ڀٽ تي زخمي ٿيل فقيرن جا هٿ!



هن جا تمنا رکي هئي ته ڀٽ تي صدين کان لطيف سائينءَ جون وايون، بيٿ ۽ تنبوري جي تارن جون صدائون، سنڌ جي ڪپهه پيل ڪنن تائين، پنهنجن سڀن معنائن ۽ مفهومن سان پُهچن، سا تمنا اُن ڏينهن ڇرڪ ڀري جاڳي پئي هئي، جنهن ڏينهن هن ديس جا ڌڻي سڙي ويل پتنگن جا مقدس لاش کڻي، لکن جي تعداد ۾ پنهنجي محبوب ماڳ مائي ڪولاچيءَ جي شهر ۾ پهتا هئا، هن جڏهن اکيون مهٽي مائي ڪولاچيءَ جي شهر کي ڏٺو هيو ته صدين کانپوءِ هن اطمينان جو ٿڌو شوڪارو رڳي انڪري ڀريو هيو جو سنڌ پنهنجن ڪنن مان ڪپهه ڪڍي اڇلائي ڇڏي هئي ۽ سنڌ جو روح لطيف سائين جي فقيرن جي ”الو ميان“ جي صدا بڻجي چڪو هيو، هن ڏٺو ۽ غور سان ڏٺو ته سنڌ جي اکين ۾ لڙڪ ته هيا ئي پر سنڌ پنهنجي وڃائجي ويل سچ کي ڳولي جُملي عظمتن، فضيلتن ۽ ماڻهپي جي محبوب گڻن سان درندگي واري ديس ۽ عالمي مهذپڻي سان مخاطب هئي.
جوڳي جنهن جُڳن کان هڪ خواب جي ساڀيان لاءِ ڪيئي جوڳ پچايا هئا ۽ هاڻ سندس گودڙيءَ جڏهن المين ۽ اذيتن جي بار سان ڀرجي کانئس کڻڻ کان ڳري ٿي چڪي هئي ۽ هو ڦٽيل ڪُلهن سان بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان بي حال ٿي اچي ويٺو هيو، تڏهن ڪنهن اچي سندس زخمي ڪلهي تي هٿ رکيو هيو ۽ هن جڏهن ڇرڪ ڀري درد جي هڪ دانهن سان مٿي نهاريو هيو، تڏهن لاکو ڦلاڻي کيس ٻکين پئجي ويو هيو، لاکي جي لوڙهه بڙ جي ٿُڙ وٽ پيل هئي ۽ سندس لکي نالي گهوڙيءَ جي هني تي هڪ ڳنڍ رکيل هئي،  هن حيرت مان ڳنڍ ڏانهن ڏٺو ۽ وري لاکي ڏانهن اوجاڳيل نيڻ ارپيائين ته سندس نيڻن مان صدين جو گڏ ٿيل پاڻي بند ڀڃي وهڻ لڳو، لاکي هَني تي رکيل ڳنڍ کولي ۽ جوڳي جي زخمي ڪلهن تي ڄمي ويل رت کي صاف ڪري کيس پَٽيون ٻڌڻ لڳو ۽ جڏهن جوڳيءَ جي سموري وجود جي زخمن تي پها رکجي چڪا، تڏهن جوڳي گهري ننڊ لاءِ اَهلِي پيو ۽ جڏهن جاڳيو ته سندس مٿو لاکي جي گوڏي تي رکيل هيو، جوڳي ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ لاکي جي قدم بوسي ڪرڻ چاهيائين ته لکي هِڻڪار ڪئي ۽ بڙ ۾ ويٺل ڳِجهُن، ڪانگن، بازن ۽ چٻرن ۾ اهڙو ته ٽاهه پيو جو وري نه موٽڻ لاءِ اُڏاڻا ۽ بڙ جي پورن مان واسينگ، وِڇون ۽ ڀَٽوُن ٻاهر نڪتا، جوڳي اڌ ۾ رهيل قدم بوسي ڇڏي، گودڙيءَ اندر المين ۾ وڃائجي ويل مُرلي ڪڍي وڄائڻ لڳو ته واسينگن ۾ وٽ پوڻ لڳا ۽ لاکي لوڙهه جي مُٺئي ۾ هٿ وجهي لکيءَ تي لانگ ورائي ۽ جوڳي لَهرو ڏيندي لکيءَ ڏانهن لؤڻو هنيو ته سندس نيڻن کي ڏور ڏور تائين لکيءَ جي سنبن جي اڏايل ڊُسِڙ پسڻ لاءِ ملي ۽ جوڳيءَ جون ڦوڪيل مِٽوُن ڍريون ٿيون، مرليءَ جا لهرا ماٺ ٿي ويا ۽ واسينگن بڙ جي پورَنِ ۾ ورڻ شروع ڪيو.
جوڳي، جنهن جي زخمن کي لاکو پها رکي ويو هيو، اهو بڙ جي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي اَهلي پيو، ان وچ ۾ لاکو مائي ڪولاچيءَ جي شهر ۾ لکين ماڻهن جي هجوم سان مخاطب هيو ۽ سندس اڳيان لکين ماڻهن سان گڏ پتنگن جا ٻه معصوم لاش به پيل هئا.
هوڏانهن لطيف سائين جي فقيرن دنبورا سنوان ڪري صدا هنئي:
پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اجهاءِ
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي به پچاءِ
واقف ٿي وساءِ، آگ نه ڏجي عام کي.
فقيرن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ تنبوري جون تارون تپي باهه ٿي فقيرن جي آڱرين کي لهولهان ڪري رهيون هيون ۽ سنڌ صدين کانپوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي ڏکيءَ ڏيل سان، ڪراڙا هٿ نرڙ تي رکي لاکي، لَکي، لوڙهه ۽ لکين ماڻهن جي سمنڊ ۾ ٻن لاشن کي ڏسي رهي هئي پر هن ڀيري الاءِ ڇو ڪو ڳوڙهو وهائڻ بدران، گُهنجيل چهري ۽ ٺوٺ ٿيل چپن سان مسڪرائي رهي هئي، سندس اداس اکين ۾ ڪوبه ڳوڙهو نه هيو ۽ سنڌ پنهنجا ڪراڙا هٿ مٿي کڻي لاکي جي چهري کي چمي ڏيئي اڃا سُڪل ڇاتيءَ سان مس لاتو ته ڀٽ تي فقيرن ٻيو بيٿ ڏنو ۽ سندن آڱرين مان هاڻ رت چوئاڪا ڪري وهڻ لڳو:
لاکو لوڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ
پانور ڪنا پڇڙي، ڏونگر پئي ڏاڪ
اٺيون ۽ عراق، گڏيا نه گئون ٿيا.
هاڻ فقيرن جو وجدان پنهنجي انتهائن کي ڇُهڻ لڳو ۽ کين آڱرين مان وهندڙ رت ۽ دنبوري جي تتل تارن جو ڪو احساس ئي نه رهيو ۽ فقير لاکي جي نئين جنم تي مست الست ٿي مرشد کي ڄڻ مبارڪ ڏيڻ لڳا:
ٻَني ٻهڻ نه ڏي، جهُري ويئي جهوڪ
لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.
اڃا فقيرن اهو بيٿ ڏيئي بس ڪيو ته جوڳيءَ جي گودڙيءَ مان المين جا لاش ڦٿڪندا ڪِرندا ويا ۽ جوڳي ڇرڪ ڀري اٿيو ته سندس نظر سموري دنيا جي حيرتن تي پئي، جوڳيءَ ڏٺو ته دنيا حيرت مان سنڌ کي ڏسي رهي آهي ۽ سوچي رهي آهي ته هيءَ ڪهڙي ڌرتي آهي، جيڪا هڪ دهشتگرد خطي ۾ هئڻ باوجود سڙيل لاشن سان دنيا کي امن جا پيغام ڏيئي رهي آهي!!؟ هيءَ ڪهڙي مِٽي آهي، جنهن جا جنميل ماڻهو انيڪ اذيتن ۾ هوندي به امن ۽ برابريءَ جون صدائون بلند ڪري رهيا آهن!!؟ ۽ دنيا هن ديس تي حيران ٿئي ٿي ته هي ماريل، ساڙيل، ڦريل، لٽيل ۽ وحشتن جي وات ۾ پيل ڪير ماڻهو آهن، جيڪي طاقت ۾ هوندي به محبتن جا گل آڇي رهيا آهن ۽ جوڳي دنيا جي حيرتن کي ڏسي ڀٽ ڏانهن ڪراڙا نيڻ کڻي ٿو ته فقير جوڳيءَ جي نهار جو جواب ڏين ٿا:
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جينئندي ان ري.
جوڳيءَ کان فقيرن جي اهڙي موٽ تي ڇرڪ نڪري وڃي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿو ته لطيف سائين جا صديون اڳ جوڳين سان ڪيل پنڌ اجايا ڪيئن ٿا وڃي سگهن ۽ رام ڪلي بي معنيٰ ٿئي سو ڪٿان ممڪن آهي!!؟ جوڳي ٿڌو شوڪارو ڀري اطمينان سان گودڙي ڪلهي ۾ وجهي گنجي ڏونگر وارو گس وٺي ٿو ته سندس ڪنن تي هي آلاپ پون ٿا:
پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي،
واري سڀ ورق، لوچي لاهوتي ٿيا.
جوڳي پنڌ ڪندو رهي ٿو ۽ بڙ تان اڏاڻل ڳجهن، ڪانگن ۽ چٻرن جا اجلاس شروع ٿي وڃن ٿا پر هو ڪوبه فيصلو نه ٿا ڪري سگهن، ڳِجهون سنڌ جي ماس کي جيئري پٽڻ جون صلاحون ڏين ٿيون ته ڪانگ وري سنڌ جون اکيون ڪڍڻ لاءِ چون ٿا پر چٻرا ڪجهه ٻي طرح سوچين ٿا، جو هو سمجهن ٿا ته هاڻ سنڌ جو ماس پٽڻ ۽ اکيون ڪڍڻ ايترو سولو نه آهي، تنهنڪري ڪنهن ٻي رٿابنديءَ جو چئي اجلاس ملتوي ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا.
هوڏانهن جوڳي اڃا علي بندر جي جهريل نشانن وٽان مس اڳتي ٽَپي ٿو ته کيس ڪڍڻ جي معصوم ”مقدس“ سان ٿيل بربريت جي ڪرڀناڪ خبر ملي ٿي ۽ سندس ڪلهي مان گودڙي ڪري پئي ٿي ۽ مرلي ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃي ٿي ته مٿان فقير ڏانهس هيءُ بيت موڪلين ٿا:
بندر جا ڀئي، ته سکاڻيا مَ سمهو
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جينئن ماٽيءَ منجهه مهي
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!
۽ جوڳي وري اٿي ٿو ۽ ڪريل گودڙيءَ ۾ زريون زريون ٿي ويل مُرلي وجهي پنڌ پوي ٿو ۽ سوچي ٿو ته هن ديس خلاف هاڻ مذهبي نفرتن، سماجي اذيتن ۽ هر طرح جي سازش جا مَنڊَ منڊبا پر اهو ان اطمينان سان پنڌ ڪري ٿو ته صديون اڳ ڀٽ تان جا صدا بلند ٿي هئي، ان جڏهن هاڻ عملي روپ اختيار ڪيو آهي ته هاڻ انهن صدائن جو ڪنڌ ڪير به لاهي نه سگهندو، هو سوچيندو جڏهن هڪ شهر وٽان لانگهائو ٿئي ٿو ته اتي سنڌ، مسجد ۽ مندر وارين نفرتن خلاف روڊن تي اڀ ڏاريندڙ صدائون بلند ڪندي ملي ٿي ۽ جوڳيءَ جي چهري تي مسڪراهٽ پکڙجي وڃي ٿي ۽ هو گنجي ڏونگر جي بلڪل ويجهو پهچي وڃي ٿو ۽ هڪ ڀيرو وري لطيف سائين جا فقير جوڳيءَ کي گنجي ڏونگر متعلق ٻڌائين ٿا:
پيئي جنين باس، گنجي ڏونگر گام جي
ڇڏي سڀ لباس، لوچي لاهوتي ٿيا.
۽ جڏهن جوڳي گنجي ڏونگر تي پهچي ٿو ته کيس ان بيت جي مفهوم جي ڪجهه ان طرح خبر پئي ٿي ته هن ديس جي لوچ هاڻ سڀن شڪستن کان مٿاهين ٿي چڪي آهي ۽ هو سمجهي وڃي ٿو ته هاڻ هن ديس کي ڪابه وحشت وات ۾ وجهي نه سگهندي ۽ جڏهن جوڳي گنجي ڏونگر جي رازن ۽ رمزن کي سمجهي وٺي ٿو ته هڪ ڀيرو وري گودڙي ڪلهي ۾ وجهي پنڌ پئي ٿو ۽ سمجهي وڃي ٿو ته:
پيو جن پرو، گنجي ڏونگر گام جو،
ڇڏي کيٽ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.
۽ پوءِ جوڳي هلندو وڃي ٿو، انهن آڏ تراڇن، آهڙن ۽ ڏونگر جي ڏاڪن تان، جتان سنڌ جي سسئي پنڌ پچايا هئا.....قصو نا تمام.

ھڪ وڇڙي ويل وقت جو نوحو....



ھي ان دور جي ڳالھ آھي جڏھن سنڌ جي نوجوانن جي اکين مان آدرشن جي آڳ نڪرندي ھئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ پٺيان قاسم جي ڪينٽين تي نوجوان جي ھٿن ۾ ڳاڙھن جلدن وارا ڪتاب ۽ بحثا بحثي جا رنگ الڙ جوانين کي آدرشن جي تڪميل لاءِ بيتاب رکندا ھئا ۽ انھن ئي ڏينھن جي ڳالھ آھي جو آءُ لال بتيءَ جي گيٽ کي الاءِ ڇو گھوريندي گاڏي کاتي وڃي ريڙھن تي پيل سَستن ڪتابن کي اٿلائيندو ھوس ۽ ڪڏھن ته چاھيندي به ڪو ڪتاب خريد  ڪري نه سگھندو ھوس جو واپس ڄامشورو رَسَڻ لاءِ ايس آر ٽي سي بس جي ڀاڙي جو مسئلو پيدا ٿي پوندو ھيو. اسان انھن ماڻھن مان نه ھئاسين جيڪي ڀڳل بسن جي ڪراڙن ڪنڊيڪٽرن کي ڪرايو نه ڏيندا ھئا نه ڪي اسان انھن مان ھياسين جي ڪينٽين تي مفت ۾ ماني کائي ڌوٻيءَ کان وڳا استري ڪرائيندا ھئا، اسان کي سيکاريو ويو ھيو ته آدرشن جي تڪميل لاءِ ڪردار پھريون شرط آھي، شايد تڏھن ته اسان جون محبتون به اکين جون سرحدون پار نه ڪري سگھنديون ھيون ۽ اسان کي صرف ٿڌا شوڪارا ئي نصيبن ۾ ھوندا ھيا. ان دور جو به پنھنجو رومانس ۽ پنھنجون وارتائون ھونديون ھيون، ڪينٽين تي دال سان ماني رڳي ان ڪري کائبي ھئي جو پئسا بچائي ڪتاب وٺڻا ھوندا ھئا ۽ پوءِ ڪيئي ڪتاب ورتاسين، پڙھياسين ۽ پڙھاياسين.
ھاڻ ڪتاب سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪنھن نئين ديس کان آيل اوپرن ماڻھن وانگر ٿي پيا آھن، بحث جو موضوع ھاڻ قومپرستي،جمھوريت، سرمائيداري ۽ سوشل ازم نه پر ڊپارٽمينٽ جي اُھا ڇوڪري بڻجي پئي آھي جيڪا ٽائيٽ جينس جي پينٽ ۽ سنھڙي ڪڙتي سان ڪاريڊورس ۾ اجايا چڪر ڪاٽي ٿي، چاھتون ته اسان واري دور ۾ به ھونديون ھيون پر انھن چاھتن ۾ به ڪنھن ڇوڪري جي جسماني بناوت کان وڌيڪ ان جي آدرشي اڏار ھوندي ھئي ۽ ھا اھڙيون نينگريون به پڙھنديون ھيون جيڪي ڪچھريءَ ۾ ڀٽائي جي بيتن سان محبت جي تشريح ڪنديون ھيون ۽ اھا تشريح رڳي ٻن وجودن جي ميلاپ تائين نه پر ان کان گھڻو اڳتي محبت ۽ انقلاب جي سنگم سان تبديليءَ جي تصور کي حسين بڻائي ڇڏيندي ھئي. مونکي اھا نينگري ياد آھي جيڪا لطيف جو سُر سامونڊي پڙھي وڇوڙي ۽ ميلاپ تي جڏھن ڳالھائيندي ھئي تڏھن اسان سڀ اندر ئي اندر ۾ ان نينگري مٿان عاشق ٿي پوندا ھئاسين ۽ اھو عشق اڄ به وجود جي ڪنھن ڪنڊ مان ائين جھوتُون ڏيندو آھي جو ڄڻ ته ان نينگريءَ کي اڃان تائين ڪو وڻجارو نه مليو ھوندو، دل جي دنيا وٽ وقت جي شايد ڪا به معني نه ٿي ھجي!
۽ پوءِ ڪَلَ ئي نه پئي جو گھڻو ڪجھ بدلجي ويو، جن ھٿن ۾ ڪتاب ھوندا ھيا ھاڻ انھن ھٿن ۾ موبائلون آھن، رڳي اھو نه پر  ھاڻ ته وارن ۽ ڪپڙن جي ڪٽنگ به انڊين فلمن جي اداڪارن واري ٿي پئي آھي، تبديلي نه ته مِھڻو آھي ۽ نه ئي ڪا خراب ڳالھ ، اِھا تبديلي ارتقا جو حصو ھوندي اڻٽر آھي پر جي تبديلي بجاءِ تباھي ٿئي ۽ اسان جي وجود جو ڪچو گھر  پڪو ٿيڻ بجاءِ  زمين دوز ٿيڻ لڳي ته پوءِ سنڌ جي وجود مان ھڪ درد ڀري رِيھ ته ضرور نڪرندي ۽ سنڌ ھاڻ پنھنجن نوجوانن جي اَرڪانن تي ريھون ڪري رھي آھي جو جنھن ديس جا آدرش وارَن جي فلمي ڪٽنگ ۾ گم ٿي وڃن ۽ محبتون آدرشن جي مقدس لباس بجاءِ رڳي جنسي بک جو روپ ڌارين توڙي سياست محض دنڌو ٿي وڃي ته پوءِ سنڌ پنھنجي پِيڙا جي دانھن ڪنھن کي ڏئي؟ ۽ ڪنھن کي چوي ته ھاڻ منھنجو اولاد حق موجود ۽ جيئي سنڌ چئي ملڻ بجاءِ ھاءِ، ھيلو چئي ھڪ ٻئي سان ملي ٿو ۽ موبائلن تي ميسيج موڪلي ٿو ۽ سنڌ سوچي ٿي ته ڇا موبائيل تي حق موجود ۽ جيئي سنڌ نه ٿي لکي سگھجي؟ يا پئڪيجن جي دنيا رڳي جنسي ڪچھري جي لاءِ خلقي وئي آھي؟ ڇا پئڪيجن جي ان دنيا مان ڀورو ڀيل جي تذليل ڪيل لاش تي نه ٿو ڳالھائي سگھجي يا وري سنڌ اندر انتھائي تيزيءَ سان وڌندڙ جنون ۽ ڳوٺن تائين پھتل ۽ پڙھائي ويندڙ انتھا پسندي تي ڪچھري نه ٿي ڪري سگھجي؟. سنڌ جنھن جي وجود جي زري زري تي ويرين جا واجھ وڌل آھن، جنھن جي وجود کي ڀوتارڪي جھان چيريندو، ڦاڙيندو فنا ڪري رھيو آھي، جنھن جا لکين ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آھن، جنھن جون 70 سيڪڙو عورتون خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ھوندي روزانه ڪيتريون ئي ويم دوران مري وڃن ٿيون، جنھن ديس وٽ اڻ ڳڻيا وسيلا ھئڻ باوجود ھٿن ۾ ڪشتو آھي ته ان ديس جي نوجوانن وٽ رڳي ٽائيٽ جينس وارا آدرش ھجن ته پوءِ سنڌ رڳي حيران نه پر ريھون ڪرڻ جو به حق رکي ٿي.
سنڌ به ائين ئي پيڙا ۾ آھي جيئن ٻھراڙيءَ جو ماڻھوءَ  اولاد نه ٿيڻ تي پيڙا مان گذرندو رھندو آھي ۽ پنھنجي خاندان جي نشاني پيدا نه ٿيڻ تي پريشان ھوندو آھي ۽ گَھر جون وڏيون، ننھرن کي نڀاڳي ھئڻ جا تعنا ڏينديون آھن، تيئن سنڌ به شايد پريشان آھي ته سندس آدرشي نسل جون مائون سَنڍُ ڇو بڻيو آھن؟ ڇا انھن آدرشي انسان جيڪي سنڌ جي اميد ھئا، ھڪ يقين جھڙو آسرو ھئا، جن جي قلمن ۽ زبانن جي لفظ لفظ مان جياپي جھڙا پَڪَ وارا ٻول ٻڌبا ھئا، جيڪي جذبن کي جَلا بخشيندا ھئا، انھن پنھنجو ڪو به شعوري نسل پوئتي نه ڇڏيو؟  ڇا ھاڻ اھڙو ڪو به استاد پيدا نه ٿيندو جيڪو ڪنھن شاگرد جي پيءُ وٽ پھچي ان کي ھوشيار ڪندو ھيو ته تنھنجو پٽ پڙھائي تي توجھ نه ٿو ڏئي، ان مٿان نظر رکُ! ڇا ھاڻ اسان جا ادارا اھڙا پروفيسر پيدا نه ڪندا جيڪي شاگردن جا صوبيدار نه پر يار ھوندا ھئا، ڪالھ جي ته ڳالھ  آھي جو فلاسافيءَ جو سر جاويد ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڏاھپ تي ڳالھائيندو ھيو ۽ سندس ڪمري تي به شاگردن جا بي رحم سوال ميڙو مچايو ويٺا ھوندا ھئا، ھاڻ ته پروفيسر جيجي خيري( پروفيسر خيرالنساءِ جعفري) به نه رھي آھي جا پَن جي ٻيڙي دکائي ڇوڪرن کي چوندي ھئي ته “ ڇورا مون تي عاشق ٿيا آھيو ڇا؟ خبر اٿم ته انسان جو وڏو مسئلو پيٽُ ۽ پيٽَ کان ٿورو ھيٺ آھي”، ۽ جيجي خيريءَ جي ڪلاس جا ڇوڪرا انتظار ڪندا ھيا، سچ به اُھو ھڪ خوبصورت منظر ھوندو ھيو، نفسيات جي پروفيسر جا سمجھندي ھئي جوانين جي نفسيات کي ۽ ان وقت شاگردن جو پنھنجي استاد کان  خوف به ھڪ  حسين خوف  ھوندو ھيو، ھڪ اھڙو ڀوء جيڪو ماءُ ۽ پيءُ کان ٿيندو آھي.......
۽ ھاڻ! تعليمي ادارا ته ڇا پر سنڌ به خود سنڌيءَ جي “ماٺ ڀلي” واري پھاڪي جھڙي بڻجي پئي آھي ۽ اسان سڀ ماٺ جي مصلحتن جي اڏيءَ تي ڪُسجي رھيا آھيون ۽ ڪو به حليم بروھي نه رھيو آھي جيڪو ڪنھن جي به پرواھ کان سواءِ اھڙو سچ ڳالھائي ۽ ڏاھپ جي اڏار لاءِ اھڙا ڏَسَ ڏئي جو اسان مان ھر سمجھ ڀريو پنھنجي اندر ۾ حليم بروھي ٿي ھَلي، تڏھن ته سنڌ سوچي ٿي ته ھي ڪھڙي جديديت آھي جنھن منھنجي روح جو ساھ ئي منجھائي ڇڏيو آھي. sindhi_chandio@hotmail.com