Saturday 6 September 2014

.......۽ نيٺ ملڪي سياست جو اصل مرڪز سامھون اچي ويو.



.......۽ نيٺ ملڪي سياست جو اصل مرڪز سامھون اچي ويو.
غلام رسول چانڊيو
ھاڻ اھو چوڻ ۾ ڪا به ھٻڪ محسوس نه ڪرڻ کپي ته ورھاڱي کانپوءِ ملڪي سياست جي اصل واڳ ڪنھن وٽ پئي رھي آھي ۽ اسلام آباد جي ڌرڻن کانپوءِ  جمھوريت جي دعويٰ ڪندڙ نواز شريف آخرڪار آرمي چيف اڳيان جمھوريت جي ڪيڪ کي پليٽ ۾ رکي اھو عرض ڪري ويٺو ته اوھان جي شيء اوھان جي ھٿ ۾، ھاڻ جو دل چوي اُھو ڪريو ۽ مونکي وزير اعظم رھڻ ڏيو باقي جو اوھان چوندئو اھو ئي ٿيندو! معنيٰ ته مون اوھان اڳيان توبھه ڪئي......... خبر نه آھي ته ھن مضمون ڇپجڻ تائين اسلام آباد جي صورتحال ڪھڙي بيٺل ھجي پر پاڻ ھن ملڪ جي شروع کان وٺي سياسي ڪيفيت ۽ تاريخ تي ھڪ سرسري نظر وجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
بنيادي طور تي ھن ملڪ ٺھڻ کان وٺي ٽي طاقتون ھڪ ئي وقت ھڪ ٻئي خلاف سرگرم عمل پئي رھيون آھن جن ۾ ھڪ سول بيوروڪريسي ٻي ملٽري بيوروڪريسي ۽ آخري سياستدان شامل آھن جيڪي پھنجي جوھر ۾ مٿئين ڪلاس سان لاڳاپيل ھجڻ ڪري صرف ڪرسي جي جنگ ۾ مصروف پئي رھيا آھن ۽ انھن جي ايجنڊا تي عوام صرف ووٽ وٺڻ لاءِ پئي رھي آھي، جڏھن ته اھي قوتون جيڪي عوامي ايجنڊا کڻي جدوجھد ڪنديون رھيون آھن، انھن جي آجيان ھميشه جيل، تشدد،سزائون ۽ موت ڪندو رھيو آھي، سو ان ڳالھ کي جيڪڏھن ھيئن به ورتو وڃي ته خود سياست ۾ به مختلف شڪليون پئي رھيون آھن، جنھن ۾ ھڪڙا اسٽيبلشمينٽ جي اجازت ۽ سندن ايجنڊا تحت ڪم ڪندا رھيا آھن ۽ ڪيترا ته پيدا ئي سندن ڪيل آھن جيڪي سندن مفادن لاءِ وڙھندا رھيا آھن تڏھن به غلط نه ٿيندو . ھن ڳالھ کي جيڪڏھن ذوالفقارعلي ڀٽو تائين کڻي اچجي ته سموري ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويندي ته ڀٽو صاحب پھريون سياستدان ھيو جنھن سول توڙي ملٽري بيوروڪريسي سان مھاڏو اٽڪايو ۽ سندس انجام ڦاسيءَ جي شڪل ۾ سامھون آيو ۽ ثابت ٿيو ته سول توڙي ملٽري بيوروڪريسي ئي ھن ملڪ جي اصل طاقت رھي آھي ۽ رھڻي آھي، جيڪڏھن ڳالھ کي سولي سنڌيءَ ۾ سمجھائجي ته معاملو ڪجھ ھن طرح بيھندو ته اسٽيبلشمينٽ ھن ملڪ جي وارث ھوندي ھميشه اھو ثابت ڪندي رھي آھي ته اسان جو پيدا ڪيل جيڪڏھن اسان جي ڪڍيل ليڪي کي ڪراس ڪندو ته ان جو حشر ڀٽي کان وٺي محمد خان جوڻيجي جھڙو ٿيندو ۽ نواز شريف سان ڪجھ اھڙو ئي ٿي رھيو آھي جو ھو پنھنجي ھر دور حڪومت ۾ پنھنجن ئي مالڪن سان مھاڏو اٽڪائيندو رھيو آھي.
اھڙي طرح  اڄ جيڪڏھن چتائي ڏسجي ته ملڪ جنھن سياسي، سماجي،معاشي ۽ رياستي بحران جي ور چڙھيل آھي اھو شايد پھريون موقعو ان ڪري به چئي سگھجي ٿو جو ھن دفعي سولين ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جھيڙي جا بنياد اقتدار کان گھڻو اڳتي ڏسجي رھيا آھن. ڳالھ رڳو نواز شريف کي ھٽائڻ تائين محدود نه پئي ڏسجي، ھن جھيڙي کي اسٽيبلشمينٽ ۽ سول سرمائيداريءَ جي ٽڪراءَ واري تناطر ۾ به ڏٺو پيو وڃي. اھو ھڪڙو روشن سچ آھي ته نوازشريف ھڪ وڏو سرمائيدار ھوندي، پھنجي سڀني صورتن ۾ پنجاب جو نمائندو آھي جيڪو انڊيا سان سٺا تعلقات رکي پنھنجي سرمائي کي وسعت ڏيڻ چاھي ٿو، جنھن لاءِ ضروري آھي ته کيس پاڪستان کان وڏي مارڪيٽ گھربل آھي ۽ اھا مارڪيٽ انڊيا ئي ٿي سگھي ٿي جو باقي پاڙيسري ملڪ سندس سرمائي جي سيڙپ لاءِ مناسب نه آھن ۽ ان کانپوءِ سندس نظرون عالمي مارڪيٽ تائين پھچڻ واري خواھش ڏانھن وڃن ٿيون، ممڪن آھي ته منھنجي اھا ڳالھ درست نه به کڻي ھجي پر جيڪڏھن دنيا جي سياست مان سرمائي کي ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ سياست کي ڪٿي بيھارجي؟  علم سياست جا استاد اھو ئي ٻڌائين ٿا ته سياست جا بنياد سرمائي يا معاشيات تي دنگ ڪن ٿا.    سو ان تناظر ۾ به نواز شريف لاءِ پيدا ٿيل صورتحال کي  ڏسڻ گھرجي
اھڙي طرح اسٽيبلشمينٽ به ھاڻ رڳي سرحدون سنڀالڻ تا ئين محدود نه رھي آھي، سندس اڄوڪي شڪل سرمائيداريءَ تي بيٺل نظر اچي ٿي. پيٽرول پمپن کان ويندي روڊن جي ٺيڪن، بيڪرين ۽ سرمائي جي سڀن صورتن ۾ ملي ٿي، تنھنڪري اھو سمجھڻ ايترو به ڏکيو نه ھجڻ گھرجي ته موجوده بحران جا سبب رڳي اليڪشن ۾ دانڌلين يا وري قادري صاحب جي 10 نقطن تي دنگ ڪن ٿا، سنجيده ھلڪا معاملن کي ڪجھ ان نظر سان به ڏسن ٿا ته ھيءَ جنگ رڳي مطالبن جي جنگ نه پر ھن جنگ جا پيرا مختلف مفادن ڏانھن به وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي ھڪ نجي چينل کي ڏنل انٽرويو تي غور ڪرڻ جي به ضرورت آھي جنھن ۾ مشرف سڌي طرح اھو چئي ڏنو آھي ته ھن ملڪ ۾ جاگرافيائي تبديليءَ جي سازش ٿي رھي آھي ۽ آمريڪا ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت بند ڪري ۽ مشرف طرفان ٻيون به کوڙ ساريون اھم ڳالھيون چيل آھن جيڪي ھن ملڪ ۾ عالمي مداخلت ڏانھن واضع اشارو ڪن ٿيون ۽ لڳي ڪجھ ائين رھيو آھي ته ھن ملڪ جا مسئلا ھاڻ ٻنھي طرفن کان پنھنجن آخري فيصلن جي تقاضا ڪري رھيا آھن.
خبر نه آھي ته جنھن وقت اوھان ھيءُ مضمون پڙھي رھيا ھوندا ته ان وقت اسلام آباد جي ڪھڙي صورتحال ھوندي پر ھڪ ڳالھ صاف آھي ته ھن ملڪ جون اصل قوتون مختلف تجربا ڪرڻ کان پوءِ شايد ھڪ آخري تجربو به ڪرڻ گھرن ٿيون جنھن ۾ کين پنھنجي سرمائي جي حفاظت ۽ واڌ سميت ھتان جي ننڍين قومن طرفان اٿندڙ ۽ ھلندڙ مزاحمتن کي به ختم ڪرڻو آھي، جڏھن ته مشرف کان ويندي سندن مرضي خلاف ٿيندڙ ھر قد م کي به روڪڻو آھي، سو ھن سموري ماجرا کي رڳي دانڌلين يا بنيادي تبديليءَ جي تناظر ۾ ڏسڻ دانشمندي نه ھوندي............
                                                                                                          sufighulamrasool@gmail.com

No comments:

Post a Comment