Thursday 9 July 2015

ملڪ اندر پيدا ٿيل بحرانن جو انت ڪٿي ٿيندو؟


                                               

پاڻ ان ديس جا رھواسي آھيون جتي قانون جا ڪتاب تڏھن کلندا آھن جڏھن قانون وڏن محلن جا در کڙڪائڻ لڳندو آھي ۽ پوءِ قانون ۽ آئين جون تشريحون، صوبائي خود مختياريون ۽ صوبن جي حقن تي ڌاڙن جي ڳالھ ٿيڻ لڳندي آھي ۽ اھا ڪيڏي نه حيرت جي ڳالھ آھي ته قائم علي شاھ کي صوبائي خود مختياري ۽ سنڌ سان ذيادتين جي ڳالھ تڏھن ياد آئي آھي جڏھن نيب، ايف.آءِ.اي ۽ رينجرس ڪرپشن ۽ امن امان لاءِ انھن ڌرين جا در کڙڪايا آھن جيڪي ڌريون عوام جو رت چوسي ملڪ جي  امير ترين ماڻھن جي لسٽ ۾ شامل ٿيون آھن. پاڻ اھو بلڪل نه ٿا چئون ته اھي ڄاڻايل رياستي ادارا پاڪ صاف ۽ مسجد جا ڪک آھن ۽ انھن جو عوام لاءِ اوچتو ھيانءُ ڇِڏڻ شروع ٿيو آھي ۽ پاڻ اھو به سمجھون ٿا ته ھي سمورو لقاءَ اصل ۾ رياستي تضادن جو اھو اظھار آھي جنھن جا پيرا ھن ملڪ جي ٺھڻ واري تاريخ يا ٺھڻ کان اڳ وارن مستقل مفادن تي اچي دنگ ڪن ٿا. ڳالھ جيڪڏھن سولي ڪجي ته اھا ڪجھ ھن طرح وڃي بيھندي ته ھن وقت خاص طور سنڌ ۽ عام طور ملڪ اندر نيب ايف. آءِ. اي ۽ رينجرس جون ڪاروايون پنھنجي پيش منظر ۾ ڪرپشن، امن امان، دھشتگردي ۽ ملڪ دشمن عنصرن خلاف ڏسجي رھيون آھن ۽ ڪنھن حد تائين ائين آھي به پر پنھنجي ڪُلي شڪل ۾ ان جو پس منظر ٻيو به آھي.
اسان جھڙين رياستن اندر ادارن وچ ۾ تضاد جون مک ٻه صورتون ٿين ٿيون، جنھن ۾ ھڪ صورت عوامي مفادن ۽ ٻي صورت ادارن اندر ويٺل ماڻھن جي ذاتي مفادن تي مبني ھجي ٿي جڏھن ته رياست جي دائميت واري ڳالھ تضادن باوجود سڀن جي ايجنڊا تي ٿوري گھڻي فرق سان ساڳي  ھجي ٿي. جيڪڏھن پاڻ انھن نقطن تي غور ڪريون ته ڳالھ ڪجھ ھن طرح سامھون ايندي ته ھي رياست پنھنجي وجود کان وٺي عوامي رياست ان ڪري به نه آھي جو اڄ به مجموعي طور تي ھڪ خاص صوبي جو عوام ھن ملڪ جو اصل مالڪ ھوندي ننڍين قومن جي وسيلن تي پلبو رھيو آھي بلڪه اھو چوڻ اڃان به وڌيڪ مناسب ھوندو ته ھن ملڪ جو وجود ئي عوام دشمن قوتن جي مفادن ۽ ھتان جي تاريخي قومن جي استحصال لاءِ پيو ھيو ۽ اھا پاڻ سڀن کي خبر آھي ته ھتان جون ننڍيون قومون ملڪ ٺھڻ کان وٺي ان خواب جي ساڀيان لاءِ دانھون ڪنديون رھيون آھن جنھن خواب ۾ سندن وجود، قومي سڃاڻپ، بقا ۽ ترقيءَ جا واعدا ڪيا ويا ھئا پر اڄ تائين انھن قومن جو آواز ٻڌڻ بجاءِ انھن کي ملڪ دشمن سڏي تباھي جا سڀ رستا اختيار ڪيا ويا آھن ۽ انھن قومن ۾ خاص طور سنڌي قوم سڀن کان وڌيڪ نه رڳي ڀوڳيو آھي پر وسيلن سان مالا مال ھوندي به ان ھنڌ تي پھچائي وئي آھي جو ھاڻ سنڌ جو ماڻھو پنھنجي بقا جي سنگين خطري ۾ گھيريل آھي. اھڙي طرح ٿوري گھڻي فرق سان ھن ملڪ جون ٻيون قومون به استحصال جون شڪار آھن ۽ اڄ تائين ھن ملڪ ۾ حقيقي عوامي جمھوريت اچڻ بجاءِ ھي ملڪ جاگيردارانه جمھوريت ۽ بدترين آمريت ھيٺ پيسجندو رھيو آھي جنھن جو مقصد اھو به وٺي سگھجي ٿو ته ھي جھيڙو ڪنھن به صورت ۾ عوامي حقن جو جھيڙو نه پر جاگيردارنه جمھوريت ۽ آمريتي قوتن جو جھيڙو آھي جنھن جو اظھار موجوده صورت ۾ سامھون اچي رھيو آھي جو آصف زرداريءَ کان وٺي نواز شريف کي جمھوريت جو دردناڪ اونو ٿي پيو آھي ۽ حڪومت ۾ ھوندي به مظلوميت، قانون ۽ اختيارن جون حدون ھڪ ٻئي کي ياد ڪرايون پيون وڃن.
ڇا ڀلا اھا سادي  ڳالھ ڪنھن کي سمجھ ۾ نه ايندي ھوندي ته سرڪار يا رياستي ادارن کي رڳي  بي بي سي جي رپورٽ کان پوءِ پتو پيو آھي ته ايم ڪيو ايم ملڪ دشمن ۽ ھندستاني ايجنسي “را” کان مدد وٺي رھي آھي؟  يا کين اھا خبر ھاڻ پئي آھي ته ملڪ ۾ وڏي پيماني تي مٿئين سطح کان وٺي ھيٺئين سطح تائين ڪرپشن ٿي رھي آھي؟ اھڙي طرح انتھا پسندي يا دھشتگردي جي پاڙن تائين رياست جي رسائي حاصل نه ھئي؟ ھي ملڪ پنھنجي ڪيترين ئي ڪيفيتن ۾ حيرتن جو ملڪ آھي ۽ عوام سان دوکن جي سلسلي ۾ ھن ملڪ جي تاريخ به پنھنجي جدا انوکائپ رکي ٿي. پاڻ سڀن عام ماڻھن کي ئي خبر آھي ته ايم ڪيو ايم ھڪ دھشتگرد تنظيم آھي ۽ ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جو وجود ئي سنڌين کان پلاند طور وجھايو ويو ھيو ۽ پاڻ سڀن کي اھا به خبر آھي ته انتھا پسندي ۽ دھشتگردي جا بنياد ئي ھن رياست پاڻ وڌا ھيا. ڀلا اھا ڳالھ ڪنھن کان لڪل ھئي ته ملڪ جي چپي چپي تي مدرسن ۾ ڇا ڪيو پئي ويو ۽ اڃان تائين ڇا ڪيو پيو وڃي؟ ضيائي مارشلا واري دور ۾ مجاھدن کي پالڻ ۽ عالمي سرمائيدار لاءِ استعمال ٿيڻ جي سزا ھن وقت به ملڪ جو معصوم عوام ڀوڳي رھيو آھي ۽ ملڪ جون بازارون ۽ مقدس جايون رت سان رنڱيون پيون آھن ۽ رڱجي رھيون آھن سو جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ھن وقت جو جھيڙو ڪو عوامي حقن بجاءِ اصل ۾ ڪالھ جي اتحادي سول ۽ عسڪري ڌرين جي وچ ۾ اڄ جو اھو جھيڙو آھي جنھن ۾ مفادن واري آخري جنگ ساھ کڻي رھي آھي ۽ پڻ ڏاھن ماڻھن واتان اھا ڳالھ به ٻڌڻ لاءِ ملي ٿي ته ھن جھيڙي جا پيرا خطي اندر پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ڏانھن به وڃن ٿا بس ان جھيڙي جي اظھار ۾ تبديلي ڪجھ ھن طرح آئي آھي جيئن ڪي گھاٽا يار وڙھي ھڪ ٻئي جا سڀئي عيب ظاھر ڪندا آھن يا کڻي ائين چئجي ته چورن جي ويڙھ ۾ ڀاڳين جو ڀلو ٿيندو آھي ۽ ھن وقت به اھا ساڳي صورتحال آھي جنھن ھڪ ڌر طرفان  ڪرپشن جا عيب ظاھر ڪيا پيا وڃن ته ٻئي ڌر طرفان اختيارن جي حدن جون دانھون ڪري گڏ ڪيل مال ۽ اقتداري مزن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
مٿين ڳالھين باوجود ھڪڙي ڳالھ بھرحال سڀئي عقلمند ڌريون ڪري رھيون آھن ته ھن مفادن واري جنگ ۾ اھا ڳالھ به موجود آھي ته ڊگھي عرصي کان وٺي خراب حڪمراني، عالمي قوتن لاءِ استعمال ٿيڻ، دنيا اندر اڪيلائي جو شڪار ٿيڻ سميت رياست کي سنگين خطرن سبب به ھتان جون اصل قوتون معاملن کي ڪنھن حد تائين درست ڪرڻ گھرن ٿيون ته جيئن رياست جي وجود کي قائم رکي سگھجي جو سڀن ڌرين جي مفادن جو ميدان بھرحال رياست جي قائم ھجڻ ۾ آھي پر بدقسمتي سان ان سموري صورتحال ۾ بنيادي قدمن کڻڻ بجاءِ روايتي جنگي ۽ پراڻي طريقئه ڪار کي اختيار ڪيو پيو وڃي جنھن جا نتيجا بھرحال ڪنھن چڱائي جي صورت ۾ اچڻ جا امڪان گھٽ آھن جو ڪرپشن ملڪ جي رڳ رڳ ۾ ڦھلجي چڪي آھي، دھشتگردي رڳي وارڌاتن نه پر ھڪ سوچ جو نالو آھي جنھن کي ھڪ سوچ سان ئي ختم ڪري سگھجي ٿو ۽ دشمن ملڪن کان مقامي تنظيمن طرفا مدد وٺڻ کي روڪڻ جو حل بھرحال موجوده  جنگي طريقئ ڪار بلڪل به نه آھي.
ان ڪري ڪيترا ڏاھا ماڻھو ان ڳالھ تي متفق نظر اچن ٿا ته ھن رياستي، حڪومتي، سماجي، عوامي ۽ قومن جي بحران جو حل صرف ان ۾ آھي ته ھن ملڪ ۾ سڀ کان پھريان قومن کي تسليم ڪري انھن جي تاريخي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏيڻي پوندي، ويندي ھاڻ ته اھي مطالبا به سامھون اچي رھيا آھن ته ھن ملڪ لاءِ ھاڻ ھڪ نئين معاھدي جي اشد ضرورت آھي سو جيڪڏھن معاملا ٺيڪ ڪرڻا آھن ته پوءِ ملڪ جي ڪرپٽ ماڻھن خلاف بي رحم احتساب ڪري لٽيل دولت عوامي مفادن لاءِ استعمال ڪري رياستي ادارن کي عوامي حمايت حاصل ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ حالتن جي سنگيني ھڪ اھڙي بحران جي شڪل پيش ڪري رھي آھي جنھن ۾ گھڻو ڪجھ وڃائجي به سگھجي ٿو. آخري ڳالھ ته قائم علي شاھ رينجرس کي سنڌ اندر نه رھڻ جھڙو حڪم ڪڏھن به نه ٿو ڏئي سگھي جو اھو نه رڳي سندس وس جي ڳالھ نه آھي پر ھن ملڪ اندر عسڪري قوتون ئي اصل طاقت جو محور آھن.sufighulamrasool@gmail.com   Publiahed in daily koshish Hyderabad dated 9th July 2015