Tuesday 17 July 2012

Article on University of Sindh



سنڌ يونيورسٽيءَ جي المياتي ڪهاڻي
اسان پنهنجي اندر ۾، پنهنجي ئي جلاوطنيءَ جون جايون کڻي گهمون ٿا ۽ اسان جا ڏوهه توڙي پلاند جيئرن وڇن وانگر  اسان جي وجود ۾ سُرندي، اسان کي زهر آلود ڪري رهيا آهن ۽ اهو تاريخ جو ڪڙو سچ  آهي ته هڪ بيمار ذهن وڌيڪ بيمار ذهن پيدا ڪرڻ جي بهرحال صلاحيت رکي ٿو. تنهن ڪري ٻهروپين ۽ بيمار ذهن رکندڙ ماڻهن جي مهم جوئين جي مزاحمت ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي.
رڳو انسان ئي واحد مخلوق آهي جيڪو پنهنجي حقيقت کان انڪار ڪري ٿو ۽ ان انڪار جا تمام گهڻا پاسا آهن پر هڪ پاسو انا، ضد، ذاتي سچ جي زهريلي خواهش، شڪست ۽ فتح جي نفسياتي بيماري سميت روين جي تضادن واري بيماريءَ  جهڙا خطرناڪ رجحان به آهن، انهن ئي رجحانن عظيم مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ کي تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي سنڌ يونيورسٽي جي تباهي واري ايجنڊا ڪا هاڻوڪي ناهي، اهو قصو تمام گهڻو پراڻو آهي پر ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن ڌرين کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان  ئي ماڻهو ۽ ڪردار هاڻ وڃي مليا آهن جنهن تي سنڌ دشمن تمام گهڻو خوش آهن جو هنن جي ايجنڊا آسانيءَ سان پوري ٿي رهي آهي، انتظامي بحران به عقل ۽ دانش جي ڏڪار جي ڪري جنم وٺندو آهي  پر اسان مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهيون ته اسان جهالت کي دانشمندي سمجهندي توڙي پنهنجي احساس ڪمتري ءَ جي رد عمل ۾ پلاندن ۽ ضد واري نفسيات جو اظهار ڪندي بنيادي مقصدن جو قتل ڪري رهيا آهن، باوجود ان جي ته اسين ڄاڻو ٿا ته سماج ۾ اسان جو ڪهڙو تعارف آهي، پوءِ به اسان جو انڪار ۽ ضڊ” اُٺ ڪهي، مٽُ ڀڃڻ“ تي اچي بيٺو آهي،  سنڌ يونيورسٽي رهي يا نه، نذير مغل کي هر قيمت تي هٽائڻو آهي، بلڪل نذير مغل کي هڪدم  ان عهدي تان هٽڻ گهرجي ۽ هو اهل وائيس چانسيلر نه آهي پر ڇا اهو سڀ ڪجهه سنڌ يونيورسٽيءَ کي مڪمل طور تي ختم ۽ بند ڪرڻ واري سئودي تي ٿئي، ؟ هزارين سنڌين جو قاتل جنرل ضيا جيڪڏهن جهاز حادثي ۾  مري نه وڃي ها ته محترمه بينظير ڀٽو جنرل ضيا جي صدارت هيٺ وزير اعظم ٿئي ها ۽ ائين ٿيو به جو جنرل ضيا جي خاص ماڻهو غلام اسحاق خان جي صدارت هيٺ محترمه بينظير  ڀٽو وزيراعظم بڻي۽ صاحبزاده يعقوب ۽ جنرل ضيا جا خاص ماڻهو سندس ڪابينا ۾ شامل هئا ۽ اڄ قاتل ليگ حڪومت ۾ شامل هجڻ سان گڏوگڏ ڀاڱي ڀائيوار آهي. انهن ڳالهين جو قطعي مقصد اهو  نه ٿيو ته سوٽا جي عهديدارن کي نااهل وائيس چانسيلر سان گڏ ويهڻ گهرجي پر ان جو اهو به مقصد نه ٿيو ته هڪ خراب ماڻهو جي ڪري يونيورسٽي کي ئي ختم ڪرائي ڇڏجي.!!!
سنڌ يونيورسٽي 25 هزار شاگردن، 500 استادن ۽ ساڍا 2500 سئو ملازمن جو نالو آهي، رڳو اهو نه پر سنڌ جي هيءَ قديم يونيورسٽي سنڌ جو دماغ هوندي، غريبن جي واحد يونيورسٽي آهي جتي والدين پنهنجو مال متاءُ وڪڻي قرض کڻي ۽ ڪيترن مصيبتن کي منهن ڏئي پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاءِ موڪلين ٿا ۽ پوءِ جڏهن انهن جي هٿن مان پنهنجي يونيورسٽي جا استاد صاحبان پيپر کسي انهن جي سامهون ڦاڙين جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون سڄي سڄي رات پڙهي پڙهي صبح جو سوير يونيورسٽي ۾ پيپر ڏيڻ اچن  ۽ پوءِ اهي ڦاڙيا وڃن،۽ سندن اولاد جا لاش ڳوٺن ڏانهن روانا ٿين ته ڇا اها ڪنهن جي خدمت ٿئي ٿي.؟، هتي ڳالهه عزت ۽ بي عزتي جي ناهي، هي سوال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بقا جو آهي، جنهن جو سئودو ڇا ايترو مهانگو  آهي جو اسان ادارو ئي ختم ڪرائي ڇڏيون.!!؟ ڪرپٽ سماج ۾ دانش جا ڌڻي جيڪڏهن 50 ڪرپٽ ماڻهن مان صرف هڪ لاءِ ليڪو ڪڍي بيهن ته اهڙي دانش کان ڀينگ ڀلي آهي،!! نااهل بڻايل وائيس چانسيلر جي موڪل تي وڃڻ کانپوءِ مانواري ڊاڪٽر پروين شاهه  قائم مقام وائيس چانسيلر ٿي، ته سوٽا ۽ سيوا وارن تحريڪ ختم ڪري ڇڏي، کانئن الائي ڇو وسري ويو ته ڊاڪٽر پروين شاهه جي  4 مهينن جي دور ۾ ٻن  شاگردن دين محمد دل ۽ عبدالغفور نوحاڻي کي شهيد ڪري مائن جون جهوليون اجاڙيون ويون، 37 کان مٿي فائرنگ ۽ 17کان وڌيڪ جهيڙا ٿيا، جنهن ۾ شاگرد زخمي ٿيا ۽ اسپتالن حوالي ٿيا ته ڪيترا وري جيل ڀيڙا به ٿيا، سوين غير قانوني ڀرٿيون ٿيون ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري ايڊميشن سيل ۾ ناجائز  داخلائون ڏنيون ويون، ويندي ويندي حلف وفادري تقريب جي نالي ۾ لکين روپيا رشوت طور جاري ڪرڻ سميت استادن جي فيڊريشن جي اسلام آباد جي اجلاس لاءِ هزارين روپيا جاري ڪيا ويا. سينيئر استادن کي ڇڏي جونيئرس ۽ سوٽا جي حامي استادن کي پرڏيهه ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جون منظوريون ڏنيون ويون، ۽ ڪيترن کي بنگلا الاٽ ڪرڻ جا حڪم نامه جاري ڪيا ويا، يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي لکين روپين جي ڪرپشن ڪري ڪيمپس کي ڇانوڻي بڻايو ويو. من پسند ماڻهن کي ڪوارٽر ۽ بنگلا الاٽ ڪيا ويا ۽ ٻيو الاءِ ڇا ڇا ٿيو !!، پر اسان جي عظيم سوٽا صرف انڪري احتجاج ختم ڪيو  جو کين، انتظامي عهدا مليا ۽ يونيورسٽي سندن آڱرين تي نچڻ لڳي، سوٽا قيادت جناح يونيورسٽي ءَ جي اسيمبلي مان بل جي منظوري، فنڊ جاري ٿيڻ اسپيشل فنڊ ملڻ، ڪلاس شروع ٿيڻ، جناح يونيورسٽي لاءِ زمين جي خريداري ٿيڻ تائين ٻُڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي،  هاڻ جڏهن  وي سي نذير مغل  کي هٽائڻ کان علاوه وٽن ٻيو ڪوبه اشو ناهي ته جناح يونيورسٽي جي قيام وارو راڳ الاپيو پيو وڃي، ( جنهن کي سنڌ جي سمورن ساڃاهه وندن مڪمل طور تي رد ڪيو آهي) ٻن ڳڀرو شاگردن جي شهادت تي تعزيت بيان به جاري نه ٿيو، شهيد بشير چنڙ جي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو، شاگرد يونين جي بحالي،  سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس مان پوليس ۽ رينجرز جي نيڪاليءَ وارا مطالبا الاءِ ڪيڏانهن ويا، !!؟. اسان ساڻن 3 مهينا صرف انهن مطالبن جي ڪري ئي روڊن تي رلياسين پر جڏهن سندن اصل مطالبا  ظاهر ۽ منظور ٿيڻ لڳا ته ڏندين آڱريون ڏئي الڳ ٿي وياسين ته وري اسان مٿان  وي سي نذير مغل جي حامي هجڻ واري فتويٰ جاري ٿي.
        الاءِ ڇو سوٽا جي عهديدارن کان اها ڳالهه وسري وئي ته نذير مغل جي خلاف آئون جنگ جوٽي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري رهيو هوس ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مزار اڳيان ۽ پريس ڪلبن اڳيان مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتالون ڪري رهيو هوس تڏهن سوٽا اڳواڻ سنڌ يونيورسٽي بچايو جي نالي تي آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪرائي سندن آجيان ڪري رهيا هئا ۽ پوءِ اوچتو ٻن سالن کان پوءِ  وي سي نظير مغل اناهل، ڪرپٽ ، دشمن ٿي پيو، !؟ سا ڳالهه بهرحال سنڌ کي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ مٿان وري ميارون اهي ته سول سوسائٽي، ساڃاهه وند ۽ سياستدان خاموش آهن،  اهي سڀئي ان تحريڪ سان گڏ هئا پر جڏهن تحريڪ جي اصل مقصدن جي کين خبر پئي ته پوءِ کانئن غير جانبدار رهڻ جو حق ڇو ٿو کسيو وڃي.!؟
       اها تحريڪ جي وڏي ڪاميابي ناهي ته ڊاڪٽر نذير مغل 15 سالن جا رهيل مسئلا حل ڪري رهيو آهي، پنهنجي غلطين جي معافي وٺي باربار ڳالهين جي آڇ ڪري رهيو آهي.!؟ ۽ پوءِ به جي ضد نه ڇڏجي ته برادرين کان جلوس ڪڍرائجن ۽ ميڊيا ۾ ذاتي رشتن ۽ تعلقاتن جو سهارو وٺجي، ڪير  حق ۽ سچ  پنهنجي ڪالم ۾ لکي ته  به ان تي سوٽا اڳواڻن طرفان حملا ڪرائڻ، ڪورٽن مان حرجاڻا وٺڻ لاءِ ڪيس داخل ڪرائڻ يا وري انهن کي ميڊيا جي ادارن مان ڪڍرائڻ جي مهم هلائي وڃي، جنسي گاريون ڏنيون وڃن ته پوءِ ان ڳالهه کي ڪير پهچي!! پوءِ اهڙن ماڻهن کي ڪير چوي ته شينهن جي منهن ۾ ڌپ آهي، جيڪڏهن مون کي معاف ڪيو وڃي ته آءُ سچ چئي ڏيان ته 25 هزار شاگردن، 500 استادن، 25 سئو  ملازمن مان گهڻا ان تحريڪ سان گڏ آهن، !؟ هڪ سئو کان به گهٽ !!. اهڙي صورتحال ۾ انائن کي ڇڏي جيڪڏهن هزارين شاگردن، سوين ملازمن تي رحم ڪيو وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عزت جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.!؟
       اسان جنهن رياستي نظام ۾ رهون ٿا ان جي نوعيت ڪڏهن به عوام دوست نه رهي آهي، هتي ناجائز مطالبا ته منظور ٿيندا آهن پر جائز مطالبن جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي انڪري هڪ ته هر تحريڪ کي انائن جي ور چاڙهي مقصدن کي موت ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو تحريڪ جي روايتي طريقن ۽ رڳي خبر لڳرائڻ وارن رجحانن کان هٽي ڪري اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان مقصد به زندهه رهي ۽ عوامي حمايت به جاري رهي، مثال طور ڪلاس وٺي جلوس ڪڍجي ته ان سان جيڪا سماج ۾ همدردي پيدا ٿيندي ان جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. پر ڪلاسن ۽ امتحانن جي بائيڪاٽ واري ڳالهه ته ائين وڃي بيٺي ته شاگرد گهر هليا وڃن ۽ يونيورسٽي هميشهه لاءِ بند ٿي وڃي، جنهن  مقصد لاءِ سنڌ دشمن ڌريون عرصي کان ڪم ڪري رهيو ن آهن.
اهي ماڻهو جيڪي ” نه“ ڪن  ٿا، ”انڪار “ ڪن ٿا، اهي ماڻهو آئيڊيل هجن ٿا. پر شرط اهو آهي ته ان ”نه“ ۽ ”انڪار“ پٺِيان نفسياتي مسئلا  نه هجن. ” نه“ بغاوت آهي ۽ بغاوت انقلاب، پر اهڙين بغاوتن لاءِ ذاتي مفادن ۽ خواهشن جو هجڻ تبديلي جو موت آهي زندگيءَ تضادن سان ڀريل آهي ۽ تضادن کي قبول ڪرڻ ۽ انهن خلاف جنگ ڪرڻ انتهائي اهم آهي پر تضادن سان جنگ ۾ وجود کي فنا ڪرڻ قطعي دانشمندي نه آهي، ان ڪري سنڌ يونيورسٽي جي بقا لاءِ هر حال ۾ احتياط کان  ڪم وٺڻو پندو ۽ زميني حقيقيتن کي حق جي نظر سان ڏسڻو پوندو.

No comments:

Post a Comment