Tuesday 17 July 2012

سنڌ يونيورسٽي جي بحران جو سماجي تجزيو



غلام رسول چانڊيو

حقيقتون ايتريون ڏکيون نه هونديون آهن پر اهم ڳالهه اها آهي ته ماڻهو انهن حقيقتن کي ڪيئن ٿا ڏسن. پاڻ مڃائڻ واري نفسيات به ڪيترن معاملن کي ڊانواڊول ڪري ڇڏي ٿي جو اها نفسيات ڪجهه به ڪري گذرڻ جهڙي جنون جو نتيجو هجي ٿي. سماجي ڪردار ۾ شخصي سڃاڻپ جي خواهش ايتري خراب ڳالهه نه آهي پر شخصي سڃاڻپ لاءِ سماجي ڪردار جي خواهش پنهنجي آخري نتيجن ۾ سماجي تباهي يا هڪ وڏي نقصان  جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿي. اهڙي قسم جي صورتحال، اهڙن سماجن ۾ موجود هجي ٿي، جتي رياست جو ڪردار عوام دشمن هجي ٿو ۽ پيداواري لاڳاپن ۾ بدترين دشمني واري ڪيفيت هجي ٿي ، هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اسان جهڙي زرعي سماج ۾ هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ لاڳاپن تي غور ڪرڻ ضروري آهي جتي زميندار طرفان بدترين استحصال ۽ هاريءَ طرفان بدترين نفرت جي باوجود به اها ڳالهه عام هجي ٿي ته “ڀوتار! تون اسان جي ننگن جو وارث آهين” ۽ ڀوتار وري “هاري اولاد وانگر آهي” جهڙيون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، پر حقيقت ۾ معاشي طور تي استحصال جاري هوندو آهي ۽ ٻنهي پيداواري رشتن جي وچ ۾ بدترين دشمني خاموشيءَ سان جاري رهندي آهي. اهو سوال هڪ الڳ بحث گهري ٿو ته ٻنهي مان حقيقي پيداواري قووت ڪهڙي آهي؟
اها ساڳي صورتحال ننڍي، وچولي ۽ مٿئين قسم جي سرمائيداريءَ ۾ به ٿوري گهڻي فرق سان موجود هوندي آهي، پر انجي نوعيت ۽ ڪيفيت تي پڻ الڳ بحث ڪري سگهجي ٿو. هتي بنيادي ڳالهه انهن پيداواري رشتن جي نتيجي ۾ اڀرندڙ سماجي تضادن ۽ سياست جي مختلف پهلوئن جي آهي جيڪي مختلف ڪيفيتن ۾ پنهنجو اظهار ڪن ٿا. رياست جا بنيادي ادارا تضادن جي باوجود جيئن ته منظم هجن ٿا، انڪري انهن جو ڪردار جابرانا رياست ۾ عوام دشمن هوندي به تمام گهڻو ڊرامائي هجي ٿو ۽ خاص طور اهڙيون رياستون جيڪي گهڻ قومي هوندي، غير فطري بنيادن تي جڙيل هجن ٿيون، اتي طبقاتي فرق واري حقيقت پس منظر ۾ هوندي، مذهبي، نسلي، جنسي، گروهي ۽ هر قسم جي انتهاپسندي ويندي ٻار، نوجوان، پوڙهي، عورت، مرد ۽ ذات پات وغيره جا تضاد عروج تي هجن ٿا ۽ پوءِ انهن تضادن جي حل لاءِ هر طبقي جو جدا جدا ۽ غير سائنسي، سياسي توڙي سماجي اظهار سامهون اچي ٿو ۽ سماج گروهي شڪل اختيار ڪري بيهي ٿو ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رياست جا عوام دشمن ادارا هڪ وڏي رٿابندي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا، جنهن ۾ اسان جي ذهنن جي تلاشي وٺي، لالچن، خوف ۽ مخصوص نفسيات کي جنم ڏيئي، پڪو پختو ڪري اسان کان اهڙو ڌنڌو ڪرائين ٿا، جنهن ۾ اسان پاڻ پنهنجي وجود ۽ پنهنجي اصل سچ جو قتل ڪندا رهون ٿا ۽ اجتماعي طور سماج اسانجي سموري تحرڪ کي شڪ جي نظر سان ڏسندي، لاتعلق ۽ غيرجانبدار رهي ٿو، جنهن جو هڪ ٻيو اهم سبب خود سماج جو ورهايل ۽ هڪ ٻئي کان نفرت ڪرڻ وارو رجحان به هجي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ نظرياتي سياست پنهنجي هر شڪل ۾ درست هوندي به نظرياتي انتهاپسنديءَ جي ڪري، پس منظر ۾ هلي وڃي ٿي  ۽ سماج وري رياستي منشا موجب اڀرندڙ تضادن واري گروهي سياست جو شڪار هوندي، هڪ ٻئي جو ئي دشمن بڻجي بيهي ٿو ۽ آدرش ڦٿڪي ڦٿڪي مرندا رهن ٿا. Driving Forces  جي فڪري سطح، دعويٰ ۽ ڪردار به سواليه انڪري هجي ٿو، جو پيداواري ڪيفيتن جي ڪري اهي به پاڻ کي منفي سماجي رجحانن کان بچائي نه ٿا سگهن ۽ پوءِ اهي به غيرضروري تحرڪ جو شڪار ٿيندي رڳي پنهنجي “هجڻ” واري منفي نفسيات جو اظهار ڪندي، سماجي اڏاوت کي تباهه ڪندا رهن ٿا.
انهيءَ سڄي صورتحال ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي وچ ۾ ترقي پسند ۽ آزاد خيال سياست جي نالي تي عوام سان وڏا ڍونگ ٿيندا رهندا آهن. ۽ ها جمهوريت جو دهل به تمام گهڻو وڄندو آهي، بنا ڪجهه اهو ڄاڻندي ته عوامي، قومي، جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه جمهوريت ۾ فرق ڪهڙو آهي!! سو انهيءَ سڄي صورتحال تي هڪ تفصيلي جائزي پيش ڪرڻ جي ضرورت انهيءَ ڪري به آهي، جو ترقي پسند ۽ آزادخيال سياست “جيڪا ٿيندي ناهي” هر ان اڀرندڙ سوال جو فائدو وٺندي آهي، جيڪو پنهنجي شدت سان سماج ۾ موجود هوندو آهي. نتيجي ۾ نه ساڄي نه کاٻي ڌر جي سياست پنهنجي منزل تي پهچي سگهندي آهي ۽ اسان ڊوڙندا رهندا آهيون هڪ اهڙي رڃ ڏانهن جنهن جو ڪو به انت ناهي هوندو.
رياست جا ادارا هڪڙا عوامي فلاح جي نالي تي ۽ ٻيا عوام کي تحفظ ڏيڻ جي نالي انهن مٿان حڪمراني ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويندا آهن ۽ اتي عوام سان وڏو انياءُ اهو هوندو آهي ته عوامي ادارن اندر اظهار جي  جزوي آزادي ڏني ويندي آهي ۽ ٻئي نمبر ادارن ۾ ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت نه هوندي آهي ۽ انهيءَ جو سبب فلاحي ۽ فڪري ادارن ۾ عوام کي خدمتن عيوض تباهي پلئه پوندي آهي. مٿان وري اسان ان اظهار جي آزاديءَ جو اهڙو ته رياستي اظهار ڪندا آهيون، جو ماڳهين ادارا ئي ختم ٿي وڃن.
اهڙي صورتحال جي هڪ مثال طور اسان مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو به وٺي سگهون ٿا، جتي ادراڪ  جو ايترو ته شديد ڏڪار آيل آهي جو جيڪڏهن ڪنهن اهو چيو ته ڪلاس ۽ امتحان وٺڻ گهرجن ته اهو هر حال ۾ وائيس چانسلر جو حامي ٿي ويو ۽ رشوت وٺي نظير مغل خلاف هلندڙ تحريڪ جو دشمن ٿي بيٺو!!! اهڙي ذهني ڏڪار تي به عجب انهيءَ ڪري نه ڪرڻ گهرجي جو پاڻ مٿي مختصر سماجي تجزيو پيش ڪري چڪا آهيون ۽ اها ڳالهه به سادي نموني سمجهه ۾اچي وڃي ٿي ته اسان ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهيون ، نه ته ڀلا نظير مغل کي بچائڻ وارا اهي معصوم شاگرد نه هئا، جن کان هٿن مان پيپر کسي ڦاڙيا ويا يا وري سوٽا اڳواڻن تي ٿيل حملي ۾ حملي آورن بندوق مان نڪرندڙ گولين کي اهو سمجهائي ڇڏيو هيو ته اوهان صرف ڇُهي پوءِ اڳتي گذري وڃجو!! شال هرڪو وڏي ڄمار ۽ عزت ماڻي، پر ڪهڙو بيوقوف مخالف ائين ڪرڻ جي همٿ ڪندو، جنهن خلاف تحريڪ هلندڙ هجي!! سو دراصل اسان پنهنجن ناڪامين جا بار کڻي کڻي جڏهن ٿڪجي پئون ٿا، تڏهن کچڻين پچائڻ کانسواءِ اسان وٽ ڇا ٿو بچي. جيڪڏهن آئون غلط سمجهي رهيو آهيان ته پوءِ ان غليظ حرڪت جي وڏي پئماني تي گهڻ رخي جاچ ٿيڻ انتهائي ضروري آهي ته جينئن اڇا ڪارا پڌرا ٿين.
هڪڙي ڳالهه بهرحال صاف آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ خلاف هڪ وڏي سازش ٿي رهي آهي ۽ انلاءِ جا ڊراميبازي ڪئي پئي وڃي، ان ڊرامي جي اسڪرپٽ ڪنهن لکي آهي؟ ان ڊرامي جو ڊائريڪٽر ڪير آهي؟ ان ڊرامي جا اداڪار ڪير آهن؟ سا ڳالهه سڀن کي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته اها اسڪرپٽ تمام گهڻي پراڻي لکيل آهي ۽ ان ڊرامي لاءِ اداڪار گذريل ستن مهينن کان مليا آهن، جيڪي تمام زبردست پرفارمنس ڏيئي رهيا آهن. جيڪڏهن آئون هن ڳالهه ۾ به غلط آهيان ته پوءِ نظير مغل کي هٽائڻ جو اختيار ته گورنر کي آهي ۽ هيءَ تحريڪ به گورنر خلاف ۽ گورنر هائوس جي دروازي ۽ روڊن تي هلڻ گهرجي ۽ پوءِ اسان سنڌ يونيورسٽيءَ اندر ڇو معصوم شاگردن کان امتحاني ڪاپيون کسي ڦاڙي رهيا آهيون!؟ جنهن جو آخري نتيجو وڃي اهو نڪرندو ته اسان سنڌ يونيورسٽي کي ئي بند ڪرائڻ گهرون ٿا، جنهن لاءِ هاڻ رڳي بس هڪ اڌ لاش ڪيرائي سنڌ دشمن ڌريون اهو ڪم ڪري ڏيکارينديون ۽ پوءِ اهو چيو ويندو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي سڀن ڪيمپسن کي يونيورسٽي جو درجو ڏيون ٿا ، تنهنڪري هاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪا به ضرورت نه آهي. جيڪڏهن بدقسمتي سان ائين ٿيو ته پوءِ سنڌي قوم جي اها تاريخي شعوري تباهي هوندي ۽ ان تباهيءَ ۾ اسان سڀ برابر جا شريڪ هونداسين.
سنڌ يونيورسٽيءَ خلاف اها سازش تمام گهڻي پراڻي آهي، جو هن يونيوسٽيءَ کي سنڌ جو شعور سمجهيو وڃي ٿو ۽ هيءَ ئي يونيورسٽي آهي، جتي سموري سنڌ گڏ ٿئي ٿي ۽ هڪ قومي ڪلچر جنم وٺي ٿو، تنهنڪري دشمن ڇو چاهيندا ته هي يونيورسٽي قائم رهي؟ جنهن لاءِ جناح يونيورسٽي هڪ غير قانوني آرڊيننس وسيلي ٺهي چڪي آهي ۽ حيدرآباد ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جو اعلان ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي جون ڪيترن ضلعن ۾ ڪيمپسون به ٺهي چڪيون، اولڊ ڪيمپس جي پريس مين ڪيمپس ۾ منتقل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ صرف سنڌ يونيورسٽيءَ کي آخري ڌڪ هڻي بند ڪرڻ جو اعلان رهيل آهي.
رهيو نظير مغل جو مسئلو ته اسانجو سمورو سماج پاڪ پويتر ۽ سنڌ جا سڀ آفيسر مسجد جا ڪَک آهن باقي رهيو آهي نظير مغل سو اچو ته سڀئي گڏجي ، انکي هٽائڻ جي نالي تي سنڌ يونيورسٽيءَ کي ايترو خوار خراب ڪريون، جو نوڪري جي هر اشتهار جي هيٺان اهو لکيل هجي ته “سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊگري رکندڙ نوڪري لاءِ درخواست نه ڏين” .
ست مهينا ته ايم آر ڊي تحريڪ به نه هلي هئي، آخر سنڌ يونيورسٽي جي تحريڪ ڇا جي تحريڪ آهي؟ جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي!؟ نه نظير مغل ٿو پچر ڇڏي نه ئي انقلابي اڳواڻ ٿا بس ڪن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ وڃي ته ڪيڏانهن وڃي!؟ لڳي ٿو ته هاڻ ڳالهه برداشت کان چڙهندي ٿي وڃي ۽ هڪ اهڙي تحريڪ جي ضرورت شدت سان پيش اچي رهي آهي جنهن جي گُهر ئي اها هوندي ته نظير مغل ۽ سوٽا جي عهديدارن کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏئي مادرِ علمي کي بچايو، جو سنڌ يونيورسٽي نه ته اڪ جي ماکي آهي ۽ نه ئي سنڌ جو سمورو ضمير ستل آهي.                                                                                                                                                                                                                                          

No comments:

Post a Comment