Thursday 10 September 2015

ھڪ وڇڙي ويل وقت جو نوحو....



ھي ان دور جي ڳالھ آھي جڏھن سنڌ جي نوجوانن جي اکين مان آدرشن جي آڳ نڪرندي ھئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ پٺيان قاسم جي ڪينٽين تي نوجوان جي ھٿن ۾ ڳاڙھن جلدن وارا ڪتاب ۽ بحثا بحثي جا رنگ الڙ جوانين کي آدرشن جي تڪميل لاءِ بيتاب رکندا ھئا ۽ انھن ئي ڏينھن جي ڳالھ آھي جو آءُ لال بتيءَ جي گيٽ کي الاءِ ڇو گھوريندي گاڏي کاتي وڃي ريڙھن تي پيل سَستن ڪتابن کي اٿلائيندو ھوس ۽ ڪڏھن ته چاھيندي به ڪو ڪتاب خريد  ڪري نه سگھندو ھوس جو واپس ڄامشورو رَسَڻ لاءِ ايس آر ٽي سي بس جي ڀاڙي جو مسئلو پيدا ٿي پوندو ھيو. اسان انھن ماڻھن مان نه ھئاسين جيڪي ڀڳل بسن جي ڪراڙن ڪنڊيڪٽرن کي ڪرايو نه ڏيندا ھئا نه ڪي اسان انھن مان ھياسين جي ڪينٽين تي مفت ۾ ماني کائي ڌوٻيءَ کان وڳا استري ڪرائيندا ھئا، اسان کي سيکاريو ويو ھيو ته آدرشن جي تڪميل لاءِ ڪردار پھريون شرط آھي، شايد تڏھن ته اسان جون محبتون به اکين جون سرحدون پار نه ڪري سگھنديون ھيون ۽ اسان کي صرف ٿڌا شوڪارا ئي نصيبن ۾ ھوندا ھيا. ان دور جو به پنھنجو رومانس ۽ پنھنجون وارتائون ھونديون ھيون، ڪينٽين تي دال سان ماني رڳي ان ڪري کائبي ھئي جو پئسا بچائي ڪتاب وٺڻا ھوندا ھئا ۽ پوءِ ڪيئي ڪتاب ورتاسين، پڙھياسين ۽ پڙھاياسين.
ھاڻ ڪتاب سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪنھن نئين ديس کان آيل اوپرن ماڻھن وانگر ٿي پيا آھن، بحث جو موضوع ھاڻ قومپرستي،جمھوريت، سرمائيداري ۽ سوشل ازم نه پر ڊپارٽمينٽ جي اُھا ڇوڪري بڻجي پئي آھي جيڪا ٽائيٽ جينس جي پينٽ ۽ سنھڙي ڪڙتي سان ڪاريڊورس ۾ اجايا چڪر ڪاٽي ٿي، چاھتون ته اسان واري دور ۾ به ھونديون ھيون پر انھن چاھتن ۾ به ڪنھن ڇوڪري جي جسماني بناوت کان وڌيڪ ان جي آدرشي اڏار ھوندي ھئي ۽ ھا اھڙيون نينگريون به پڙھنديون ھيون جيڪي ڪچھريءَ ۾ ڀٽائي جي بيتن سان محبت جي تشريح ڪنديون ھيون ۽ اھا تشريح رڳي ٻن وجودن جي ميلاپ تائين نه پر ان کان گھڻو اڳتي محبت ۽ انقلاب جي سنگم سان تبديليءَ جي تصور کي حسين بڻائي ڇڏيندي ھئي. مونکي اھا نينگري ياد آھي جيڪا لطيف جو سُر سامونڊي پڙھي وڇوڙي ۽ ميلاپ تي جڏھن ڳالھائيندي ھئي تڏھن اسان سڀ اندر ئي اندر ۾ ان نينگري مٿان عاشق ٿي پوندا ھئاسين ۽ اھو عشق اڄ به وجود جي ڪنھن ڪنڊ مان ائين جھوتُون ڏيندو آھي جو ڄڻ ته ان نينگريءَ کي اڃان تائين ڪو وڻجارو نه مليو ھوندو، دل جي دنيا وٽ وقت جي شايد ڪا به معني نه ٿي ھجي!
۽ پوءِ ڪَلَ ئي نه پئي جو گھڻو ڪجھ بدلجي ويو، جن ھٿن ۾ ڪتاب ھوندا ھيا ھاڻ انھن ھٿن ۾ موبائلون آھن، رڳي اھو نه پر  ھاڻ ته وارن ۽ ڪپڙن جي ڪٽنگ به انڊين فلمن جي اداڪارن واري ٿي پئي آھي، تبديلي نه ته مِھڻو آھي ۽ نه ئي ڪا خراب ڳالھ ، اِھا تبديلي ارتقا جو حصو ھوندي اڻٽر آھي پر جي تبديلي بجاءِ تباھي ٿئي ۽ اسان جي وجود جو ڪچو گھر  پڪو ٿيڻ بجاءِ  زمين دوز ٿيڻ لڳي ته پوءِ سنڌ جي وجود مان ھڪ درد ڀري رِيھ ته ضرور نڪرندي ۽ سنڌ ھاڻ پنھنجن نوجوانن جي اَرڪانن تي ريھون ڪري رھي آھي جو جنھن ديس جا آدرش وارَن جي فلمي ڪٽنگ ۾ گم ٿي وڃن ۽ محبتون آدرشن جي مقدس لباس بجاءِ رڳي جنسي بک جو روپ ڌارين توڙي سياست محض دنڌو ٿي وڃي ته پوءِ سنڌ پنھنجي پِيڙا جي دانھن ڪنھن کي ڏئي؟ ۽ ڪنھن کي چوي ته ھاڻ منھنجو اولاد حق موجود ۽ جيئي سنڌ چئي ملڻ بجاءِ ھاءِ، ھيلو چئي ھڪ ٻئي سان ملي ٿو ۽ موبائلن تي ميسيج موڪلي ٿو ۽ سنڌ سوچي ٿي ته ڇا موبائيل تي حق موجود ۽ جيئي سنڌ نه ٿي لکي سگھجي؟ يا پئڪيجن جي دنيا رڳي جنسي ڪچھري جي لاءِ خلقي وئي آھي؟ ڇا پئڪيجن جي ان دنيا مان ڀورو ڀيل جي تذليل ڪيل لاش تي نه ٿو ڳالھائي سگھجي يا وري سنڌ اندر انتھائي تيزيءَ سان وڌندڙ جنون ۽ ڳوٺن تائين پھتل ۽ پڙھائي ويندڙ انتھا پسندي تي ڪچھري نه ٿي ڪري سگھجي؟. سنڌ جنھن جي وجود جي زري زري تي ويرين جا واجھ وڌل آھن، جنھن جي وجود کي ڀوتارڪي جھان چيريندو، ڦاڙيندو فنا ڪري رھيو آھي، جنھن جا لکين ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آھن، جنھن جون 70 سيڪڙو عورتون خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ھوندي روزانه ڪيتريون ئي ويم دوران مري وڃن ٿيون، جنھن ديس وٽ اڻ ڳڻيا وسيلا ھئڻ باوجود ھٿن ۾ ڪشتو آھي ته ان ديس جي نوجوانن وٽ رڳي ٽائيٽ جينس وارا آدرش ھجن ته پوءِ سنڌ رڳي حيران نه پر ريھون ڪرڻ جو به حق رکي ٿي.
سنڌ به ائين ئي پيڙا ۾ آھي جيئن ٻھراڙيءَ جو ماڻھوءَ  اولاد نه ٿيڻ تي پيڙا مان گذرندو رھندو آھي ۽ پنھنجي خاندان جي نشاني پيدا نه ٿيڻ تي پريشان ھوندو آھي ۽ گَھر جون وڏيون، ننھرن کي نڀاڳي ھئڻ جا تعنا ڏينديون آھن، تيئن سنڌ به شايد پريشان آھي ته سندس آدرشي نسل جون مائون سَنڍُ ڇو بڻيو آھن؟ ڇا انھن آدرشي انسان جيڪي سنڌ جي اميد ھئا، ھڪ يقين جھڙو آسرو ھئا، جن جي قلمن ۽ زبانن جي لفظ لفظ مان جياپي جھڙا پَڪَ وارا ٻول ٻڌبا ھئا، جيڪي جذبن کي جَلا بخشيندا ھئا، انھن پنھنجو ڪو به شعوري نسل پوئتي نه ڇڏيو؟  ڇا ھاڻ اھڙو ڪو به استاد پيدا نه ٿيندو جيڪو ڪنھن شاگرد جي پيءُ وٽ پھچي ان کي ھوشيار ڪندو ھيو ته تنھنجو پٽ پڙھائي تي توجھ نه ٿو ڏئي، ان مٿان نظر رکُ! ڇا ھاڻ اسان جا ادارا اھڙا پروفيسر پيدا نه ڪندا جيڪي شاگردن جا صوبيدار نه پر يار ھوندا ھئا، ڪالھ جي ته ڳالھ  آھي جو فلاسافيءَ جو سر جاويد ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڏاھپ تي ڳالھائيندو ھيو ۽ سندس ڪمري تي به شاگردن جا بي رحم سوال ميڙو مچايو ويٺا ھوندا ھئا، ھاڻ ته پروفيسر جيجي خيري( پروفيسر خيرالنساءِ جعفري) به نه رھي آھي جا پَن جي ٻيڙي دکائي ڇوڪرن کي چوندي ھئي ته “ ڇورا مون تي عاشق ٿيا آھيو ڇا؟ خبر اٿم ته انسان جو وڏو مسئلو پيٽُ ۽ پيٽَ کان ٿورو ھيٺ آھي”، ۽ جيجي خيريءَ جي ڪلاس جا ڇوڪرا انتظار ڪندا ھيا، سچ به اُھو ھڪ خوبصورت منظر ھوندو ھيو، نفسيات جي پروفيسر جا سمجھندي ھئي جوانين جي نفسيات کي ۽ ان وقت شاگردن جو پنھنجي استاد کان  خوف به ھڪ  حسين خوف  ھوندو ھيو، ھڪ اھڙو ڀوء جيڪو ماءُ ۽ پيءُ کان ٿيندو آھي.......
۽ ھاڻ! تعليمي ادارا ته ڇا پر سنڌ به خود سنڌيءَ جي “ماٺ ڀلي” واري پھاڪي جھڙي بڻجي پئي آھي ۽ اسان سڀ ماٺ جي مصلحتن جي اڏيءَ تي ڪُسجي رھيا آھيون ۽ ڪو به حليم بروھي نه رھيو آھي جيڪو ڪنھن جي به پرواھ کان سواءِ اھڙو سچ ڳالھائي ۽ ڏاھپ جي اڏار لاءِ اھڙا ڏَسَ ڏئي جو اسان مان ھر سمجھ ڀريو پنھنجي اندر ۾ حليم بروھي ٿي ھَلي، تڏھن ته سنڌ سوچي ٿي ته ھي ڪھڙي جديديت آھي جنھن منھنجي روح جو ساھ ئي منجھائي ڇڏيو آھي. sindhi_chandio@hotmail.com

No comments:

Post a Comment