Tuesday, 3 April 2012

MURDER OF SINDH UNIVERSITY STUDENT


رت سان رنگجي ويل سنڌ يونيورسٽي
۽ هن بهار به پٽ جو لهوءَ سان لت پت لاش آندو...

                                     غلام رسول چانڊيو
ڪالهه وري سنڌ يونيورسٽي مان لهو ۾ لت پت دين محمد دل جو لاش ڀان سعيد آباد ڏانهن، سندس موڙن کي موتي پوئيندڙ ماءٌ ڏانهن موڪليو ويو آهي. ٻن مهينن کان به وڌيڪه عرصو سنڌ يونيورسٽي بند رهڻ کانپوءِ جيئن ئي کلي ته هولي جا رنگ دين محمد جي جواني واري لهو سان ڳاڙها ٿي ويا. ۽ سنڌ يونيورسٽي مٿان دانهن جي اهڙي راڪاس اچي واسو ڪيو جو هڪه معصوم نياڻي رڙيون ڪري پنهنجي پيءُ کي فون تي سڏي رهي هئي ته “بابا هتي گوليون پيا هڻن جلدي اچو مونکي وٺي وڃون”.
سنڌ يونيورسٽي مٿان وقت جي وحشيپڻي اهڙي ته انتها ڪري ڇڏي آهي جو هاڻ هيءَ يونيورسٽي مقتل يونيورسٽي بنجي پئي آهي ۽ اسان جيڪي ايترا سادا به ناهيون سي بس پنهنجي تاريخ جون عزتون ئي لُٽي رهيا آهيون. آخر اهڙو ڇا آهي، جو علامه آءِ آءِ قاضي جي خوابن مٿان گولين جو وسڪارو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. ٻن سالن اندر ٽن البيلين جوانين جا لاش ۽ هڪه پروفيسر جو لهولهان لاش سنڌ جي اداس ڳوٺن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي. الاءِ ڇو ٻن مهينن کان سنڌ يونيورسٽي جي استادن، شاگردن ۽ ملازمن جون تحفظ لاءِ دانهون وقت جي حڪمرانن جي ڪنن تائين نه پهتيون؟ ۽ جي پهتيون ته شايد اهي وقت جي اهڙن غارن ۾ ستل آهن، جتي سندن دوستي وحشتن سان ٿي پئي آهي، جو الهڙ جوانين جو رت به سندن جيءَ کي جهٻو نٿو ڏئي. هڪه نظير مغل  ۽ پنهنجي پسند جي وائيس چانسلر  مقرر ڪرائڻ لاءِ نه ڄاڻ حڪمرانن کي اڃا ڪيترا لهو ۾ لت پت دين محمد جا لاش گهربل آهن!؟
هي صرف دين محمد جو موت نه آهي، پر سنڌ يونيورسٽي جو اهو دهشتناڪ قتل آهي، جنهن سان سنڌ جو ساهه ئي هميشه لاءِ نڪري وڃي. سنڌ جيڪا اڳئي لُڪيءَ ۾ ساهه کڻي رهي آهي ۽ جنهن جا سڀئي محاذ مرڻ ڪنڌي پهتا آهن، اتي سندس آخري پونجي، تعليم به قتل ڪرڻ جي لاءِ، سنڌ دشمن ڌريون بس ڄڻ ته آخري وار ڪري رهيون آهن.  ۽ اسان جيڪي تاريخ جي ڪَفنن کي ڪَلف هڻي گهمي رهيا آهيون، سي ڄڻ ته سنڌ، سنڌ جي وسيلن، ادارن، تاريخ، تهذيب ۽ وقار جي لاشن کي به پاڻ سان گڏ دفنائڻ گهرون ٿا. لڳي ائين ٿو ته اسان پنهنجي هر دعوي تان هٿ کڻي چڪا آهيون ۽ بس جيئن ڪو مقتول آخري کرڙيون هڻندي دانهون ڪندو آهي، تيئن اسان ان مرندڙ وانگر، نعري بازي ڪندي، مرڻ گهرون ٿا. نه ته ڀلا سنڌ يونيورسٽي جا مسئلا ايترا ته ڳنڀير نه آهن، جو انهن جي حل لاءِ جوان لاشن جي قيمت ادا ڪرڻي پوي. سنڌ يونيورسٽي جا 24 هزار شاگرد، 500 استاد، 2500 ملازم جيڪڏهن هڪه ٿين ۽ چاهين ته، چند سنڌ يونيورسٽي جي دشمنن کي ڪلاڪن اندر شڪست ڏئي نه رڳي رت جي راند بند ڪرائي سگهن ٿا پر علامه آءِ آءِ قاضي جي مرندڙ خوابن کي هڪه باوقار زندگي بخشي سگهن ٿا. پر اسانجي تاريخ جي اها بدقسمتي آهي جو اسان جون تحريڪون خوبصورت نعرن ۽ معتبر مطالبن هوندي به ذاتي انائن، اختلافن، مفادن ۽ هڪه ٻئي کان اڳيان نڪرڻ واري غليظ نمبر گيم جو شڪار ٿي، بجاءِ ڪنهن فائدو ڏيڻ جي، حقيقي مقصدن جو ساهه ئي ڪڍي ڇڏين ٿيون. ها! اسان مان ڪجهه ماڻهو ليڊر ته ٿي وڃن ٿا پر معتبر مطالبن جا لاش کڄڻ جو سلسلو بهرحال جاري رهي ٿو.
دين محمد جيڪو پنهنجي جوان رت جي ڊگري  کڻي ايمبولنس وسيلي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ پهتو هوندو، ته ان وقت نه رڳي سندس امڙ جا خواب قتل ٿيا هوندا پر اها موڙ، ڳانو، سيج، سِهرا ۽ سندس پيءُ جو پورهيو به قتل ٿي ويو هوندو. هي قتل صرف دين محمد جو قتل نه آهي، پر  سڄي سنڌ جي انهن غريب والدين جي احساسن جو قتل آهي، جن پورهيا ڪري پنهنجا پٽ ۽ نياڻيون، ڳوٺاڻن جا سوين مهڻا ۽ تعنا برداشت ڪري، پنهنجي اولاد کي سنڌ يونيورسٽي موڪليو آهي. وائيس چانسلر شپ جي عهدي لاءِ ڪروڙن جي واپار جا عادي ڇا ڄاڻن ته دين محمد جي جوان رت پٺيان سندس ڪراڙي پيءُ جي هٿن ۾ پيل لِفن جو درد سمايل آهي.
سنڌ يونيورسٽي کان ڪهڙو پلاند ڪيو پيو وڃي؟ ۽ سنڌ يونيورسٽي جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ علامه آءِ آءِ جي هن عظيم درسگاهه کان ڪهڙي خطا ٿي آهي؟ آخر هن ئي يونيورسٽي کي ڇو برباد ڪيو پيو وڃي؟ شهري يونيورسٽين ۾ اهڙيون حالتون ڇو نه آهن؟ اهي سوال نه رڳي سنڌ جا آهن پر دين محمد جي جوان جسم مان نڪرندڙ رت جي ڦڙي ڦڙي جا سوال آهن. انهن سوالن جا جواب ڇا وزيرِ تعليم ، گورنر ۽ وس وارن وٽ آهن؟ سوالن جا جواب ته ڇا پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته انهن سوالن جا جواب ئي هنن ڌرين وٽ آهن، جيڪي ڀلي محسوس نه ڪن پر دين محمد، بابر سنديلو، رميز سهاڳ  ۽ پروفيسر بشير احمد چنڙ جي رت جا ڇنڊا انهن جي ئي ڪپڙن تي چٽا ٿيو بيٺا آهن، جن نظير مغل جهڙي ڪرپٽ وائيس چانسلر کي بچائڻ لاءِ ڌر بڻجي، سڄي سنڌ جي آواز تي ٺٺوليون ڪيون ۽ اڃا تائين نظير مغل کي سندس تعليم دشمن خدمتن عيوض بچائڻ ۾ مصروف آهن ۽ نه بچڻ جي صورت ۾ هڪ ٻيو نظير مغل سنڌ يونيورسٽي کي ڳاٽي ۾ وجهڻ چاهن ٿا ته جيئن سنڌ يونيورسٽي مان ڳڀرو جوانن جي لاشن وڃڻ جو سلسلو بند نه ٿئي ۽ Reconciliation توڙي ڪرسيون بچائڻ جي جنون ۾ سنڌ دشمنن سان گڏ رهن، ويندي ايسيتائين جو سنڌ رهي يا ڀلي کڻي ڀاڱا ٿي وڃي. ڪرسي جي ڪايا تي وطن جي سودي جي اهڙي تاريخ جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي.  
اڄ سنڌ يونيورسٽي جو هر روڊ، علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار، سينٽرل لائبريري ۾ رکيل لکين ڪتابن جو هر ورق، سنڌ يونيورسٽي جون معصوم دليون ته روئي رهيون آهن پر هو جيڪي سنڌ ۽ سنڌ جي ادارن جا ويري آهن، اهي ٽهڪ ڏئي پڪ سان چئي رهيا هوندا ته، “اها اٿو نظير مغل خلاف هلايل تحريڪ جي سزا... ”۽ دين محمد جي رت جو ڦڙو ڦڙو سنڌ سان گڏ اوڇگارون ڏيئي چوندو هوندو؛
وقت! تنهنجو هيءُ ورتاءَ،
واجب نه هو،
گهايلن تي نئون گهاءَ،
واجب نه هو،
وک وک تي وڇوڙا وڍيندا رهيا،
يادگيرين جا سيلاب ايندا رهيا.

سنڌ يونيورسٽي جي سڌاري جي لاءِ مطالبا ته سالن کان ٿيندا رهيا آهن،  سو هتي ڪهڙو مطالبو ڪجي ته دين محمد جا قاتل گرفتار ڪيو! گرفتار ڪرڻ وارا ئي قاتل هجن ته پوءِ مطالبا ڇا جا؟ بس! دين محمد جي ڪراڙي پيءُ ۽ سندس جيجل ماءُ سان رضا الله جي ڪندي، صرف اها صدا بلند ڪجي ٿي ته ؛

ٻڌاءِ!
تون اڃا ڪڏهن ايندين!؟
هزار وار،
ٻاٽ جون چنريون،
رات جي ڇاتي تان سرڪيون آهن.

اسان جون راه مسافر ۽ بيقرار دليون،
پوهه جي رات کي پرهه سمجهي،
ڪوڙي آٿت مٿي ڇرڪيون آهن.
ٻڌاءِ! تون اڃا ڪڏهن ايندين؟
ٻڌاءِ تون ڀلا تڏهن ايندين!؟
جڏهين،
اسان جي اکين جا هي ٿر ٻاٻيها،
تنهنجي ديدار جي اڃ ۾ ،
شهيد ٿي ويندا...؟
۽ ساري عمر جا هي اوڄاڳا،
توسان سرگوشين جي سڌ کڻي،
ڪٿي ٿڪجي، ٽٽي، سمهي پوندا!؟
ٻڌاءِ! تون ڀلا تڏهن ايندين!؟

(آلين اکين سان قصو ناتمام...)                                                 sufilakufi@gmail.com

ABSTRACT ARTICLE


ساميءَ سج وڙاءُ
اختيار ۽ ڀڳت ڪبير جا دوها....
غلام رسول چانڊيو
·       خوبصورت ڳالهيون ڪندڙ خوبصورت ڪردار جو به مالڪ هجي، اهو ضروري نه آهي.
·       مون ڪيترا بد ڪردار ماڻهو تمام گهڻيون خوبصورت ڳالهيون ڪندي ڏٺا آهن.
·       انسان هميشه ساڳئي ڪردار جو مالڪ هجي اهو به ضروري نه آهي.
·       ڪلهه جا ڪيترا ئي آدرشي انسان اڄ جا غليظ انسان آهن تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته انسان سدائين هڪ جهڙو نه ٿو رهي.
·       انسان ڇا آهي؟ ان سوال جي جواب لاءِ خود انسان ئي صدين تائين ڀوڳيو آهي.
·       انسان شايد پنهنجي ئي سچ جي تلاش ۾ ازل کان پريشان رهيو آهي.
·       خواهش، ضرورت ۽ سچ الڳ الڳ حقيقتون آهن، پر مسئلو انهن کي هڪ ڳالهه ئي سمجهڻ آهي...
·       مسئلا ايترا نه آهن جيترا اسان پيدا ڪيا آهن.
·       مسئلن کي حقيقي معنيٰ ۾ نه سمجهڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ مسئلا پيدا ڪرڻ به انساني فطرت آهي.
·       شاندار سماج جي اڏاوت لاءِ اسانکي پنهنجي ذاتي سچ، خواهشن ۽ اڻ برابري ءَ واري فطرت تي ضابطو آڻڻو پوندو.
·       اختيار جي انڌي گهوڙي جي اکين جو آپريشن ڪجي ته کوڙ سارا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
·       ڪي وري  اهو به چون ٿا ته اختيار کي اکيون ئي ناهن ٿينديون. جي اهو سچ آهي ته پوءِ اهڙي اختيار جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏجن.
·       اهو اختيار ڀڳت ڪبير جي دوهن جو قتل ڪري رهيو آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن تي خونريز ڪاهون ڪري رهيون آهي، لڳي ٿو ته ان اختيار جو آخري وقت اچي رسيو آهي.
·       شيخ اياز هڪ هنڌ چيو ته لطيف سائين کان اڳ سنڌ جي ادب جي ڪابه تاريخ نه آهي ۽ لطيف سائين کانپوءِ سمورو ادب لطيف سائين جو ورجاءُ ئي آهي. اياز جو اهو سچ ڪيڏو نه تاريخي آهي...
·       سنڌ جي ادب جو اهو ورجاءُ ڪيڏو نه خوبصورت آهي. ڪاش! اهو ورجاءُ پنهنجي ساڀيان ماڻي....
·       تون پنهنجي سچ جو پوڄاري ۽ آءُ پنهنجي سچ جو پوڄاري! ته آخر اصل سچ ڇا آهي؟
·       لڳي ٿو تون ۽ مان جي وچ ۾ سچ تڙپي رهيو آهي  ۽ مري به سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان تون تون ۽ مان مان نه ڇڏي.
·       مونکي اهڙي دنيا گهرجي ٿي جنهن ۾ سچ جي تلاش بجاءِ سچ مونکي ڳولي.
·       سچ اسان جي ضرورت آهي يا اسان سچ جي؟
·       ڪالهه مونکي سچ مليو هيو پڇيو مانس “ذات جو ڪير آهين؟ نالو ڇا ٿئي؟ ڪنهن جو پٽ آهين؟ ڪٿي رهندو آهين؟” سچ روئيندي جواب ڏنو “منهنجي ڪائي ذات ناهي، آءُ ڪنهنجو پٽ ناهيان ۽ منهنجو ڪوبه ٺڪاڻو نه آهي”  آءُ دنگ رهجي ويس ته سچ ويچارو ڪيڏو يتيم بڻجي ويو آهي....
·       واقعي سچ جو ڪو ڌڻي سائين نه آهي. مون ويچاري کي فٽ پاٿن تي بک مرندي، اسپتالن ۾ تڙپندي، آفيسن ۾ نوٽن عيوض وڪامندي، ڀوتارن جي اوطاقن تي ڌڪا کائيندي ۽ هر هنڌ بڇڙو ٿيندي ڏٺو آهي.
·       چون ٿا سچ وڏي شيءِ آهي پر مون ته کيس دربدر ٿيندي ڏٺو آهي.
·       ٻار جڏهن جنم وٺندو آهي، تڏهن روئندو ڇو آهي؟ شايد ماءُ جي پيٽ ۾ جا فطرت کيس ميسر هوندي آهي، انکان جدائي سبب کائنس دانهون نڪري وينديون آهن.
·       انسان جي پيڙا ڇا فطرت کان وڇوڙي جي پيڙا نه آهي....!؟
·       ڀلي چيو وڃي ته ڪائنات ۾ هر شيءِ فطرت آهي ۽ هجي به کڻي، پر ڇا اسان فطرت جو اصل روپ برباد نه ڪري ڇڏيو آهي؟
·       آءُ تهذيب نه پر تباهي جو مخالف آهيان، فطرت سان ٽڪراءَ واري تهذيب تباهين کانسواءِ ڇا ڏنو آهي؟
·       ڪيترا به فلسفا جهاڙيا وڃن ۽ سڀ ڪجهه کي ارتقا سڏيو وڃي ته پوءِ اهڙا فلسفا ۽ ارتقا مونکي نه ٿي گهرجي، جنهن ۾ ڪنهن معصوم ٻار جون بک وگهي آهون آسمان سان ڳالهيون ڪن.
·       تهذيب جي اروج کانپوءِ به ڇا انسان جا مڙئي مسئلا حل ٿي چڪا آهن؟
·       تهذيب جي اڪثريتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان تخريب کي جنم ڏنو آهي. لڳي ٿو ته تهذيب جي نئين تشريح ۽ اصول طئه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
·       دنيا جي مڙئي ايٽم بم، ميزائيل ۽ هٿيار وڪڻجن ته دنيا جو ڪوبه انسان بک ۽ بيماري وگهي نه مري.
·       انسان کي زندگي سان ايترو پيار نه جيترو موت خوف آهي.
·       موت ايڏي وڏي شيءِ ناهي پر مختلف مذهبي نظرين موت کي ايترو ته ڀيانڪ بڻائي ڇڏيو آهي جو انسان زندگي سان پيار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.
·       موت جي خوف زندگي جي ڪيترين ئي حقيقتن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ درد اسانجي هر پل جو مقدر بنجي چڪو آهي.
·       هر پل جو پنهنجو مزو آهي پر موت  جو خوف هر ان لمهي جو ويري بڻيو بيٺو آهي.
·       موت ته اچڻو ئي آهي تنهنڪري زندگي جو مزو وٺڻ نهايت ئي لازمي آهي.
·       زندگي جا موت ڳڙڪائيندو، ان زندگي جو پل پل به ڊڄي گذارجي!!؟
·       جو پل ميسر آهي، ان پل کي هزارين معنائون ڏيئي جيئجي ته موت ياد ئي نه رهي.
·       زندگي جيئو موت جي خوف بنا، سچ ته حيران ٿي ويندوء.
sufilakufi@gmail.com

FUTURE OF SINDH UNIVERSITY JAMSHORO


سنڌ يونيورسٽي خلاف سازش جا پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟
غلام رسول چانڊيو
شهيد پروفيسر بشير چنڙ جا قاتل گرفتار ڪيو. واقعي جي تحقيق لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن، استادن ۽ ملازمن کي تحفظ ڏيو. شاگرد يونين بحال ڪيو. يونيورسٽي مان سيڪيورٽي فورسز کي نيڪالي ڏيو. ڪرپٽ وائيس چانسلر نظير مغل کي برطرف ڪيو.
مٿين ڇهن مطالبن مان اهڙو ڪهڙو مطالبو آهي جيڪو ناجائز هجي؟ ملڪ جي آئين  ۽ قانون ۾ هر شهري جو تحفظ ۽ ڏوهن تي ضابطو رياست جي ذميواري آهي. عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ وارو مطالبو هر شهري جو حق آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪهڙو آسمان ڪري سگهي ٿو؟ بنا گهرڻ جي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، پر اهو گهرڻ تي اعتراض يا نه مڃڻ ڪهڙي قانون جي خلاف ورزي آهي؟ سيڪيورٽي فورسز جنهن تي يونيورسٽي جا ڪروڙين رپيا خرچ ٿين ٿا ۽ پوءِ به بي نتيجا هجي ٿي، ته پوءِ ان جي نيڪالي جو مطالبو ڪهڙي طرح ناجائز ٿيو؟ نظير مغل جي ڪرپشن ڪنهن کان لڪل آهي ۽ هڪ ناڪام سربراهه ثابت ٿيڻ کانپوءِ  انجي برطرفي جو مطالبو سڀني مستقل اسٽيڪ هولڊرس جو ڇا حق نه آهي؟ يا انکي برطرف ڪرڻ ڪا ايڏي وڏي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽي کي ٽي مهينه بند رکي 25000 شاگردن جي مستقبل کي تباهه ڪيو وڃي؟ حيرت آهي ته جيڪو ڪم رياست کي پاڻ هرتو ئي ڪرڻ کپي اها جڏهن نٿي ڪري ۽ انجي ردعمل ۾ سماج جو سڀ کان معتبر طبقو پر امن جدوجهد هلائي ته انهن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ کين نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي، ته پوءِ آئين جي سنگين خلاف ورزي جي سزا ڪنهنکي ملڻ کپي؟
بدقسمتي اها آهي ته هتي قانون انصاف لاءِ نه پر حڪمرانن جي مفادن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، نتيجي ۾ ادارن جون تباهيون ته ٿين ئي ٿيون پر سماج، حڪومت ۽ رياست کان مايوس ٿي  يا ته بغاوت تي لهي اچي ٿو يا وري مايوسي جو شڪار ٿي، پنهنجي بربادي اکين سان ڏسندي به ذاتي مفادن جي حاصلات واري رستي تي هلي پوي ٿو ۽ اڄوڪي سنڌ جو اهو ئي الميو آهي.
سنڌ يونيورسٽي پنهنجي سڄي عمر ۾ اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن به نه ڏٺا هئا جهڙا اڄڪلهه ڏسي رهي آهي. هاڻي اها سڀني کي پڪ رکڻ کپي ته هن يونيورسٽيءَ کي هميشہ لاءِ برباد ڪري، هن جون عمارتون مختلف کاتن کي الاٽ ڪيون وينديون ۽ اهو به گمان ڇو نه ڪجي ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ کانپوءِ باقي بچيل سنڌ جي سيڪريٽريٽ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جون عمارتون ڪم آنديون وڃن (خدا ڪري آءُ غلط هجان يا وري اهو سڀڪجهه ٿيڻ کان اڳ موت اچي). نه ته ڀلا سنڌ يونيورسٽي جو مسئلو ڪهڙو وڏو آهي جو مهينن کان حل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي!؟ اسان جيڪي دانشوري ۽ دانشگردي جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهيون، سي ڇا ڄاڻون ته سنڌ سان ڪهڙا هاڃا ٿي رهيا آهن؟  اسانکي ته پنهنجي مرضي جا وائيس چانسلر رکائڻا آهن ۽ نالا به تجويز ڪري ڇڏڻا آهن پوءِ سنگت مان جيڪو به وائيس چانسلر ٿئي ته اسان ڄڻ لک کٽيو!
سنڌ اسيمبلي ۾ جا سنڌ جي توحين ٿي سا محظ ڪا ڀتاخوري جو معاملو نه هئي. اسيمبلي اندر ٿيل دهشتگردي لاءِ اهو ڇو نه سوچون ۽ سمجهون ته اها سنڌ جي وحدت لاءِ پاس ڪيل قرارداد جو رد عمل هئي!؟ ۽ اهو به ڇو نه سوچجي ته اهڙي قسم جي داداگري سنڌ خلاف ان فلم جو ٽريلر هئي جيڪا فلم سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ لاءِ جلد رليز ٿيڻ واري آهي. سنڌ ان ڪربناڪ مرحلي مان ڪيئن ٿي پاڻ بچائي پار پوي، سو ته ڪنهنکي به پتو ناهي جو اسان صرف همبوڇيون هڻي ڄاڻون، پر بهرحال اها ڳالهه اسان سڀني کي سمجهن گهرجي ته سنڌ يونيورسٽي گزريل ٻن سالن کان جهڙي ريت رت سان رنڱي پئي وڃي، انکي سطحي طرح ڏسڻ بجاءِ نهايت سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ يونيورسٽي ۾ سياست ڪا اڄ جي ڳالهه نه آهي ۽ نه ئي سياست ڪا خراب ڳالهه آهي جو نه ڪجي، سنڌ جو نوجوان  به جيڪڏهن سياست نه ڪري ته پوءِ باقي آسمان تان ڪهڙي مخلوق ايندي جيڪا اچي سياست ڪندي؟ اها عجب جي ڳالهه نه آهي ته اسان ڏوهاري سياست جي خاتمي بجاءِ ماڳهين سياست جي ئي خاتمي جا مطالبا ڪيون ٿا. مطلب ته اڃان اسانکي اها به خبر ناهي ته اسانجا مطالبا ڪهڙا آهن ۽ اسانکي ڪهڙا مطالبا ڪرڻ گهرجن؟
اهو سچ آهي ته ويجهڙائي ۾ سياست جي نالي تي جا دهشتگردي ٿي آهي ۽ اڃان ٿيڻ  جا چٽا امڪان موجود آهن ته اها ڪا اتفاقي ۽ سياسي گروپن ۾ جهيڙي تائين محدود نه آهي. اهڙي قسم جي دهشتگردي جا پيرا پري تائين وڃن ٿا. خدا ڪري منهنجا شڪ غلط ثابت ٿين پر روزانه شاگردن جا جهيڙا، بسن تي فائرنگ  ۽ باهيون، بائيڪاٽ، ڪلاسن هلڻ دوران ڪاريڊور ۾ نعريبازي ، شاگردن ۽ پروفيسرن جو قتل، دهشتگردي، افراتفري، ملازمن تي تشدد ۽ تحريڪون توڙي لاڳيتي ڇڪتاڻ مان ائين لڳي رهيو آهي ته هن بدترين راند جو ڪو خطرناڪ کيڏاري هڪ منظم رٿابندي سان پنهنجا مڙيئي پتا کيڏي رهيو آهي ۽ اسان سڀ ان راند جو لاشعوري طور شڪار ٿيندي،  انجي هر داءَ تي پورو لهي رهيا آهيون. هتي هليل تحريڪ جي سچائي تي ڪو به شڪ نه آهي، پر شايد فهم ۽ ادراڪ جي کوٽ هجڻ سبب چڱائي جون سڀ ڪوششون اسانجي ئي ڳچي ۾ پئجي رهيون آهن.
ڀل جو کڻي چوٿين دنيا جا دانشور قوم جي وسيع تر مفادن تحت دهشتگردن سان ويهي لفظن جي جادوگري وارو واعظ ڪن، پر شايد کين اها خبر ناهي ته  سڄي سنڌ انهن دانشورن جي بلڪل ابتڙ سوچي ٿي ۽ اهو پڻ سوچي ٿي  ته انهن لفاظي ڪندڙن کي دهشتگردن سان ويهڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ ڳالهه سادي پئي آهي ته سياسي  ۽ سماجي طور محروم ۽ ڌڪاريل ماڻهن وٽ سواءِ دشمنن سان گڏ ويهڻ جي ٻيو ڪوبه رستو ناهي بچندو. جيڪڏهن آءُ غلط آهيان ته 90 جي عشق ۾ الوٽ اسان جا ڏاها فاروق ستار کان صرف هڪڙي فون ڪرائڻ جي مهرباني ڪري، انقلاب اچڻ تائين في الحال سائين جي ايم سيد جي اڏايل سنڌ يونيورسٽي کي بچائن، باقي سنڌوديش جي آزادي واري تحريڪ ۾ متحدہ واري ساٿ جي هونئن ئي کين پڪ آهي. الاءِ ڇو اها سادي ڳالهه به اسانجي ماضي جي آدرشي اڳواڻن کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته اهي دهشتگرد پي پي کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ قومپرستن جا ۽ قومپرستن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ پي پي جا ساٿاري بنجي پوندا آهن. جن جا هيرا ايم آر ڊي تحريڪ دوران هزارين سنڌين جي قاتل جنرل ضيا ۽ 88 ۾ سنڌين جي عصمتن جون ڌڄيون اڏائيندڙ جنرل اسلم بيگ جي ڪڇ ۾ ويٺل هجن ۽ جن جو هيرو نواب اڪبر بگٽي سميت ڪيترن قومي ڪارڪنن جو قاتل جنرل مشرف هجي ته انهن سان ڀاڪرين پئي سنڌوديش جا خواب ڏسڻ واري دانشوري بهرحال اسان ڄٽن جي سمجهه کان مٿي آهي. اسان کين صرف اها گذارش ڪيون ٿا ته هو متحدہ کان اها وضاحت طلب ڪن ته 23 مارچ تي پنجن لکن کان به وڌيڪ سنڌين جي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ تي الطاف حسين ايتري چڙ ڇو آئي جو هن هڪدم ملڪ جي صدر سان رابطو ڪري شڪايت ڪئي ته ڪراچي ۾ ڦر لٽ جا واقعا ٿيا آهن انهن جو نوٽيس ورتو وڃي. ڪيڏي نه کل جوڳي ڳالهه آهي جو پنج لک ماڻهو ڪراچي ۾ ڦر لٽ ڪرڻ ويا هئا پر انهن ڌاڙيلن کي ڪراچي مان ڪک به هٿ نه آيو!!!
سو هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ڌنڌو ڪرڻ واري ناجائز حق جو فيصلو تاريخ تي ڇڏيندي پاڻ سنڌ يونيورسٽي سان ٿيندڙ ها ڃن تي اچون ٿا ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته لاڳيتو ٽي مهينا ملڪي سطح تي تحريڪ هلڻ باوجود معزز استادن جو هڪ به جائز مطالبو تسليم نه ڪرڻ پٺيان ڪهڙيون سازشون ٿي سگهن ٿيون؟
1.      علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جي هن عظيم درسگاهه جنهن منجهان ٻيون ڪيئي درسگاهون پيدا ٿيون آهن انکي هميشه جي لاءِ بند ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ اهو جواز ڄاڻايو وڃي ته هن يونيورسٽي اندر روز روز جهيڙا ٿين ٿا، شاگردن ۽ پروفيسرن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، ملڪيتن ۽ بسن کي نقصان ڏنو وڃي ٿو ۽ حيدرآباد کان ايندڙ بسن تي فائرنگ ٿئي ٿي تنهنڪري شهر کان ايندڙ شاگرد عدمِ تحفظ جو شڪار آهن ۽ اهڙي طرح شهري يونيورسٽي جنهنکي هاڻ جناح يونيورسٽي بجاءِ انڊس يونيورسٽي جي نالي سان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، لاءِ مڪمل دليل پيش ٿي سگهن.
2.      امڪاني طور بدين، مير پورخاص، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ٻين ڪيمپسن کي يونيورسٽين جو درجو ڏيئي اهو چيو ويندو ته سنڌ اندر هاڻ ضلعي سطح تي يونيورسٽيون قائم ٿي چڪيون آهن انجي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي هاڻ ڪابه ضرورت ناهي، تنهنڪري هن يونيورسٽي کي هميشہ جي لاءِ بند ڪيو وڃي. جڏهن ته نوابشاهه، خيرپور، ٽنڊو ڄام ۾اڳئي يونيورسٽيون موجود آهن ۽ ڄامشوري ۾ هڪ ميڊيڪل ۽ هڪ انجينيئرنگ يونيورسٽي ڪافي آهن. جيڪي به اسان سنڌين جون نه پر گورنر هائوس جون آهن. بجاءِ ڊگري ڪاليجن جي معيار کي وڌائڻ جي ڪيمپسون ٺاهڻ جو ٻيو ڪهڙو جواز ٿي سگهي ٿو!
3.      داخلا جي انگ وڌي وڃڻ ڪري شاگردن جي گروپن تي ضابطو آڻڻ ڏکيو آهي تنهنڪري هر ڪو پنهنجي ضلعي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري ۽ هن يونيورسٽي کي بند ڪيو وڃي.

لڳي ائين رهيو آهي ته اهي ۽ اهڙا ڪيئي جواز ڄاڻائي سنڌ يونيورسٽي کي هميشہ لاءِ بند ڪرڻ جي سازش تي ائين ئي ڪم ڪيو پيو وڃي جيئن لياقت علي خان جي وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ جناح پور ۽ اڙدوديش لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪم ٿيندو رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي کان سنڌ دشمنن کي انڪري به خوف آهي جو هيءَ يونيورسٽي سڄي سنڌ جو دماغ آهي ۽ هن يونيورسٽي ۾ سنڌ جي چپي چپي مان هيٺئين ۽ وچولي ڪلاس جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاءِ موڪلن ٿا ۽ هتي سڄي سنڌ گڏ ٿي پنهنجي ڌرتي لاءِ سوچڻ لڳي ٿي ۽ اها سوچ رڳو 25000 شاگردن 500 استادن ۽ 3000 ملازمن جي نه پر سڄي سنڌ جي سوچ هجي ٿي جو اهي شاگرد جڏهن پڙهي واپس ڳوٺن ڏانهن وڃن ٿا تڏهن سنڌ جي آدرشن جو ڪيس کڻي گهر گهر تائين پهچائن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي سنڌ پنهنجو پاڻ سان ٿيندڙ ذيادتين خلاف هڪ آواز بڻيل آهي. سو ان ڳالهه کي سنڌ دشمن ڌريون ته سمجهن ٿيون پر بدقسمتي سان اسانکي اهي ڳالهيون تمام گهٽ سمجهه ۾ اچن ٿيون. اسان ته اهو به سمجهي نه ٿا سگهون ته شاگردن جي مختلف سياسي گروپن جي وچ ۾ جهيڙا رڳي سياسي جهيڙا نه آهن پر اهي جهيڙا دراصل اُهي ڌريون ڪرائي رهيون آهن جيڪي سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽي کي هميشہ جي لاءِ تباهه ڪرڻ گهرن ٿيون.
انهيءَ ڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جوڳي آهي ته وائيس چانسلر کي هٽائڻ واري معمولي مطالبي تي عمل ڇو نه ڪيو پيو وڃي؟ ۽ ٻين مڙني آئيني ۽ قانوني مطالبن کي ٽي مهينا تحريڪ هلڻ کانپوءِ به آخر ڇو مانُ نه ڏنو پيو وڃي؟ ظاهر آهي ته ان جو مقصد سواءِ ان جي ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته روزانه جي جلوسن، جهيڙن ۽ شاگردن طوڙي استادن جي قتل وسيلي هيءَ يونيورسٽي بدنام ٿيندي رهي ته جينئن سنڌ جا ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿين ته هن يونيورسٽي ۾ هاڻ اولاد کي ناهي پڙهائڻو ۽ سنڌ دشمن ڌريون اهو فيصلو آساني سان ڪري سگهن ته هيءَ يونيورسٽي هاڻي تدريسي عمل جي لائق ناهي رهي تنهنڪري هن کي هميشہ لاءِ بند ڪيو وڃي. هن وقت 25000 گهرن اندر اها ڳڻتي ضرور هوندي ته اسانجي پٽ جو لاش ڪهڙي وقت گهر ٿو اچي.
تنهنڪري سنڌ يونيورسٽي جو معاملو هاڻي مٿي ڄاڻايل مطالبن تائين محدود نه بلڪ سنڌ جو هڪ اهم قومي مسئلو بنجي چڪو آهي جنهنجي لاءِ سنڌ جي هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ هلندڙ تحريڪ کي صرف استادن ۽ ملازمن جي تحريڪ سمجهي نظرانداز ڪرڻ واري روش ختم ڪرڻي پوندي.

sufilakufi@gmail.com