Saturday, 6 September 2014

سياست جي اصليت کي پڌرو ڪندڙ اسلام آباد جي تحريڪ.

سياست جي اصليت کي پڌرو ڪندڙ اسلام آباد جي تحريڪ.
                           غلام رسول چانڊيو

  با وجود ان جي ته طاھرالقادري ۽ عمران خان وارن ڌرڻن جي مطالبن ملڪي سياست ڪندڙن لاءِ ھڪ ڇرڪ ۽ خوف واري ڪيفيت پيدا ڪري وڌي آھي جو ٻئي ڌرڻا پنھنجي پيش ۽ پسمنظر ۾ ڀلي جو کڻي ڪھڙا به مقصد رکندا ھجن پر انھن ڌرڻن جا مطالبا ظاھري طور ٻن شڪلين ۾ سامھون آيا آھن، جنھن مان ھڪ مطالبي اسان جي اليڪشن جي اصل حقيقت کي پڌرو ڪري وڌو آھي ته قادريءَ جي مطالبن وري نظام حڪومت ۽ عوام سان جمھوريت جي نالي تي ٿيندڙ بدترين دوکن جي اصل حقيقت ظاھر ڪري ڇڏي آھي، حالانڪ ھن ملڪ جي مختلف سياسي جماعتن جيڪي ايوانن کان ٻاھر يا ايوانن ۾ رھيون آھن، انھن عمران ۽ قادريءَ جي مطالبن لاءِ ملڪ ٺھڻ کان وٺي اھي ساڳيا  مطالبا ڪنديون رھيون آھن بلڪه ائين چوڻ اڃان به وڌيڪ بھتر ٿيندو ته اقتدار ۾ رھڻ کانپوءِ  وري مخالف ڌر ۾ رھندڙ پارلياماني پارٽيون به اھي ساڳيون ڳالھيون ڪنديون رھيون آھن سو اھي ڌرڻا  ۽ انھن جا مطالبا ھڪ ته نئين ڳالھ نه آھن ۽ ٻيو ته انھن ساڳين مطالبن لاءِ اڳ به تحريڪون ھلنديون رھيون آھن، پر عمران ۽ قادريءَ جي ڌرڻن جي صورت انھيءَ ڪري به مختلف آھي جو اھو پھريون موقعو آھي جو اھي ڌرڻا طويل ھوندي رياست جي علامت طور سڃاپجندڙ عمارتن اڳيان ھڪ نئين شڪل ۾ موجود آھن  ۽ انھن ڌرڻن پويان اھي قوتون ڪم ڪري رھيون آھن جن لاءِ  ھن ملڪ تي راتاھو ھڻڻ ھاڻ ايترو سولو نه رھيو آھي، تنھنڪري  اھا ڳالھ چئي سگھجي ٿي ته ھن ملڪ جي سياست، اھا ڪھڙي به شڪل ۾ موجود ھجي پر ھاڻ ھڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رھي آھي. اھڙي طرح ھن سموري صورتحال کي جيڪڏھن سادي نموني ڏسجي ته اھا  ڪجھ ھن طرح بيٺل نظر اچي ٿي.

پھريون ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جيڪا سمورو عرصو مختلف شڪلين ۾ اقتدار ۾ رھندي آئي آھي، ان لاءِ ھاڻ مختلف مفادن جي حوالي سان سڌي طرح انتھائي ڏکيو ۽ اڻ سڌي طرح اقتدار ۾ رھڻ ايترو سولو نه رھيو آھي جو سندن ئي نرسريءَ مان پيدا ٿيل جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه سياست  سندن ھٿن مان نڪرڻ چاھي ٿي ۽ لڳي ائين رھيو آھي ته ھاڻ ٻئي قوتون ھڪ ھڪاڻيءَ جي موڊ ۾ آھن اھڙي صورتحال جي پيدا ٿيڻ جو سبب ھڪ ته نظريئ جي کوٽ آھي جيڪو ڪنھن به رياست لاءِ انتھائي ضروري ھجي ٿو ۽ ٻيو ته جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ جو سنگم پنھنجن سڀن صورتن ۾ عوام دشمن ھوندي، قومي عوامي غلامي ۽ سرمائي جي چوطرف ڦرندو رھندو آھي تنھنڪري ٻئي ڌريون ٿوري گھڻي فرق ۽ داخلي تضادن جي، ھڪ ٻئي خلاف جنگي حالت ۾ آھن ۽ مزي جي ڳالھ وري اھا آھي ته ٻئي طاقتون عوام کي ھڪ ٽول طور استعمال ڪري رھيون آھن جو اصل طاقت جو سرچشمو ته بھرحال عوام ئي ھجي ٿو، ان ڪري ھڪڙي طاقت ايوان اندر ھوندي عوام جي نمائنده ھئڻ واري دعوي سان پنھنجا ھٿيار تاڻيو بيٺي آھي ته ٻي قوت به عوام کي ايوانن ٻاھران بيھاري، عوامي حقن واري نعري سان مذاق ڪندي، عوام کي ئي استعمال ڪري رھي آھي، جڏھن ته عوام ٻنھي ڌرين جي ايجنڊا تي نه آھي ۽ نه رھي آھي نه ڪو آئينده رھندي. اھڙي صورتحال ۾ عوام جي اڪـثريت اھڙين سياسي سازشن کان اڻ واقف ھوندي ٻن وقتن جي ماني لاءِ پريشان آھي جنھن جو فرياد بھرحال انھن مڊل ڪلاس سياسي قوتن ۽ گروپن تي ئي داخل ڪرائي سگھجي ٿو جيڪي پڻ محڪوم عوام جي نمائندگي جي دعوي ڪرڻ باوجود، سياست کي ڪاروبار طور استعمال ڪندا رھيا آھن ۽ پنھنجي نفسيات موجب ڪنھن تبديليءَ بجاءِ ھو پنھنجو پاڻ کي مٿئين ڪلاس ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ معصوم عوام کي ڏاڪڻ بڻائيندا رھيا آھن.
اھڙي طرح ھن سياسي ڊرامي جو ٻيو پھلو اھو به چٽو ٿي سامھون آيو آھي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ميمبرن جي دونھيندار تقريرن بھرحال اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته ايوانن ۾ ويٺلن کي اقتدار پنھنجي ساه کان به وڌيڪ مٺو آھي جو اھي پھريون دفعو انھن قوتن کي سڌي تنقيد جو نشانو بڻائي رھيون آھن جن جي سلسلي ۾ ڳالھائڻ لاءِ اڳ ۾ سوء  دفعا سوچيو ويندو ھيو ۽ اھا ڳالھ به بھرحال چٽي ٿي سامھون آئي آھي ته اسان وٽ جمھوريت عوامي نمائندگي بجاءِ اقتدار جي حاصلات کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي جو اڄ تائين ڪنھن سنگين عوامي مسئلي لاءِ اسان جي اسيمبلي ميمبرن ايترو شدت سان ڳالھايو ھجي جھڙي طرح ھن وقت اقتدار کي بچائڻ لاءِ ڳالھايو پيو وڃي. ان ڳالھ کي ھيئن به وٺي سگھجي ٿو ته بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ سياست جا ماپا تبديل ٿي جنھن مفاھمت جي نعري سان اڳتي وڌيا، ان مفاھمت جو اصل مقصد ئي “ اچو ته گڏجي اقتدار جا مزا ماڻيون” تي وڃي بيٺو ۽ ملڪ جي عوام ڏٺو ته زرداريءَ جي دور حڪومت ۾ سڀ جا سڀ اقتدار ۾ ھئا ۽ ڪا به مخالف ڌر موجود نه ھئي. اھو دراصل ھڪ اھڙو معاھدو ھيو جنھن ۾ “اچو ته سڀ گڏجي کائون” جھڙو عظيم فارمولو جوڙيو ويو ھيو جنھن تي اڄ سڀ جا سڀ گڏ بيٺل آھن، مطلب ته  ھتان جي جاگيردار ۽ سرمائيدار اھو بھرحال طئه ڪري ورتو آھي ته ھاڻ ھر حال ۾ ھڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻو آھي، ان لاءِ ڀلي ڪيتري به ڳري قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي.انھيءَ تناظر ۾ جيڪڏھن نواز شريف کي ڏسبو ته اھڙي قسم جي معاھدي جي چٽي شاھدي ان ڪري به ملندي جو ٿوري گھڻي فرق سان ڄڻ ته زرداريءَ جو اقتدار تبديل ئي نه ٿيو آھي، البته ھاڻ سياست جو مرڪز ايوان صدر بجاءِ وزير اعظم ھائوس آھي.
جڏھن ته ھن جھيڙي جي ٽئين پھلوءَ کي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي پس منظر ۾ به ڏٺو پيو وڃي، جنھن لاءِ الطاف حسين طرفان استيفائون طلب ڪرڻ ۽ خود مشرف جي ھڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو مان ئي لڳائي سگھجي ٿو جنھن ۾ مشرف سڌي طرح اھو چئي ڏنو آھي ته عمران ۽ قادريءَ جي تحريڪ نه رڳي جائز آھي پر سندن مطالبا به ھر حوالي سان صحيح آھن ۽ الطاف حسين ته اھو چٽيءَ طرح چئي به ڏنو آھي ته مشرف خلاف آرٽيڪل 6 تحت ھلندڙ سنگين غداريءَ وارو ڪيس غير قانوني آھي، تنھنڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته ھن سموري مانڌاڻ جو ھڪڙو اھم پھلو مشرف به آھي جنھن کي ھر قيمت تي اسٽيبلشمينٽ بچائڻ گھري ٿي جو اھو مسئلو ان ڪري به سندن لاءِ اھم آھي جو ھو نه ٿا چاھين ته ڪا اھڙي روايت پوي جنھن سان سولين جي سندن ڀيٽ ۾ طاقت ۾ ڪو اضافو ٿئي.
اھڙي طرح  اسلام آباد جي ڇڪتاڻ کي مختلف شڪلين ۾ ڏسڻ سان اھا ڳالھ بھرحال واضع ٿيندي ته ھي ملڪ ھاڻ پنھنجي تضادن جي آخري حدن کي ڇھندي ھڪ فيصلا ڪن مرحلي ۾ داخل ٿي رھيو آھي، جنھن سان گھڻو ڪجھ تبديل ٿيڻ جا واضع اشارا ملي رھيا آھن، پر سنجيده حلقن ۾ اھا ڳڻتي بھرحال موجود آھي ته اھا تبديلي عوام لاءِ ڪيتري لاڀائتي ثابت ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته نواز شريف جي ڌڪ جھلي وڃڻ جي صورت ۾ به بھرحال تبديلي اچڻي آھي جنھن جا امڪان ھاڻ انھيءَ ڪري به دنڌلا ٿي رھيا آھن جو حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ به بدترين تقرار شروع ڪرايو ويو آھي، چودري نثار ۽ چودري اعتزاز جي جھيڙي کي رڳي محض اتفاق سمجھڻ ان ڪري به دانشمندي نه ھوندي جو اسٽيبلشمينٽ ھر حال ۾ پنھنجو اھو ٽارگيٽ پورو ڪندي توڙي جو في الحال کيس ڪجھ وقت لاءِ خاموش رھڻو ڇو نه پوي. ٻي طرف الطاف حسين جون روايتي گوٿناٿيون به معني خيز آھن، سو بھرحال خاموش سنڌ لڳي ٿو ته پنھنجي سياست الطاف حسين حوالي ڪري ڇڏي آھي جو سنڌ جون ٻيون مڙئي پارٽيون ھڪ اھڙي خاموشيءَ ۾ آھن جو ڄڻ ته ڪنھن کاتي ۾ ئي نه ھجن ۽ شايد آھي به ائين ئي...........sufighulamrasool@gmail.com 

Monday, 13 August 2012

سنڌ يونيورسٽي : حقيقت جي اصل تشريح

سنڌ يونيورسٽي :  حقيقت جي اصل تشريح
غلام رسول چانڊيو             Description: C:\Documents and Settings\XulfiQar\My Documents\GR PHOTO\Picture 032.jpg
منهنجي پياري آسي اختر ڀٽو طرفان تعميرِ سنڌ جي 21 جولاءِ واري پرچي ۾  منهنجي لکيل مضمون جي موٽ ۾ نهايت ئي شاندر ڪالم لکيو آهي جنهن لاءِ مون کي بيحد خوشي انڪري به آهي جو سنڌ يونيورسٽي جا اصل ڌڻي يعنيٰ شاگرد  به پنهنجي مادرِ علمي تي سنجيدگي سان سوچڻ لڳا آهن.
حقيقت جي وضاحت ۽ وصف مختلف مفڪرن مختلف انداز ۾ ڪئي آهي، حقيقت جنهن کي اسان سچ چئون ٿا اهو فلسفي جي ٻن ڌارائن ۾ هلي ٿو فلسفي جي ٻن بنيادي مڪتبهِ فڪر مان هڪ خيالي سچ ۽ حقيقي سچ، جيڪو به  مشروط سچ هجي ٿو ان سلسلي ۾ ازل کان وٺي دنيا جا سڀئي فلسفي سچ جي صحيح وصف  متعلق منجهيل آهن، ڇاڪاڻ ته ڪائنات ايتري ته لامحدود ۽ ڳجهه آهي جو انجي تلاش ۾ هر لمحي هڪ نئون لقاءَ سامهون اچي ٿو جنهن کي اسان سچ سمجهي ويهون ٿا پر جڏهن ان سفر ۾ هڪ ٻئي لقاءَ ۾ داخل  ٿيون ٿا ته پهرئين لقاءَ کي ڪوڙو سمجهڻ لڳون ٿا. اهڙي طرح سچ لامحدود هوندي اڄ به فلسفين وٺ هڪ وڏو سوال آهي. خيال ۽ خواهشن جي دنيا کي ڇڏي جيڪڏهن اسين سماجي سائنس جي اصولن موجب ڏسون، سوچون ۽ سمجهون ته سادي نموني ڪجهه حقيقتون ۽ سچ سامهون اچي سگهن ٿا.
مثال طور اسانجي نظر ۾ ڪائنات حقيقي سچ آهي پر ڇا واقعي اهو سچ آهي يا اسانجو خيال؟ اهڙي طرح جا اخبار اوهان پڙهي رهيا آهيو اها اخبار پنهنجي خبرن ۽ تصويرن سميت ڇا واقعي سچ آهي؟  ۽ خود اسان جي حقيقت ۽ سچ تي ڳالهائي رهيا آهيون، اها به حقيقت يا سچ آهي يا ڪنهن ماوراءِ قوت جو خيال؟ يا وري ماوراءِ قوت ڪا آهي به يا نه؟ اهڙي طرح حقيقت جي پيچيده مسئلن ۾ وڃڻ بجاءِ  اسان جيڪڏهن مشروط ڪائناتي سچ ۽ لقاءَ ۾ جو ڪجهه ٿي رهيو آهي  انکي ئي حقيقت سمجهون ته ڪيترا سماجي مسئلا پنهنجي حقيقي روپ ۾ سامهون اچي سگهن ٿا. جيڪڏهن ان ڳالهه کي سادو ڪجي ته اسان جنهن ڪرسي تي ويٺا آهيون اها ڪرسي بهرحال حقيقت آهي ، اسان جنهن وڻ کي ڏسي رهيا آهيون اهو وڻ به حقيقت ئي چئبو يا مادي لحاظ کان اسان جو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون ۽ ان ۾ جو تحرڪ آهي انکي حقيقت چوڻ کان سواءِ ٻيو ڇا چئون؟ ان ڳالهه کي اڃا به جيڪڏهن سادو ڪجي ته اسان جو چئون ٿا اهو ضروري ناهي ته سچ هجي پر اسان جو ڪيون ٿا انکي سماجي لحاظ کان بهرحال سچ سمجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.
دنيا جا سڀئي ماڻهو کلندا آهن، اهو انساني سماج جو وڏو سچ آهي ۽ دنيا جا سڀئي ماڻهو روئندا، ماني کائيندا، ننڊ ڪندا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪندا آهن انکي سچ سمجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي. پر هتي وري صحيح ۽ غلط جو سوال به بهرحال پيدا ٿئي ٿو جيڪو وري نتيجن سان مشروط آهي. اسان ڪيترائي ڪم بهتر نتيجن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪندا آهيون پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جا غلط نتيجا نڪرندا آهن. ۽ ان حقيقت کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اسان خوبصورت ڳالهيون ڪري جو ڪم ڪندا آهيون ان ۾ اسان جي اصل حقيقت ڪهڙي هوندي آهي ان جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن نتيجا سامهون ايندا آهن.
حقيقت ۽ سچ جي مختصر وضاحت کان پوءِ پاڻ جيڪڏهن اصل معاملي تي اچون ته سنڌ يونيورسٽي بنيادي طور تي صرف ئي صرف شاگردن جي لاءِ آهي جيڪي فيون ۽ ٻيا خرچ ڀري يونيورسٽي ۾ پهچن ٿا. يعنيٰ ڪنهن به يونيوسٽي جو بنيادي مقصد شاگرد ئي هجن ٿا جڏهن ته استاد اجورو وٺي پڙهائن ٿا، افيسر شاگردن ۽ استادن کي صحولتون مهيا ڪرڻ ۽ انتظام کي بهتر نموني سان هلائڻ لاءِ مقرر هجن ٿا ۽ هيٺيان ملازم وري مٿين سڀني ڌرين جي مددگار واري حيثيت رکن ٿا.  ان مختصر ڳالهه جو مقصد اهو وڃي بيٺو ته شاگرد ئي يونيورسٽين جا اصل ڌڻي هجن ٿا. پر اسانجي سماج اندر شاگردن جو ڪم پڙهڻ بجاءِ غير نصابي سرگرميون هجي ٿو (شاگردن جي اڪثريت بهرحال علم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي)  ، استادن جو ڪم ڪلاس رومن ۾ تبديلي آڻڻ بجاءِ روڊن تي نڪري سياست ڪرڻ هجي ٿو، انتظاميا جنهن کي انتظام سنڀالڻو هجي ٿو اهي وري حڪمراني ڪرڻ لڳن ٿا جڏهن ته مددگار اسٽاف وري محرومين جي ڪري پنهنجن مطالبن لاءِ سرگرمِ عمل رهي مددگار واري حيثيت بجاءِ سياست بازي جو شڪار ٿي وڃي ٿو ان صورتِ حال جو سبب وري رياستي نوعيت ۽ ڪردار تي دنگ ڪري ٿو ۽ اسين جنهن رياست ۾ رهون ٿا اها نه ته عوامي، نه قومي، نه جمهوري ۽ نه ئي ويلفيئر رياست آهي ۽ پنهنجي فطري تضادن سبب هر وقت خوف جو شڪار هوندي عوام دشمن ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. ان سموري تباهي لاءِ غربت انارڪي ۽ موقعي پرست سماج هجڻ جي ڪري رياست کي کوڙ سارا ماڻهو ملي وڃن ٿا جيڪي رياست جي عوام دشمن ڪردار جو حصو بنجي رياست لاءِ شعوري توڙي لاشعوري طور ڪم ڪندا رهن ٿا. عقل مند بي ايماني وارو ڪردار ادا ڪندي عوامي ادارن ۽ مفادن جو معاوضو وٺي ٻيڙو ٻوڙن ٿا جڏهن ته بيوقوف ماڻهو مفت ۾ رياست جي ايجنڊا تي سڀئي عوام دشمن ڌنڌا بنا معاوضي تي ڪندي پاڻ کي اجايو انقلابي سجهي ويهن ٿا.
اهڙي صورتحال مادرِعلمي سنڌ يونيورسٽي سان به لاڳاپيل آهي .  وائيس چانسلر هڪ  غير مستقل فرد جو نالو آهي جڏهن ته يونيورسٽي سماجي اڏاوت جو اهو عظيم اثاثو آهي جنهن جي تباهي اصل ۾ سماجي تباهي ۽ عوام دشمني آهي. هڪ ته سنڌ يونيورسٽي جي مسئلن جي لاءِ عوامي سياسي قوتن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جو اسان مٿي رياست جو منفي ڪردار ٻڌائي آيا آهيون ۽ ان ڪردار جو مخالف قوتون صرف سياسي جماعتون هجن ٿيون پر بد قسمتي سان اهي به هن مسئلي کان لاتعلق بڻيل آهن نتيجي ۾ هرڪو پراوا ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آهي .
سوٽا جي ڪردار تي آئون انڪري نه ٿو ڳالهايان جو انهن جو ڪردار گذريل ستن مهينن کان سڀني جي سامهون آهي ۽ انهيءَ ڪردار سبب هاڻ هو بدترين تنهاين کي منهن ڏئي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي تحريڪ جي ٻين تفصيلن کي ڇڏي صرف هڪ نقطي کي واضع ڪجي ته اها تحريڪ صرف انا جي تحريڪ آهي جيڪا ڏئي وٺي سنڌ دشمن ڌرين کي فائدو ڏئي رهي آهي.
جيتري سنڌ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽيءَ جو تعلق آهي ته انجو مقصد ئي سنڌ يونيورسٽي کي بچائڻ آهي جنهن جو ڏئي وٺي نتيجو اهو وڃي نڪتو ته هيءَ ڪاميٽي عمارتن کي نه پر يونيورسٽي جي حقيقي وارثن يعنيٰ شاگردن جي مستقبل کي ئي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي . هاڻ جڏهن يونيورسٽي جو وجود ئي داءَ تي لڳل آهي ته اتي سهولتن جا مطالبا بنهه ننڍڙا ٿي وڃن ٿا پر تنهن هوندي به اسان انهن مطالبن کي نظرانداز نه ڪيو آهي 19 جون 2012 تي ڪيل قومي ڪانفرنس جي قراردادن ۾ اوهان جي مضمون ۾ ڄاڻايل مسئلن تي تفصيلي بحث ڪري قومي قيادت کان منظور ڪرايل آهن جنهن لاءِ اوهان 20 جون 2012 جون اخبارون پڙهي سگهو ٿا . ان کانسواءِ سنڌ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي جو مک نقطو ئي تعليم ، سنڌ يونيورسٽي ۽ شاگردن جو تحفظ ۽ تدريس آهي جنهن لاءِ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتالن کان ويندي عظيم اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي احتجاجن سميت تعليم دشمن قوتن جي آڏو هيءَ ڪاميٽي هڪ وڏي ديوار بنجي چڪي آهي ۽ اڄ صورتحال اها وڃي بيٺي آهي ته هڪ طرف سوٽا اڪيلي ٿي چڪي آهي ته ٻئي طرف انتظاميا استادن ۽ ملازمن جا وڏي پيماني تي مسئلا حل ڪري رهي آهي. ان سان گڏو گڏ جون مهيني ۾ سوٽا طرفان پيپرن جي بائڪاٽ واري تحريڪ کي مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو ۽ هو 55 شعبن مان صرف ٽن شعبن ۾ جوابي ڪاپيون ڦاڙڻ ۾ ڪامياب ٿي تعليم دشمنن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويا .
سنڌ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي سنڌ يونيورسٽي ۽ تدريسي عمل خلاف ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڏي سطح تي ڪم ڪندي شاگردن، والدين ۽ سماج جي ٻين طبقن کي متحرڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي  ۽ ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو آهي ته هر سطح تي سنڌ يونيورسٽي جي حفاظت جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو  ۽ هر ان قوت سان مهاڏو اٽڪايو ويندو جيڪا سنڌ يونيورسٽي خلاف سازش ڪندي.
انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي سڀني ساڃاهه وند ڌرين کي پڻ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ اندر غريبن جي هيءَ واحد يونيورسٽي بچائي سگهجي ڇاڪاڻ ته سنڌ دشمن ڌريون اسانجي قومي قيادتن کي ختم ڪرڻ کان پوءِ هر ان اداري کي ختم ڪرڻ گهرن ٿيون جتان سنڌي سماج کي شعور جي حاصلات ٿي سگهي ۽ سنڌ يونيورسٽي انهيءَ ڪري به سنڌ جو دماغ آهي جو هتي 25000 شاگرد مختلف علائقن کان اچي پڙهن ٿا ۽ هڪ عظيم قومي ڪلچر جنم وٺي ٿو. ظاهر آهي جڏهن جيڪب آباد ۽ ٿر جا شاگرد هڪٻئي سان ملن ٿا تڏهن اتر، لاڙ، ذات پات ۽ قبيلي جا فرق ختم ٿي هڪ قومي تشڪيل ٿيڻ لڳي ٿي جا ڳالهه ڪنهن به قيمت تي سنڌ دشمن ڌرين کي قبول نه آهي.
هڪڙي ڳالهه سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ يونيوسٽي خلاف وڏيون سازشون ٿي رهيون آهن جنهن جا پيرا پري پري تائين وڃن ٿا ۽ اها سازش ڪا اڄڪلهه جي ناهي پر ان سازش کي تڪميل تائين پهچائڻ جي لاءِ سنڌ دشمن ڌرين کي چنيسرائي ڪردار هاڻ وڃي مليا آهن پر سنڌ جو ضمير پنهنجي مجموعيت ۾ ستل نه آهي جو اهو سڀ ڪجهه سنڌ دشمن ڌرين کي آساني سان ڦٻي سگهي . پر ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌي قوم جي هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
sufilakufi@gmail.com                                                                                                                                                         

Tuesday, 17 July 2012

سنڌ يونيورسٽي جي بحران جو سماجي تجزيو

غلام رسول چانڊيو

حقيقتون ايتريون ڏکيون نه هونديون آهن پر اهم ڳالهه اها آهي ته ماڻهو انهن حقيقتن کي ڪيئن ٿا ڏسن. پاڻ مڃائڻ واري نفسيات به ڪيترن معاملن کي ڊانواڊول ڪري ڇڏي ٿي جو اها نفسيات ڪجهه به ڪري گذرڻ جهڙي جنون جو نتيجو هجي ٿي. سماجي ڪردار ۾ شخصي سڃاڻپ جي خواهش ايتري خراب ڳالهه نه آهي پر شخصي سڃاڻپ لاءِ سماجي ڪردار جي خواهش پنهنجي آخري نتيجن ۾ سماجي تباهي يا هڪ وڏي نقصان  جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿي. اهڙي قسم جي صورتحال، اهڙن سماجن ۾ موجود هجي ٿي، جتي رياست جو ڪردار عوام دشمن هجي ٿو ۽ پيداواري لاڳاپن ۾ بدترين دشمني واري ڪيفيت هجي ٿي ، هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اسان جهڙي زرعي سماج ۾ هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ لاڳاپن تي غور ڪرڻ ضروري آهي جتي زميندار طرفان بدترين استحصال ۽ هاريءَ طرفان بدترين نفرت جي باوجود به اها ڳالهه عام هجي ٿي ته “ڀوتار! تون اسان جي ننگن جو وارث آهين” ۽ ڀوتار وري “هاري اولاد وانگر آهي” جهڙيون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، پر حقيقت ۾ معاشي طور تي استحصال جاري هوندو آهي ۽ ٻنهي پيداواري رشتن جي وچ ۾ بدترين دشمني خاموشيءَ سان جاري رهندي آهي. اهو سوال هڪ الڳ بحث گهري ٿو ته ٻنهي مان حقيقي پيداواري قووت ڪهڙي آهي؟
اها ساڳي صورتحال ننڍي، وچولي ۽ مٿئين قسم جي سرمائيداريءَ ۾ به ٿوري گهڻي فرق سان موجود هوندي آهي، پر انجي نوعيت ۽ ڪيفيت تي پڻ الڳ بحث ڪري سگهجي ٿو. هتي بنيادي ڳالهه انهن پيداواري رشتن جي نتيجي ۾ اڀرندڙ سماجي تضادن ۽ سياست جي مختلف پهلوئن جي آهي جيڪي مختلف ڪيفيتن ۾ پنهنجو اظهار ڪن ٿا. رياست جا بنيادي ادارا تضادن جي باوجود جيئن ته منظم هجن ٿا، انڪري انهن جو ڪردار جابرانا رياست ۾ عوام دشمن هوندي به تمام گهڻو ڊرامائي هجي ٿو ۽ خاص طور اهڙيون رياستون جيڪي گهڻ قومي هوندي، غير فطري بنيادن تي جڙيل هجن ٿيون، اتي طبقاتي فرق واري حقيقت پس منظر ۾ هوندي، مذهبي، نسلي، جنسي، گروهي ۽ هر قسم جي انتهاپسندي ويندي ٻار، نوجوان، پوڙهي، عورت، مرد ۽ ذات پات وغيره جا تضاد عروج تي هجن ٿا ۽ پوءِ انهن تضادن جي حل لاءِ هر طبقي جو جدا جدا ۽ غير سائنسي، سياسي توڙي سماجي اظهار سامهون اچي ٿو ۽ سماج گروهي شڪل اختيار ڪري بيهي ٿو ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رياست جا عوام دشمن ادارا هڪ وڏي رٿابندي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا، جنهن ۾ اسان جي ذهنن جي تلاشي وٺي، لالچن، خوف ۽ مخصوص نفسيات کي جنم ڏيئي، پڪو پختو ڪري اسان کان اهڙو ڌنڌو ڪرائين ٿا، جنهن ۾ اسان پاڻ پنهنجي وجود ۽ پنهنجي اصل سچ جو قتل ڪندا رهون ٿا ۽ اجتماعي طور سماج اسانجي سموري تحرڪ کي شڪ جي نظر سان ڏسندي، لاتعلق ۽ غيرجانبدار رهي ٿو، جنهن جو هڪ ٻيو اهم سبب خود سماج جو ورهايل ۽ هڪ ٻئي کان نفرت ڪرڻ وارو رجحان به هجي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ نظرياتي سياست پنهنجي هر شڪل ۾ درست هوندي به نظرياتي انتهاپسنديءَ جي ڪري، پس منظر ۾ هلي وڃي ٿي  ۽ سماج وري رياستي منشا موجب اڀرندڙ تضادن واري گروهي سياست جو شڪار هوندي، هڪ ٻئي جو ئي دشمن بڻجي بيهي ٿو ۽ آدرش ڦٿڪي ڦٿڪي مرندا رهن ٿا. Driving Forces  جي فڪري سطح، دعويٰ ۽ ڪردار به سواليه انڪري هجي ٿو، جو پيداواري ڪيفيتن جي ڪري اهي به پاڻ کي منفي سماجي رجحانن کان بچائي نه ٿا سگهن ۽ پوءِ اهي به غيرضروري تحرڪ جو شڪار ٿيندي رڳي پنهنجي “هجڻ” واري منفي نفسيات جو اظهار ڪندي، سماجي اڏاوت کي تباهه ڪندا رهن ٿا.
انهيءَ سڄي صورتحال ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي وچ ۾ ترقي پسند ۽ آزاد خيال سياست جي نالي تي عوام سان وڏا ڍونگ ٿيندا رهندا آهن. ۽ ها جمهوريت جو دهل به تمام گهڻو وڄندو آهي، بنا ڪجهه اهو ڄاڻندي ته عوامي، قومي، جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه جمهوريت ۾ فرق ڪهڙو آهي!! سو انهيءَ سڄي صورتحال تي هڪ تفصيلي جائزي پيش ڪرڻ جي ضرورت انهيءَ ڪري به آهي، جو ترقي پسند ۽ آزادخيال سياست “جيڪا ٿيندي ناهي” هر ان اڀرندڙ سوال جو فائدو وٺندي آهي، جيڪو پنهنجي شدت سان سماج ۾ موجود هوندو آهي. نتيجي ۾ نه ساڄي نه کاٻي ڌر جي سياست پنهنجي منزل تي پهچي سگهندي آهي ۽ اسان ڊوڙندا رهندا آهيون هڪ اهڙي رڃ ڏانهن جنهن جو ڪو به انت ناهي هوندو.
رياست جا ادارا هڪڙا عوامي فلاح جي نالي تي ۽ ٻيا عوام کي تحفظ ڏيڻ جي نالي انهن مٿان حڪمراني ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويندا آهن ۽ اتي عوام سان وڏو انياءُ اهو هوندو آهي ته عوامي ادارن اندر اظهار جي  جزوي آزادي ڏني ويندي آهي ۽ ٻئي نمبر ادارن ۾ ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت نه هوندي آهي ۽ انهيءَ جو سبب فلاحي ۽ فڪري ادارن ۾ عوام کي خدمتن عيوض تباهي پلئه پوندي آهي. مٿان وري اسان ان اظهار جي آزاديءَ جو اهڙو ته رياستي اظهار ڪندا آهيون، جو ماڳهين ادارا ئي ختم ٿي وڃن.
اهڙي صورتحال جي هڪ مثال طور اسان مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو به وٺي سگهون ٿا، جتي ادراڪ  جو ايترو ته شديد ڏڪار آيل آهي جو جيڪڏهن ڪنهن اهو چيو ته ڪلاس ۽ امتحان وٺڻ گهرجن ته اهو هر حال ۾ وائيس چانسلر جو حامي ٿي ويو ۽ رشوت وٺي نظير مغل خلاف هلندڙ تحريڪ جو دشمن ٿي بيٺو!!! اهڙي ذهني ڏڪار تي به عجب انهيءَ ڪري نه ڪرڻ گهرجي جو پاڻ مٿي مختصر سماجي تجزيو پيش ڪري چڪا آهيون ۽ اها ڳالهه به سادي نموني سمجهه ۾اچي وڃي ٿي ته اسان ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهيون ، نه ته ڀلا نظير مغل کي بچائڻ وارا اهي معصوم شاگرد نه هئا، جن کان هٿن مان پيپر کسي ڦاڙيا ويا يا وري سوٽا اڳواڻن تي ٿيل حملي ۾ حملي آورن بندوق مان نڪرندڙ گولين کي اهو سمجهائي ڇڏيو هيو ته اوهان صرف ڇُهي پوءِ اڳتي گذري وڃجو!! شال هرڪو وڏي ڄمار ۽ عزت ماڻي، پر ڪهڙو بيوقوف مخالف ائين ڪرڻ جي همٿ ڪندو، جنهن خلاف تحريڪ هلندڙ هجي!! سو دراصل اسان پنهنجن ناڪامين جا بار کڻي کڻي جڏهن ٿڪجي پئون ٿا، تڏهن کچڻين پچائڻ کانسواءِ اسان وٽ ڇا ٿو بچي. جيڪڏهن آئون غلط سمجهي رهيو آهيان ته پوءِ ان غليظ حرڪت جي وڏي پئماني تي گهڻ رخي جاچ ٿيڻ انتهائي ضروري آهي ته جينئن اڇا ڪارا پڌرا ٿين.
هڪڙي ڳالهه بهرحال صاف آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ خلاف هڪ وڏي سازش ٿي رهي آهي ۽ انلاءِ جا ڊراميبازي ڪئي پئي وڃي، ان ڊرامي جي اسڪرپٽ ڪنهن لکي آهي؟ ان ڊرامي جو ڊائريڪٽر ڪير آهي؟ ان ڊرامي جا اداڪار ڪير آهن؟ سا ڳالهه سڀن کي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته اها اسڪرپٽ تمام گهڻي پراڻي لکيل آهي ۽ ان ڊرامي لاءِ اداڪار گذريل ستن مهينن کان مليا آهن، جيڪي تمام زبردست پرفارمنس ڏيئي رهيا آهن. جيڪڏهن آئون هن ڳالهه ۾ به غلط آهيان ته پوءِ نظير مغل کي هٽائڻ جو اختيار ته گورنر کي آهي ۽ هيءَ تحريڪ به گورنر خلاف ۽ گورنر هائوس جي دروازي ۽ روڊن تي هلڻ گهرجي ۽ پوءِ اسان سنڌ يونيورسٽيءَ اندر ڇو معصوم شاگردن کان امتحاني ڪاپيون کسي ڦاڙي رهيا آهيون!؟ جنهن جو آخري نتيجو وڃي اهو نڪرندو ته اسان سنڌ يونيورسٽي کي ئي بند ڪرائڻ گهرون ٿا، جنهن لاءِ هاڻ رڳي بس هڪ اڌ لاش ڪيرائي سنڌ دشمن ڌريون اهو ڪم ڪري ڏيکارينديون ۽ پوءِ اهو چيو ويندو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي سڀن ڪيمپسن کي يونيورسٽي جو درجو ڏيون ٿا ، تنهنڪري هاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪا به ضرورت نه آهي. جيڪڏهن بدقسمتي سان ائين ٿيو ته پوءِ سنڌي قوم جي اها تاريخي شعوري تباهي هوندي ۽ ان تباهيءَ ۾ اسان سڀ برابر جا شريڪ هونداسين.
سنڌ يونيورسٽيءَ خلاف اها سازش تمام گهڻي پراڻي آهي، جو هن يونيوسٽيءَ کي سنڌ جو شعور سمجهيو وڃي ٿو ۽ هيءَ ئي يونيورسٽي آهي، جتي سموري سنڌ گڏ ٿئي ٿي ۽ هڪ قومي ڪلچر جنم وٺي ٿو، تنهنڪري دشمن ڇو چاهيندا ته هي يونيورسٽي قائم رهي؟ جنهن لاءِ جناح يونيورسٽي هڪ غير قانوني آرڊيننس وسيلي ٺهي چڪي آهي ۽ حيدرآباد ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جو اعلان ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي جون ڪيترن ضلعن ۾ ڪيمپسون به ٺهي چڪيون، اولڊ ڪيمپس جي پريس مين ڪيمپس ۾ منتقل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ صرف سنڌ يونيورسٽيءَ کي آخري ڌڪ هڻي بند ڪرڻ جو اعلان رهيل آهي.
رهيو نظير مغل جو مسئلو ته اسانجو سمورو سماج پاڪ پويتر ۽ سنڌ جا سڀ آفيسر مسجد جا ڪَک آهن باقي رهيو آهي نظير مغل سو اچو ته سڀئي گڏجي ، انکي هٽائڻ جي نالي تي سنڌ يونيورسٽيءَ کي ايترو خوار خراب ڪريون، جو نوڪري جي هر اشتهار جي هيٺان اهو لکيل هجي ته “سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊگري رکندڙ نوڪري لاءِ درخواست نه ڏين” .
ست مهينا ته ايم آر ڊي تحريڪ به نه هلي هئي، آخر سنڌ يونيورسٽي جي تحريڪ ڇا جي تحريڪ آهي؟ جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي!؟ نه نظير مغل ٿو پچر ڇڏي نه ئي انقلابي اڳواڻ ٿا بس ڪن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ وڃي ته ڪيڏانهن وڃي!؟ لڳي ٿو ته هاڻ ڳالهه برداشت کان چڙهندي ٿي وڃي ۽ هڪ اهڙي تحريڪ جي ضرورت شدت سان پيش اچي رهي آهي جنهن جي گُهر ئي اها هوندي ته نظير مغل ۽ سوٽا جي عهديدارن کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏئي مادرِ علمي کي بچايو، جو سنڌ يونيورسٽي نه ته اڪ جي ماکي آهي ۽ نه ئي سنڌ جو سمورو ضمير ستل آهي.                                                                                                                                                                                                                                          

Article on University of Sindh

سنڌ يونيورسٽيءَ جي المياتي ڪهاڻي
اسان پنهنجي اندر ۾، پنهنجي ئي جلاوطنيءَ جون جايون کڻي گهمون ٿا ۽ اسان جا ڏوهه توڙي پلاند جيئرن وڇن وانگر  اسان جي وجود ۾ سُرندي، اسان کي زهر آلود ڪري رهيا آهن ۽ اهو تاريخ جو ڪڙو سچ  آهي ته هڪ بيمار ذهن وڌيڪ بيمار ذهن پيدا ڪرڻ جي بهرحال صلاحيت رکي ٿو. تنهن ڪري ٻهروپين ۽ بيمار ذهن رکندڙ ماڻهن جي مهم جوئين جي مزاحمت ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي.
رڳو انسان ئي واحد مخلوق آهي جيڪو پنهنجي حقيقت کان انڪار ڪري ٿو ۽ ان انڪار جا تمام گهڻا پاسا آهن پر هڪ پاسو انا، ضد، ذاتي سچ جي زهريلي خواهش، شڪست ۽ فتح جي نفسياتي بيماري سميت روين جي تضادن واري بيماريءَ  جهڙا خطرناڪ رجحان به آهن، انهن ئي رجحانن عظيم مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ کي تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي سنڌ يونيورسٽي جي تباهي واري ايجنڊا ڪا هاڻوڪي ناهي، اهو قصو تمام گهڻو پراڻو آهي پر ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن ڌرين کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان  ئي ماڻهو ۽ ڪردار هاڻ وڃي مليا آهن جنهن تي سنڌ دشمن تمام گهڻو خوش آهن جو هنن جي ايجنڊا آسانيءَ سان پوري ٿي رهي آهي، انتظامي بحران به عقل ۽ دانش جي ڏڪار جي ڪري جنم وٺندو آهي  پر اسان مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهيون ته اسان جهالت کي دانشمندي سمجهندي توڙي پنهنجي احساس ڪمتري ءَ جي رد عمل ۾ پلاندن ۽ ضد واري نفسيات جو اظهار ڪندي بنيادي مقصدن جو قتل ڪري رهيا آهن، باوجود ان جي ته اسين ڄاڻو ٿا ته سماج ۾ اسان جو ڪهڙو تعارف آهي، پوءِ به اسان جو انڪار ۽ ضڊ” اُٺ ڪهي، مٽُ ڀڃڻ“ تي اچي بيٺو آهي،  سنڌ يونيورسٽي رهي يا نه، نذير مغل کي هر قيمت تي هٽائڻو آهي، بلڪل نذير مغل کي هڪدم  ان عهدي تان هٽڻ گهرجي ۽ هو اهل وائيس چانسيلر نه آهي پر ڇا اهو سڀ ڪجهه سنڌ يونيورسٽيءَ کي مڪمل طور تي ختم ۽ بند ڪرڻ واري سئودي تي ٿئي، ؟ هزارين سنڌين جو قاتل جنرل ضيا جيڪڏهن جهاز حادثي ۾  مري نه وڃي ها ته محترمه بينظير ڀٽو جنرل ضيا جي صدارت هيٺ وزير اعظم ٿئي ها ۽ ائين ٿيو به جو جنرل ضيا جي خاص ماڻهو غلام اسحاق خان جي صدارت هيٺ محترمه بينظير  ڀٽو وزيراعظم بڻي۽ صاحبزاده يعقوب ۽ جنرل ضيا جا خاص ماڻهو سندس ڪابينا ۾ شامل هئا ۽ اڄ قاتل ليگ حڪومت ۾ شامل هجڻ سان گڏوگڏ ڀاڱي ڀائيوار آهي. انهن ڳالهين جو قطعي مقصد اهو  نه ٿيو ته سوٽا جي عهديدارن کي نااهل وائيس چانسيلر سان گڏ ويهڻ گهرجي پر ان جو اهو به مقصد نه ٿيو ته هڪ خراب ماڻهو جي ڪري يونيورسٽي کي ئي ختم ڪرائي ڇڏجي.!!!
سنڌ يونيورسٽي 25 هزار شاگردن، 500 استادن ۽ ساڍا 2500 سئو ملازمن جو نالو آهي، رڳو اهو نه پر سنڌ جي هيءَ قديم يونيورسٽي سنڌ جو دماغ هوندي، غريبن جي واحد يونيورسٽي آهي جتي والدين پنهنجو مال متاءُ وڪڻي قرض کڻي ۽ ڪيترن مصيبتن کي منهن ڏئي پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاءِ موڪلين ٿا ۽ پوءِ جڏهن انهن جي هٿن مان پنهنجي يونيورسٽي جا استاد صاحبان پيپر کسي انهن جي سامهون ڦاڙين جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون سڄي سڄي رات پڙهي پڙهي صبح جو سوير يونيورسٽي ۾ پيپر ڏيڻ اچن  ۽ پوءِ اهي ڦاڙيا وڃن،۽ سندن اولاد جا لاش ڳوٺن ڏانهن روانا ٿين ته ڇا اها ڪنهن جي خدمت ٿئي ٿي.؟، هتي ڳالهه عزت ۽ بي عزتي جي ناهي، هي سوال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بقا جو آهي، جنهن جو سئودو ڇا ايترو مهانگو  آهي جو اسان ادارو ئي ختم ڪرائي ڇڏيون.!!؟ ڪرپٽ سماج ۾ دانش جا ڌڻي جيڪڏهن 50 ڪرپٽ ماڻهن مان صرف هڪ لاءِ ليڪو ڪڍي بيهن ته اهڙي دانش کان ڀينگ ڀلي آهي،!! نااهل بڻايل وائيس چانسيلر جي موڪل تي وڃڻ کانپوءِ مانواري ڊاڪٽر پروين شاهه  قائم مقام وائيس چانسيلر ٿي، ته سوٽا ۽ سيوا وارن تحريڪ ختم ڪري ڇڏي، کانئن الائي ڇو وسري ويو ته ڊاڪٽر پروين شاهه جي  4 مهينن جي دور ۾ ٻن  شاگردن دين محمد دل ۽ عبدالغفور نوحاڻي کي شهيد ڪري مائن جون جهوليون اجاڙيون ويون، 37 کان مٿي فائرنگ ۽ 17کان وڌيڪ جهيڙا ٿيا، جنهن ۾ شاگرد زخمي ٿيا ۽ اسپتالن حوالي ٿيا ته ڪيترا وري جيل ڀيڙا به ٿيا، سوين غير قانوني ڀرٿيون ٿيون ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري ايڊميشن سيل ۾ ناجائز  داخلائون ڏنيون ويون، ويندي ويندي حلف وفادري تقريب جي نالي ۾ لکين روپيا رشوت طور جاري ڪرڻ سميت استادن جي فيڊريشن جي اسلام آباد جي اجلاس لاءِ هزارين روپيا جاري ڪيا ويا. سينيئر استادن کي ڇڏي جونيئرس ۽ سوٽا جي حامي استادن کي پرڏيهه ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جون منظوريون ڏنيون ويون، ۽ ڪيترن کي بنگلا الاٽ ڪرڻ جا حڪم نامه جاري ڪيا ويا، يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي لکين روپين جي ڪرپشن ڪري ڪيمپس کي ڇانوڻي بڻايو ويو. من پسند ماڻهن کي ڪوارٽر ۽ بنگلا الاٽ ڪيا ويا ۽ ٻيو الاءِ ڇا ڇا ٿيو !!، پر اسان جي عظيم سوٽا صرف انڪري احتجاج ختم ڪيو  جو کين، انتظامي عهدا مليا ۽ يونيورسٽي سندن آڱرين تي نچڻ لڳي، سوٽا قيادت جناح يونيورسٽي ءَ جي اسيمبلي مان بل جي منظوري، فنڊ جاري ٿيڻ اسپيشل فنڊ ملڻ، ڪلاس شروع ٿيڻ، جناح يونيورسٽي لاءِ زمين جي خريداري ٿيڻ تائين ٻُڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي،  هاڻ جڏهن  وي سي نذير مغل  کي هٽائڻ کان علاوه وٽن ٻيو ڪوبه اشو ناهي ته جناح يونيورسٽي جي قيام وارو راڳ الاپيو پيو وڃي، ( جنهن کي سنڌ جي سمورن ساڃاهه وندن مڪمل طور تي رد ڪيو آهي) ٻن ڳڀرو شاگردن جي شهادت تي تعزيت بيان به جاري نه ٿيو، شهيد بشير چنڙ جي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو، شاگرد يونين جي بحالي،  سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس مان پوليس ۽ رينجرز جي نيڪاليءَ وارا مطالبا الاءِ ڪيڏانهن ويا، !!؟. اسان ساڻن 3 مهينا صرف انهن مطالبن جي ڪري ئي روڊن تي رلياسين پر جڏهن سندن اصل مطالبا  ظاهر ۽ منظور ٿيڻ لڳا ته ڏندين آڱريون ڏئي الڳ ٿي وياسين ته وري اسان مٿان  وي سي نذير مغل جي حامي هجڻ واري فتويٰ جاري ٿي.
        الاءِ ڇو سوٽا جي عهديدارن کان اها ڳالهه وسري وئي ته نذير مغل جي خلاف آئون جنگ جوٽي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري رهيو هوس ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مزار اڳيان ۽ پريس ڪلبن اڳيان مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتالون ڪري رهيو هوس تڏهن سوٽا اڳواڻ سنڌ يونيورسٽي بچايو جي نالي تي آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪرائي سندن آجيان ڪري رهيا هئا ۽ پوءِ اوچتو ٻن سالن کان پوءِ  وي سي نظير مغل اناهل، ڪرپٽ ، دشمن ٿي پيو، !؟ سا ڳالهه بهرحال سنڌ کي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ مٿان وري ميارون اهي ته سول سوسائٽي، ساڃاهه وند ۽ سياستدان خاموش آهن،  اهي سڀئي ان تحريڪ سان گڏ هئا پر جڏهن تحريڪ جي اصل مقصدن جي کين خبر پئي ته پوءِ کانئن غير جانبدار رهڻ جو حق ڇو ٿو کسيو وڃي.!؟
       اها تحريڪ جي وڏي ڪاميابي ناهي ته ڊاڪٽر نذير مغل 15 سالن جا رهيل مسئلا حل ڪري رهيو آهي، پنهنجي غلطين جي معافي وٺي باربار ڳالهين جي آڇ ڪري رهيو آهي.!؟ ۽ پوءِ به جي ضد نه ڇڏجي ته برادرين کان جلوس ڪڍرائجن ۽ ميڊيا ۾ ذاتي رشتن ۽ تعلقاتن جو سهارو وٺجي، ڪير  حق ۽ سچ  پنهنجي ڪالم ۾ لکي ته  به ان تي سوٽا اڳواڻن طرفان حملا ڪرائڻ، ڪورٽن مان حرجاڻا وٺڻ لاءِ ڪيس داخل ڪرائڻ يا وري انهن کي ميڊيا جي ادارن مان ڪڍرائڻ جي مهم هلائي وڃي، جنسي گاريون ڏنيون وڃن ته پوءِ ان ڳالهه کي ڪير پهچي!! پوءِ اهڙن ماڻهن کي ڪير چوي ته شينهن جي منهن ۾ ڌپ آهي، جيڪڏهن مون کي معاف ڪيو وڃي ته آءُ سچ چئي ڏيان ته 25 هزار شاگردن، 500 استادن، 25 سئو  ملازمن مان گهڻا ان تحريڪ سان گڏ آهن، !؟ هڪ سئو کان به گهٽ !!. اهڙي صورتحال ۾ انائن کي ڇڏي جيڪڏهن هزارين شاگردن، سوين ملازمن تي رحم ڪيو وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عزت جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.!؟
       اسان جنهن رياستي نظام ۾ رهون ٿا ان جي نوعيت ڪڏهن به عوام دوست نه رهي آهي، هتي ناجائز مطالبا ته منظور ٿيندا آهن پر جائز مطالبن جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي انڪري هڪ ته هر تحريڪ کي انائن جي ور چاڙهي مقصدن کي موت ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو تحريڪ جي روايتي طريقن ۽ رڳي خبر لڳرائڻ وارن رجحانن کان هٽي ڪري اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان مقصد به زندهه رهي ۽ عوامي حمايت به جاري رهي، مثال طور ڪلاس وٺي جلوس ڪڍجي ته ان سان جيڪا سماج ۾ همدردي پيدا ٿيندي ان جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. پر ڪلاسن ۽ امتحانن جي بائيڪاٽ واري ڳالهه ته ائين وڃي بيٺي ته شاگرد گهر هليا وڃن ۽ يونيورسٽي هميشهه لاءِ بند ٿي وڃي، جنهن  مقصد لاءِ سنڌ دشمن ڌريون عرصي کان ڪم ڪري رهيو ن آهن.
اهي ماڻهو جيڪي ” نه“ ڪن  ٿا، ”انڪار “ ڪن ٿا، اهي ماڻهو آئيڊيل هجن ٿا. پر شرط اهو آهي ته ان ”نه“ ۽ ”انڪار“ پٺِيان نفسياتي مسئلا  نه هجن. ” نه“ بغاوت آهي ۽ بغاوت انقلاب، پر اهڙين بغاوتن لاءِ ذاتي مفادن ۽ خواهشن جو هجڻ تبديلي جو موت آهي زندگيءَ تضادن سان ڀريل آهي ۽ تضادن کي قبول ڪرڻ ۽ انهن خلاف جنگ ڪرڻ انتهائي اهم آهي پر تضادن سان جنگ ۾ وجود کي فنا ڪرڻ قطعي دانشمندي نه آهي، ان ڪري سنڌ يونيورسٽي جي بقا لاءِ هر حال ۾ احتياط کان  ڪم وٺڻو پندو ۽ زميني حقيقيتن کي حق جي نظر سان ڏسڻو پوندو.