Tuesday 3 April 2012

MURDER OF SINDH UNIVERSITY STUDENT


رت سان رنگجي ويل سنڌ يونيورسٽي
۽ هن بهار به پٽ جو لهوءَ سان لت پت لاش آندو...

                                     غلام رسول چانڊيو
ڪالهه وري سنڌ يونيورسٽي مان لهو ۾ لت پت دين محمد دل جو لاش ڀان سعيد آباد ڏانهن، سندس موڙن کي موتي پوئيندڙ ماءٌ ڏانهن موڪليو ويو آهي. ٻن مهينن کان به وڌيڪه عرصو سنڌ يونيورسٽي بند رهڻ کانپوءِ جيئن ئي کلي ته هولي جا رنگ دين محمد جي جواني واري لهو سان ڳاڙها ٿي ويا. ۽ سنڌ يونيورسٽي مٿان دانهن جي اهڙي راڪاس اچي واسو ڪيو جو هڪه معصوم نياڻي رڙيون ڪري پنهنجي پيءُ کي فون تي سڏي رهي هئي ته “بابا هتي گوليون پيا هڻن جلدي اچو مونکي وٺي وڃون”.
سنڌ يونيورسٽي مٿان وقت جي وحشيپڻي اهڙي ته انتها ڪري ڇڏي آهي جو هاڻ هيءَ يونيورسٽي مقتل يونيورسٽي بنجي پئي آهي ۽ اسان جيڪي ايترا سادا به ناهيون سي بس پنهنجي تاريخ جون عزتون ئي لُٽي رهيا آهيون. آخر اهڙو ڇا آهي، جو علامه آءِ آءِ قاضي جي خوابن مٿان گولين جو وسڪارو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. ٻن سالن اندر ٽن البيلين جوانين جا لاش ۽ هڪه پروفيسر جو لهولهان لاش سنڌ جي اداس ڳوٺن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي. الاءِ ڇو ٻن مهينن کان سنڌ يونيورسٽي جي استادن، شاگردن ۽ ملازمن جون تحفظ لاءِ دانهون وقت جي حڪمرانن جي ڪنن تائين نه پهتيون؟ ۽ جي پهتيون ته شايد اهي وقت جي اهڙن غارن ۾ ستل آهن، جتي سندن دوستي وحشتن سان ٿي پئي آهي، جو الهڙ جوانين جو رت به سندن جيءَ کي جهٻو نٿو ڏئي. هڪه نظير مغل  ۽ پنهنجي پسند جي وائيس چانسلر  مقرر ڪرائڻ لاءِ نه ڄاڻ حڪمرانن کي اڃا ڪيترا لهو ۾ لت پت دين محمد جا لاش گهربل آهن!؟
هي صرف دين محمد جو موت نه آهي، پر سنڌ يونيورسٽي جو اهو دهشتناڪ قتل آهي، جنهن سان سنڌ جو ساهه ئي هميشه لاءِ نڪري وڃي. سنڌ جيڪا اڳئي لُڪيءَ ۾ ساهه کڻي رهي آهي ۽ جنهن جا سڀئي محاذ مرڻ ڪنڌي پهتا آهن، اتي سندس آخري پونجي، تعليم به قتل ڪرڻ جي لاءِ، سنڌ دشمن ڌريون بس ڄڻ ته آخري وار ڪري رهيون آهن.  ۽ اسان جيڪي تاريخ جي ڪَفنن کي ڪَلف هڻي گهمي رهيا آهيون، سي ڄڻ ته سنڌ، سنڌ جي وسيلن، ادارن، تاريخ، تهذيب ۽ وقار جي لاشن کي به پاڻ سان گڏ دفنائڻ گهرون ٿا. لڳي ائين ٿو ته اسان پنهنجي هر دعوي تان هٿ کڻي چڪا آهيون ۽ بس جيئن ڪو مقتول آخري کرڙيون هڻندي دانهون ڪندو آهي، تيئن اسان ان مرندڙ وانگر، نعري بازي ڪندي، مرڻ گهرون ٿا. نه ته ڀلا سنڌ يونيورسٽي جا مسئلا ايترا ته ڳنڀير نه آهن، جو انهن جي حل لاءِ جوان لاشن جي قيمت ادا ڪرڻي پوي. سنڌ يونيورسٽي جا 24 هزار شاگرد، 500 استاد، 2500 ملازم جيڪڏهن هڪه ٿين ۽ چاهين ته، چند سنڌ يونيورسٽي جي دشمنن کي ڪلاڪن اندر شڪست ڏئي نه رڳي رت جي راند بند ڪرائي سگهن ٿا پر علامه آءِ آءِ قاضي جي مرندڙ خوابن کي هڪه باوقار زندگي بخشي سگهن ٿا. پر اسانجي تاريخ جي اها بدقسمتي آهي جو اسان جون تحريڪون خوبصورت نعرن ۽ معتبر مطالبن هوندي به ذاتي انائن، اختلافن، مفادن ۽ هڪه ٻئي کان اڳيان نڪرڻ واري غليظ نمبر گيم جو شڪار ٿي، بجاءِ ڪنهن فائدو ڏيڻ جي، حقيقي مقصدن جو ساهه ئي ڪڍي ڇڏين ٿيون. ها! اسان مان ڪجهه ماڻهو ليڊر ته ٿي وڃن ٿا پر معتبر مطالبن جا لاش کڄڻ جو سلسلو بهرحال جاري رهي ٿو.
دين محمد جيڪو پنهنجي جوان رت جي ڊگري  کڻي ايمبولنس وسيلي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ پهتو هوندو، ته ان وقت نه رڳي سندس امڙ جا خواب قتل ٿيا هوندا پر اها موڙ، ڳانو، سيج، سِهرا ۽ سندس پيءُ جو پورهيو به قتل ٿي ويو هوندو. هي قتل صرف دين محمد جو قتل نه آهي، پر  سڄي سنڌ جي انهن غريب والدين جي احساسن جو قتل آهي، جن پورهيا ڪري پنهنجا پٽ ۽ نياڻيون، ڳوٺاڻن جا سوين مهڻا ۽ تعنا برداشت ڪري، پنهنجي اولاد کي سنڌ يونيورسٽي موڪليو آهي. وائيس چانسلر شپ جي عهدي لاءِ ڪروڙن جي واپار جا عادي ڇا ڄاڻن ته دين محمد جي جوان رت پٺيان سندس ڪراڙي پيءُ جي هٿن ۾ پيل لِفن جو درد سمايل آهي.
سنڌ يونيورسٽي کان ڪهڙو پلاند ڪيو پيو وڃي؟ ۽ سنڌ يونيورسٽي جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ علامه آءِ آءِ جي هن عظيم درسگاهه کان ڪهڙي خطا ٿي آهي؟ آخر هن ئي يونيورسٽي کي ڇو برباد ڪيو پيو وڃي؟ شهري يونيورسٽين ۾ اهڙيون حالتون ڇو نه آهن؟ اهي سوال نه رڳي سنڌ جا آهن پر دين محمد جي جوان جسم مان نڪرندڙ رت جي ڦڙي ڦڙي جا سوال آهن. انهن سوالن جا جواب ڇا وزيرِ تعليم ، گورنر ۽ وس وارن وٽ آهن؟ سوالن جا جواب ته ڇا پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته انهن سوالن جا جواب ئي هنن ڌرين وٽ آهن، جيڪي ڀلي محسوس نه ڪن پر دين محمد، بابر سنديلو، رميز سهاڳ  ۽ پروفيسر بشير احمد چنڙ جي رت جا ڇنڊا انهن جي ئي ڪپڙن تي چٽا ٿيو بيٺا آهن، جن نظير مغل جهڙي ڪرپٽ وائيس چانسلر کي بچائڻ لاءِ ڌر بڻجي، سڄي سنڌ جي آواز تي ٺٺوليون ڪيون ۽ اڃا تائين نظير مغل کي سندس تعليم دشمن خدمتن عيوض بچائڻ ۾ مصروف آهن ۽ نه بچڻ جي صورت ۾ هڪ ٻيو نظير مغل سنڌ يونيورسٽي کي ڳاٽي ۾ وجهڻ چاهن ٿا ته جيئن سنڌ يونيورسٽي مان ڳڀرو جوانن جي لاشن وڃڻ جو سلسلو بند نه ٿئي ۽ Reconciliation توڙي ڪرسيون بچائڻ جي جنون ۾ سنڌ دشمنن سان گڏ رهن، ويندي ايسيتائين جو سنڌ رهي يا ڀلي کڻي ڀاڱا ٿي وڃي. ڪرسي جي ڪايا تي وطن جي سودي جي اهڙي تاريخ جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي.  
اڄ سنڌ يونيورسٽي جو هر روڊ، علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار، سينٽرل لائبريري ۾ رکيل لکين ڪتابن جو هر ورق، سنڌ يونيورسٽي جون معصوم دليون ته روئي رهيون آهن پر هو جيڪي سنڌ ۽ سنڌ جي ادارن جا ويري آهن، اهي ٽهڪ ڏئي پڪ سان چئي رهيا هوندا ته، “اها اٿو نظير مغل خلاف هلايل تحريڪ جي سزا... ”۽ دين محمد جي رت جو ڦڙو ڦڙو سنڌ سان گڏ اوڇگارون ڏيئي چوندو هوندو؛
وقت! تنهنجو هيءُ ورتاءَ،
واجب نه هو،
گهايلن تي نئون گهاءَ،
واجب نه هو،
وک وک تي وڇوڙا وڍيندا رهيا،
يادگيرين جا سيلاب ايندا رهيا.

سنڌ يونيورسٽي جي سڌاري جي لاءِ مطالبا ته سالن کان ٿيندا رهيا آهن،  سو هتي ڪهڙو مطالبو ڪجي ته دين محمد جا قاتل گرفتار ڪيو! گرفتار ڪرڻ وارا ئي قاتل هجن ته پوءِ مطالبا ڇا جا؟ بس! دين محمد جي ڪراڙي پيءُ ۽ سندس جيجل ماءُ سان رضا الله جي ڪندي، صرف اها صدا بلند ڪجي ٿي ته ؛

ٻڌاءِ!
تون اڃا ڪڏهن ايندين!؟
هزار وار،
ٻاٽ جون چنريون،
رات جي ڇاتي تان سرڪيون آهن.

اسان جون راه مسافر ۽ بيقرار دليون،
پوهه جي رات کي پرهه سمجهي،
ڪوڙي آٿت مٿي ڇرڪيون آهن.
ٻڌاءِ! تون اڃا ڪڏهن ايندين؟
ٻڌاءِ تون ڀلا تڏهن ايندين!؟
جڏهين،
اسان جي اکين جا هي ٿر ٻاٻيها،
تنهنجي ديدار جي اڃ ۾ ،
شهيد ٿي ويندا...؟
۽ ساري عمر جا هي اوڄاڳا،
توسان سرگوشين جي سڌ کڻي،
ڪٿي ٿڪجي، ٽٽي، سمهي پوندا!؟
ٻڌاءِ! تون ڀلا تڏهن ايندين!؟

(آلين اکين سان قصو ناتمام...)                                                 sufilakufi@gmail.com

No comments:

Post a Comment