Tuesday 3 April 2012

HISTORY OF HOOSREE CITY OF SINDH


هڪ انوکي نانءَ واري شهر جي تاريخ...
                                                    غلام رسول چانڊيو                                
سنڌو ماٿري تهذيبي ۽ تمدني لحاظ کان مصري، يوناني، بابلي، ڪلداني ۽ سميري تهذيبن کان ڪنهن به  ريت گهٽ نه آهي. نديون ۽ درياءَ ڪائناتي خوبصورتيءَ جا امين پئي رهيا آهن. رگويد ۽ مذهبي ڪتابن جا ورق اٿلائبا ته انهن ۾ دجله ، فرات، نيل ۽ سنڌو نديءَ جو ذڪر وڏي احترام سان ملندو، ڇاڪاڻ ته انهن ندين جي ڪنارن ۽ وڏين ڇاڙن جي ڪنڌين سان تهذيب جي ڪيترن خوبصورت شهرن ۽ ڳوٺن جو جنم ٿيو آهي، تنهنڪري ندين کي تهذيبن جي ماءُ سڏجي تڏهن به غلط نه ٿيندو.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي چند وڏين تهذيبن مان هڪ آهي جنهن تاريخ جي مختلف دورن ۾ هزارين ڳوٺن ۽ شهرن کي جنم ڏنو آهي. جن مان ڪيترا ڳوٺ ۽ شهر سنڌو نديءَ جي ئي ڇڙواڳ وهڪرن جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿيندا رهيا آهن ته وري ٻئي طرف وهڪرن جي تبديليءَ سبب ڪيئي شاندار شهر به سنڌو ندي اڏيندي رهي آهي. انهن هزارين شهرن مان هڪ انوکي نانءَ وارو شهر هوسڙي به آهي.
هوسڙيءَ تي اهو نالو ڪينئن پيو؟ ۽ هوسڙي شهر جا بنياد ڪڏهن ۽ ڪنهن وڌا؟ ان لاءِ ڏندڪٿائن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ ٽوڻن ۽ ڌڪن کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو ملي. توڙي جو مظهر شاهه جهاني کان ويندي نامياري محقق مولائي شيدائي صاحب هوسڙي شهر جو ذڪر ڪيو آهي، پر پوءِ به چٽيءَ طرح هوسڙيءَ شهر جي بڻ بڻياد جو پتو نه ٿو پوي. تنهنڪري سواءِ ڏندڪٿائي ڳالهين تي ڀاڙڻ جي ٻيو ڪو به ڳِٿو ڪونهي. هونئن به اسان سنڌ جي تاريخ سان بي واجبين ۾ ڪهڙي ڪسر ڇڏي آهي!؟ 613 هجري ءَ جي “چچ نامي”  کان “تاريخ معصومي” 1009 هجريءَ تائين ساڍن چئن صدين جي سنڌ جي تاريخ گُگهه اونداهيءَ جي ور چڙهيل آهي. اهڙي انياءَ کانپوءِ رڳي هوسڙي شهر جي تاريخ ته ڇا پر سنڌ جي صدين تي محيط سفر واري رڪارڊ جي ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽائجي؟ سو مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ” کانسواءِ ٻيو ڪهڙو دڳ بچي ٿو.
هوسڙي شهر وڃڻ لاءِ، حيدرآباد کان بدين وارو رستو وٺبو ته 7 ڪلوميٽر کانپوءِ هوسڙي شهر پسڻ لاءِ ملندو. مطلب ته هوسڙي شهر وڃي حيدرآباد تعلقي ۾ بيٺو.
جهونا مڙس پنهنجي وڏڙن زباني چيل ڳالهيون سلين ٿا ته هوسڙي حيدرآباد تعلقي جو وڏو واپاري مرڪز هيو. هنر مندي ۽ پورهيو هنن ماڻهن جو شان هيو، ڪينئن نه هجين هئا جو هوسڙيءَ جي ميوات ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. جنهن شهر جي آس پاس صوف، کجيون ۽ ڏاڙهن سميت هر قسم جي ميوات ٿيندي هجي، ته ان کان وڌ هوسڙي شهر جي ٻي ڪهڙي سَکرائپ ٿي سگهي ٿي.  ڦليلي واهه جيڪو اڳوڻي زماني ۾ ڦليلي ڦاٽ هيو، انجي ڪنڌيءَ واري شهر هوسڙيءَ جو وڻج واپار هڪڙو ته ٻيڙين وسيلي ٿيندو هيو ۽ ٻيو وري وهٽن وسيلي، مال هڪ هنڌ کان ٻئي هند رسندو هيو. ڳالهه کٽائڻي هجي ته بس ائين کڻي چئبو ته هوسڙي ماڻهن لاءِ قدرت جي ڀلوڙ سوکڙي هئي، جيڪا وقت جي ٿڌي ڪوسي واءَ سان منهان منهن ٿيندي اڄ به قائم آهي.
چون ٿا ته گهڻا جُڳ اڳ ۾ هوسڙي شهر جادو پنهنور جي نالي سان هڪ ننڍڙو ڳوٺ هيو پر هاڻ جادو پنهنور جي  پيڙهيءَ جو ڪو به ڏس پتو ڪونه ٿو ملي.
هوسڙي شهر جي نالي جو سُٽ اڄ تائين اُلجهيل آهي، بس اهڃاڻن، ڌڪن ۽ ڏندڪٿائي ڳالهين کانسواءِ، هوسڙيءَ جي بڻ بڻياد جو ڪو به گس پنڌ ڪو نه ٿو ملي. تنهنڪري هوسڙيءَ لاءِ رڳي ڳالهين جا ڪيئي ڳوٺ ٻڌل آهن.
هڪڙا چون ٿا ته هن قديم شهر جو نانءُ هوسڙا برادري جي پويان پيل آهي ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هوسڙا ملاح برادري جي ڪا نُک آهن. هيءَ ڳالهه مڙيئي دل سان انهيءَ ڪري به لڳي ٿي جو هوسڙي بهرحال ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياءَ جو پتڻ ٻڌائي وڃي ٿي. پتڻن جا ڌڻي ته ملاح ۽ ٻيڙياتا هوندا آهن. انڪري ملاحن جي نُک، هوسڙن جي ڪري به، ٿي سگهي ٿو ته هن شهر جو نالو پيو هجي، پر پوءِ به ان ڳالهه جي ڪا پڪ ڪانهي.
هڪڙو گمان اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ملاحن ۾ هڪ مائي “هوسڙي” ان پتڻ جي ڌياڻي هوندي هئي، جيڪا نهايت بردبار ۽ همٿ واري هئي، تنهنڪري ان پٺيان هن شهر تي هوسڙي نالو پئجي ويو. ان مرحلي تي ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون جن مان پهرين ڳالهه ته هوسڙا ملاحن جي نُک نه پر ان مائي هوسڙي جي ڪري سڏبا هوندا ۽ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن هوسڙا ملاحن جي ڪا نُک آهي به ته،  اها مجموئي طور سڄي سنڌ ۾ وسندڙ ملاحن اندر، ٻئي ڪنهن هنڌ ڪانه ٿي ٻڌجي. تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ان پتڻ جي مالحن جي ڪنهن خاص ڪرت، ڪيفيت يا واقعي جي نتيجي ۾ انهن کي هوسڙا سڏيو ويو هجي... بهرحال انهن راين ۽ گمانن جي بنيادن تي هوسڙي شهر جي نالي  جوتعين ڪرڻ گهڻو ڏکيو آهي.
اهڙي طرح هڪ ٻي به عجب جهڙي روايت يا ڏندڪٿا ماڻهن واتان ٻڌجي ٿي. چيو ٿو وڃي ته سديون اڳ، يعنيٰ ننڍي کنڊ جي به ورهاڱي کان به گهڻو اڳ، هوسڙي واري پتڻ يا دريائي بندرگاهه وٽ جهوپڙي ۾ هڪ ٻڍڙي عورت رهندي هئي. ٿيو ائين جو ان جهوپڙي کي الاءِ ڪينئن رات جو باهه لاڳي ۽ اها هندو عورت سڙي رک ٿي وئي ۽ ماڻهن هيراس مان ائين چيو ته “هوءَ سڙي وئي” ۽ اتان کان هن شهر تي هوسڙي نالو پئجي ويو. ائين ٿي سگهي ٿو پر ڳالهه ڪا گهڻي دل سان ڪا نه ٿي آهڙجي!
بهرحال هن شهر جي نالي تي ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون ماڻهن جي زبانن تي موجود آهن پر ان سلسلي ۾ ڪا به پڪي ڳالهه انڪري به نٿي چئي سگهجي جو هن شهر تي به ائين ئي تحقيق نه ٿي آهي جيئن سنڌ جي ٻين سوين شهرن، ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن لاءِ تحقيق جا دروازا بند پيا آهن.
اهڙي طرح هن شهر جي نالي وارن سوالن کي محققن اڳيان رکندي، پاڻ شهر سان ڳنڍيل ٻين معاملن ڏانهن هلون ٿا. هوسڙي شهر جو ماضي نهايت شاندار هيو، تجارتي مرڪز هئڻ سبب ٽنڊو محمد خان، ماتلي، ٽنڊو غلام علي، بلڙي شاهه ڪريم، ملا ڪاتيار، سيري، کٿڙ، گاجا، ٽنڊو فضل، ٽنڊو ڄام، هٽڙي ۽ ٽنڊو غلام حسين يعنيٰ موجوده لطيف آباد سميت ڪيترا ننڍا وڏا شهر هوسڙي جي واپار سان ڳنڍيل هوندا هئا. ڳالهه ٿا ڪن ته هوسڙي جو ڪپڙو، اجرڪون، ڪاٺ جو سامان، ڪپهه، ڪڻڪ، ڀاڃين جا سڀئي قسم تمام گهڻو مشهور ۽ پري پري تائين انهن جي رسد هوندي هئي.
ڦليلي ۽ اڪرم واهه جي وچ تي موجود هن تاريخي شهر ۾ عورتون هٿ جي هنرن يعنيٰ رليون، برٿ، سلائي ۽ ڪڙهائي جا مرڪز وڏي شان سان هلائينديون هيون.
ٻڌائين ٿا ته انگريزن جي ڪاهه وقت ٽالپر حڪمرانن جي راڻين به هن شهر ۾ پناهه ورتي هئي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ هوسڙي شهر جو سمورو ڪاروبار هندو سيٺين جي هٿ ۾ هيو جن جو مکي ديوان ڪوڏومل آڏواڻي هيو ۽ ڪنهن اڻ بڻت جي صورت ۾  فيصلا ڪري ماڻهن کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو. رئيس اميد علي سرائي وري مسلمانن جو پريو مڙس هوندو هيو. ٿورا ٿڪا ڏوهه ٿيندا هيا ته ديوان ڪوڏو مل ۽ سرائي اميد علي راڄن مٿان ڇپر ڇانءَ ٿي سندن ڌڻي ٿي بيهندا هئا.
ورهاڱي کانپوءِ لڏي آيل اردو آبادي کي سڄي سنڌ وانگر هوسڙي جي ماڻهن به جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ٻيو ته گهڻو ڪجهه پر رڳي چار هزار ايڪڙ زمين لڏي آيل اردو آبادي هوالي ڪئي وئي.
هوسڙي شهر تاريخي ماڳن جي حوالي سان هڪ شاهوڪار شهر رهيو آهي. توڙي جو اهي ماڳ مڪان هاڻ ڀڃي ڀري پنهنجي آخري پساهن ۾ آهن پر پوءِ به هوسڙي جي آس پاس انگريزن جون آرام گاهون، پراڻن باغن جا نشان، تاريخي ڪبرون جيڪي فقير خيري درس يعنيٰ گنجي ڏونگر تي موجود آهن، انهن ڪبرن ۾  گهوٽ ڪنوار جون ڪبرون، هنڱورن جي ماڙين سميت شهر جا وڻ ۽ واهيرا، پنهنجي ڪيترن ئي ڪٿائن سميت هوسڙي جي عظمتن جا ساکي بڻيو بيٺا آهن.
ڪو زمانو هيو جو هوسڙي شهر ۾ مٺي پاڻي جا پنج کوهه هوندا هئا، جتان عورتون پاڻي ڀري، جڏهن دلا مٿن تي رکي ولر جي شڪل ۾ هلنديون هيون، تڏهن هوسڙي جو اوج ماڻهن کي موهي وجهندو هيو.  پر هاڻ انهن کوهن جو ڪون به نانءُ نشان باقي نه رهيو آهي. هوسڙي جي گهٽين جي ڇا ڳالهه ڪجي!  جهونا ٻڌائن ٿا ته هن شهر جون گهٽيون وڏن تراشيل پٿرن سان ٺهيل هونديون هيون ۽ موڪريون وري ايتريون جو ڏاند گاڏيون به بنهه سوکي نموني سان بار کڻي، انهن گهٽين مان گذر ڪنديون هيون. هاڻ انهن گهٽين مان چار ماڻهو به هڪ ٻئي کي ڪلها هڻي پوءِ گذرن ٿا.
هن شهر جي انهن اڱڻن ۽ ٿلهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!؟ جن تي ڪڏهن ڪٺ ٿيندا هئا ته سوين ماڻهو پنهنجي سور پچار ڪندا هئا، هر ڪو هڪ ٻئي سان حال احوال سليندو هيو، خوشخير آفيت کان ويندي ڍور ڍڳي متعلق به هڪ ٻئي کي حوال ڏبا هئا. پر الاءِ ڪهڙو واءُ وريو جو گڏجڻ جا اهي اڱڻ ۽ ٿلها ڪڏهوڪو موڪلاءِ ويا ۽ گڏيل صلاح مشهوري توڙي اجتمائي طور سوچڻ جو جهان ئي ڄڻ جهري پيو. هاڻ هر ڪو پنهنجي مٿي کٿي! ڪنهن کي ڪنهن جي ڪل ئي ناهي. جيئن مجموئي طور سنڌ ۾ انيڪ سببن جي ڪري گڏيل سماج جو خاتمو آيو آهي تيئن هوسڙي جا ماڻهو به هاڻ ڪڻو ڪڻو ٿي سوچين ٿا.
هوسڙي شهر يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو جنهن ۾ پنج ديهون پنهنواري، سنهنوار، کاٽڙو، ٻوهڪي ۽ سکپور تي مشتمل آهي ۽ شهرجي آبادي متعلق توڙي جو پڪي ڄاڻ ناهي پر پوءِ به هن شهر ۾ چاليهه هزارن کان وڌيڪ آدم رهڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو.  هوسڙي جي مکيا پاڙن ۽ چوڪن ۾ بخاري پاڙو، راجپوت پاڙو، شاهه لطيف ڪالوني، عمراڻي پاڙو، چارو چوڪ، بينڪ چوڪ، سپنا ۽ ٿاڻا چوڪ سميت ٻيا پاڙا ۽ ويڙها موجود آهن.
هوسڙي شهر جي برادرين ۾ شورا، پنهور، ماڇي، شيدي، ٿيٻا، عمراڻي، چانگ، راجپوت ۽ رانگڙن سميت ٻيون برادريون شامل آهن. هي شهر هري هري پنهنجو شاندار ماضي وڃائي رهيو آهي. صحت مرڪز سڀني سهولتن کان ناپيد هوندي هنڌا هنڌا اکڙيل آهي جڏهن ته تعليم تباهه ۽ بجلي جي اک ٻوٽ توڙي ڊرينيج جو نظام ناڪارا ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف هتان جي آبادي ۾ نشي ۽ ڏوهن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. هتان جي پنجاسي سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر زمينداري ۽ هارپي تي آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو نوڪريون ۽ ذاتي ڪاروبار به ڪن ٿا.
سنڌ جا هڙئي شهر پنهنجي وجود جي تاريخ رکن ٿا پر گهرج انهيءَ ڳالهه جي آهي ته هن انوکي نانءَ واري شهر هوسڙي سميت سنڌ جي موجود ۽ ميسارجي ويل شهرن جي بڻ بڻياد جا پيرا کڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جون مڙيئي حسناڪيون نکري نروار ٿين ۽ دنيا جي ماڻهن کي اهو پتو پوي ته سنڌو ماٿري جا ماڻهو انهيءَ ڪري به جنگجو نه هئا جو هو دنيا کي تهذيب، ثقافت، فن، رقص ۽ موسيقي سان مالا مال ڪرڻ ۾ مگن هئا. پر اهو اوکو پنڌ ڪير پچائي؟ ۽ ڪير ڪري اهڙي همٿ جو سنڌ پنهنجي حسناڪين سميت دنيا اڳيان اچي سگهي؟ تحقيقي ادارا جنهن جهان جا راهي آهن ان لاءِ بس وات تي هٿ! تنهنڪري انهن سوالن جي نبيري لاءِ انتظار کانسواءِ ٻي ڪهڙي واٽ بچي ٿي!؟ اوسيئڙا ۽ بس هر ڳالهه لاءِ اوسيئڙا.....
                                                                                                                             Sufilakufi@gmail.com

3 comments:

  1. ادا جادو پنهور نه بلڪه جاڙو پنهور هو اهو ڳوٺ اڃان هوسڙي جي ڀر ۾ آھي سندس وارث به موجود آھن

    ReplyDelete
  2. مهرباني ڪري درست ڪندا

    ReplyDelete
  3. مهرباني ڪري درست ڪندا

    ReplyDelete