Tuesday 3 April 2012

FUTURE OF SINDH UNIVERSITY JAMSHORO


سنڌ يونيورسٽي خلاف سازش جا پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟
غلام رسول چانڊيو
شهيد پروفيسر بشير چنڙ جا قاتل گرفتار ڪيو. واقعي جي تحقيق لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن، استادن ۽ ملازمن کي تحفظ ڏيو. شاگرد يونين بحال ڪيو. يونيورسٽي مان سيڪيورٽي فورسز کي نيڪالي ڏيو. ڪرپٽ وائيس چانسلر نظير مغل کي برطرف ڪيو.
مٿين ڇهن مطالبن مان اهڙو ڪهڙو مطالبو آهي جيڪو ناجائز هجي؟ ملڪ جي آئين  ۽ قانون ۾ هر شهري جو تحفظ ۽ ڏوهن تي ضابطو رياست جي ذميواري آهي. عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ وارو مطالبو هر شهري جو حق آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪهڙو آسمان ڪري سگهي ٿو؟ بنا گهرڻ جي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، پر اهو گهرڻ تي اعتراض يا نه مڃڻ ڪهڙي قانون جي خلاف ورزي آهي؟ سيڪيورٽي فورسز جنهن تي يونيورسٽي جا ڪروڙين رپيا خرچ ٿين ٿا ۽ پوءِ به بي نتيجا هجي ٿي، ته پوءِ ان جي نيڪالي جو مطالبو ڪهڙي طرح ناجائز ٿيو؟ نظير مغل جي ڪرپشن ڪنهن کان لڪل آهي ۽ هڪ ناڪام سربراهه ثابت ٿيڻ کانپوءِ  انجي برطرفي جو مطالبو سڀني مستقل اسٽيڪ هولڊرس جو ڇا حق نه آهي؟ يا انکي برطرف ڪرڻ ڪا ايڏي وڏي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽي کي ٽي مهينه بند رکي 25000 شاگردن جي مستقبل کي تباهه ڪيو وڃي؟ حيرت آهي ته جيڪو ڪم رياست کي پاڻ هرتو ئي ڪرڻ کپي اها جڏهن نٿي ڪري ۽ انجي ردعمل ۾ سماج جو سڀ کان معتبر طبقو پر امن جدوجهد هلائي ته انهن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ کين نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي، ته پوءِ آئين جي سنگين خلاف ورزي جي سزا ڪنهنکي ملڻ کپي؟
بدقسمتي اها آهي ته هتي قانون انصاف لاءِ نه پر حڪمرانن جي مفادن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، نتيجي ۾ ادارن جون تباهيون ته ٿين ئي ٿيون پر سماج، حڪومت ۽ رياست کان مايوس ٿي  يا ته بغاوت تي لهي اچي ٿو يا وري مايوسي جو شڪار ٿي، پنهنجي بربادي اکين سان ڏسندي به ذاتي مفادن جي حاصلات واري رستي تي هلي پوي ٿو ۽ اڄوڪي سنڌ جو اهو ئي الميو آهي.
سنڌ يونيورسٽي پنهنجي سڄي عمر ۾ اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن به نه ڏٺا هئا جهڙا اڄڪلهه ڏسي رهي آهي. هاڻي اها سڀني کي پڪ رکڻ کپي ته هن يونيورسٽيءَ کي هميشہ لاءِ برباد ڪري، هن جون عمارتون مختلف کاتن کي الاٽ ڪيون وينديون ۽ اهو به گمان ڇو نه ڪجي ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ کانپوءِ باقي بچيل سنڌ جي سيڪريٽريٽ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جون عمارتون ڪم آنديون وڃن (خدا ڪري آءُ غلط هجان يا وري اهو سڀڪجهه ٿيڻ کان اڳ موت اچي). نه ته ڀلا سنڌ يونيورسٽي جو مسئلو ڪهڙو وڏو آهي جو مهينن کان حل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي!؟ اسان جيڪي دانشوري ۽ دانشگردي جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهيون، سي ڇا ڄاڻون ته سنڌ سان ڪهڙا هاڃا ٿي رهيا آهن؟  اسانکي ته پنهنجي مرضي جا وائيس چانسلر رکائڻا آهن ۽ نالا به تجويز ڪري ڇڏڻا آهن پوءِ سنگت مان جيڪو به وائيس چانسلر ٿئي ته اسان ڄڻ لک کٽيو!
سنڌ اسيمبلي ۾ جا سنڌ جي توحين ٿي سا محظ ڪا ڀتاخوري جو معاملو نه هئي. اسيمبلي اندر ٿيل دهشتگردي لاءِ اهو ڇو نه سوچون ۽ سمجهون ته اها سنڌ جي وحدت لاءِ پاس ڪيل قرارداد جو رد عمل هئي!؟ ۽ اهو به ڇو نه سوچجي ته اهڙي قسم جي داداگري سنڌ خلاف ان فلم جو ٽريلر هئي جيڪا فلم سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ لاءِ جلد رليز ٿيڻ واري آهي. سنڌ ان ڪربناڪ مرحلي مان ڪيئن ٿي پاڻ بچائي پار پوي، سو ته ڪنهنکي به پتو ناهي جو اسان صرف همبوڇيون هڻي ڄاڻون، پر بهرحال اها ڳالهه اسان سڀني کي سمجهن گهرجي ته سنڌ يونيورسٽي گزريل ٻن سالن کان جهڙي ريت رت سان رنڱي پئي وڃي، انکي سطحي طرح ڏسڻ بجاءِ نهايت سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ يونيورسٽي ۾ سياست ڪا اڄ جي ڳالهه نه آهي ۽ نه ئي سياست ڪا خراب ڳالهه آهي جو نه ڪجي، سنڌ جو نوجوان  به جيڪڏهن سياست نه ڪري ته پوءِ باقي آسمان تان ڪهڙي مخلوق ايندي جيڪا اچي سياست ڪندي؟ اها عجب جي ڳالهه نه آهي ته اسان ڏوهاري سياست جي خاتمي بجاءِ ماڳهين سياست جي ئي خاتمي جا مطالبا ڪيون ٿا. مطلب ته اڃان اسانکي اها به خبر ناهي ته اسانجا مطالبا ڪهڙا آهن ۽ اسانکي ڪهڙا مطالبا ڪرڻ گهرجن؟
اهو سچ آهي ته ويجهڙائي ۾ سياست جي نالي تي جا دهشتگردي ٿي آهي ۽ اڃان ٿيڻ  جا چٽا امڪان موجود آهن ته اها ڪا اتفاقي ۽ سياسي گروپن ۾ جهيڙي تائين محدود نه آهي. اهڙي قسم جي دهشتگردي جا پيرا پري تائين وڃن ٿا. خدا ڪري منهنجا شڪ غلط ثابت ٿين پر روزانه شاگردن جا جهيڙا، بسن تي فائرنگ  ۽ باهيون، بائيڪاٽ، ڪلاسن هلڻ دوران ڪاريڊور ۾ نعريبازي ، شاگردن ۽ پروفيسرن جو قتل، دهشتگردي، افراتفري، ملازمن تي تشدد ۽ تحريڪون توڙي لاڳيتي ڇڪتاڻ مان ائين لڳي رهيو آهي ته هن بدترين راند جو ڪو خطرناڪ کيڏاري هڪ منظم رٿابندي سان پنهنجا مڙيئي پتا کيڏي رهيو آهي ۽ اسان سڀ ان راند جو لاشعوري طور شڪار ٿيندي،  انجي هر داءَ تي پورو لهي رهيا آهيون. هتي هليل تحريڪ جي سچائي تي ڪو به شڪ نه آهي، پر شايد فهم ۽ ادراڪ جي کوٽ هجڻ سبب چڱائي جون سڀ ڪوششون اسانجي ئي ڳچي ۾ پئجي رهيون آهن.
ڀل جو کڻي چوٿين دنيا جا دانشور قوم جي وسيع تر مفادن تحت دهشتگردن سان ويهي لفظن جي جادوگري وارو واعظ ڪن، پر شايد کين اها خبر ناهي ته  سڄي سنڌ انهن دانشورن جي بلڪل ابتڙ سوچي ٿي ۽ اهو پڻ سوچي ٿي  ته انهن لفاظي ڪندڙن کي دهشتگردن سان ويهڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ ڳالهه سادي پئي آهي ته سياسي  ۽ سماجي طور محروم ۽ ڌڪاريل ماڻهن وٽ سواءِ دشمنن سان گڏ ويهڻ جي ٻيو ڪوبه رستو ناهي بچندو. جيڪڏهن آءُ غلط آهيان ته 90 جي عشق ۾ الوٽ اسان جا ڏاها فاروق ستار کان صرف هڪڙي فون ڪرائڻ جي مهرباني ڪري، انقلاب اچڻ تائين في الحال سائين جي ايم سيد جي اڏايل سنڌ يونيورسٽي کي بچائن، باقي سنڌوديش جي آزادي واري تحريڪ ۾ متحدہ واري ساٿ جي هونئن ئي کين پڪ آهي. الاءِ ڇو اها سادي ڳالهه به اسانجي ماضي جي آدرشي اڳواڻن کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته اهي دهشتگرد پي پي کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ قومپرستن جا ۽ قومپرستن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ پي پي جا ساٿاري بنجي پوندا آهن. جن جا هيرا ايم آر ڊي تحريڪ دوران هزارين سنڌين جي قاتل جنرل ضيا ۽ 88 ۾ سنڌين جي عصمتن جون ڌڄيون اڏائيندڙ جنرل اسلم بيگ جي ڪڇ ۾ ويٺل هجن ۽ جن جو هيرو نواب اڪبر بگٽي سميت ڪيترن قومي ڪارڪنن جو قاتل جنرل مشرف هجي ته انهن سان ڀاڪرين پئي سنڌوديش جا خواب ڏسڻ واري دانشوري بهرحال اسان ڄٽن جي سمجهه کان مٿي آهي. اسان کين صرف اها گذارش ڪيون ٿا ته هو متحدہ کان اها وضاحت طلب ڪن ته 23 مارچ تي پنجن لکن کان به وڌيڪ سنڌين جي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ تي الطاف حسين ايتري چڙ ڇو آئي جو هن هڪدم ملڪ جي صدر سان رابطو ڪري شڪايت ڪئي ته ڪراچي ۾ ڦر لٽ جا واقعا ٿيا آهن انهن جو نوٽيس ورتو وڃي. ڪيڏي نه کل جوڳي ڳالهه آهي جو پنج لک ماڻهو ڪراچي ۾ ڦر لٽ ڪرڻ ويا هئا پر انهن ڌاڙيلن کي ڪراچي مان ڪک به هٿ نه آيو!!!
سو هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ڌنڌو ڪرڻ واري ناجائز حق جو فيصلو تاريخ تي ڇڏيندي پاڻ سنڌ يونيورسٽي سان ٿيندڙ ها ڃن تي اچون ٿا ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته لاڳيتو ٽي مهينا ملڪي سطح تي تحريڪ هلڻ باوجود معزز استادن جو هڪ به جائز مطالبو تسليم نه ڪرڻ پٺيان ڪهڙيون سازشون ٿي سگهن ٿيون؟
1.      علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جي هن عظيم درسگاهه جنهن منجهان ٻيون ڪيئي درسگاهون پيدا ٿيون آهن انکي هميشه جي لاءِ بند ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ اهو جواز ڄاڻايو وڃي ته هن يونيورسٽي اندر روز روز جهيڙا ٿين ٿا، شاگردن ۽ پروفيسرن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، ملڪيتن ۽ بسن کي نقصان ڏنو وڃي ٿو ۽ حيدرآباد کان ايندڙ بسن تي فائرنگ ٿئي ٿي تنهنڪري شهر کان ايندڙ شاگرد عدمِ تحفظ جو شڪار آهن ۽ اهڙي طرح شهري يونيورسٽي جنهنکي هاڻ جناح يونيورسٽي بجاءِ انڊس يونيورسٽي جي نالي سان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، لاءِ مڪمل دليل پيش ٿي سگهن.
2.      امڪاني طور بدين، مير پورخاص، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ٻين ڪيمپسن کي يونيورسٽين جو درجو ڏيئي اهو چيو ويندو ته سنڌ اندر هاڻ ضلعي سطح تي يونيورسٽيون قائم ٿي چڪيون آهن انجي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي هاڻ ڪابه ضرورت ناهي، تنهنڪري هن يونيورسٽي کي هميشہ جي لاءِ بند ڪيو وڃي. جڏهن ته نوابشاهه، خيرپور، ٽنڊو ڄام ۾اڳئي يونيورسٽيون موجود آهن ۽ ڄامشوري ۾ هڪ ميڊيڪل ۽ هڪ انجينيئرنگ يونيورسٽي ڪافي آهن. جيڪي به اسان سنڌين جون نه پر گورنر هائوس جون آهن. بجاءِ ڊگري ڪاليجن جي معيار کي وڌائڻ جي ڪيمپسون ٺاهڻ جو ٻيو ڪهڙو جواز ٿي سگهي ٿو!
3.      داخلا جي انگ وڌي وڃڻ ڪري شاگردن جي گروپن تي ضابطو آڻڻ ڏکيو آهي تنهنڪري هر ڪو پنهنجي ضلعي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري ۽ هن يونيورسٽي کي بند ڪيو وڃي.

لڳي ائين رهيو آهي ته اهي ۽ اهڙا ڪيئي جواز ڄاڻائي سنڌ يونيورسٽي کي هميشہ لاءِ بند ڪرڻ جي سازش تي ائين ئي ڪم ڪيو پيو وڃي جيئن لياقت علي خان جي وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ جناح پور ۽ اڙدوديش لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪم ٿيندو رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي کان سنڌ دشمنن کي انڪري به خوف آهي جو هيءَ يونيورسٽي سڄي سنڌ جو دماغ آهي ۽ هن يونيورسٽي ۾ سنڌ جي چپي چپي مان هيٺئين ۽ وچولي ڪلاس جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاءِ موڪلن ٿا ۽ هتي سڄي سنڌ گڏ ٿي پنهنجي ڌرتي لاءِ سوچڻ لڳي ٿي ۽ اها سوچ رڳو 25000 شاگردن 500 استادن ۽ 3000 ملازمن جي نه پر سڄي سنڌ جي سوچ هجي ٿي جو اهي شاگرد جڏهن پڙهي واپس ڳوٺن ڏانهن وڃن ٿا تڏهن سنڌ جي آدرشن جو ڪيس کڻي گهر گهر تائين پهچائن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي سنڌ پنهنجو پاڻ سان ٿيندڙ ذيادتين خلاف هڪ آواز بڻيل آهي. سو ان ڳالهه کي سنڌ دشمن ڌريون ته سمجهن ٿيون پر بدقسمتي سان اسانکي اهي ڳالهيون تمام گهٽ سمجهه ۾ اچن ٿيون. اسان ته اهو به سمجهي نه ٿا سگهون ته شاگردن جي مختلف سياسي گروپن جي وچ ۾ جهيڙا رڳي سياسي جهيڙا نه آهن پر اهي جهيڙا دراصل اُهي ڌريون ڪرائي رهيون آهن جيڪي سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽي کي هميشہ جي لاءِ تباهه ڪرڻ گهرن ٿيون.
انهيءَ ڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جوڳي آهي ته وائيس چانسلر کي هٽائڻ واري معمولي مطالبي تي عمل ڇو نه ڪيو پيو وڃي؟ ۽ ٻين مڙني آئيني ۽ قانوني مطالبن کي ٽي مهينا تحريڪ هلڻ کانپوءِ به آخر ڇو مانُ نه ڏنو پيو وڃي؟ ظاهر آهي ته ان جو مقصد سواءِ ان جي ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته روزانه جي جلوسن، جهيڙن ۽ شاگردن طوڙي استادن جي قتل وسيلي هيءَ يونيورسٽي بدنام ٿيندي رهي ته جينئن سنڌ جا ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿين ته هن يونيورسٽي ۾ هاڻ اولاد کي ناهي پڙهائڻو ۽ سنڌ دشمن ڌريون اهو فيصلو آساني سان ڪري سگهن ته هيءَ يونيورسٽي هاڻي تدريسي عمل جي لائق ناهي رهي تنهنڪري هن کي هميشہ لاءِ بند ڪيو وڃي. هن وقت 25000 گهرن اندر اها ڳڻتي ضرور هوندي ته اسانجي پٽ جو لاش ڪهڙي وقت گهر ٿو اچي.
تنهنڪري سنڌ يونيورسٽي جو معاملو هاڻي مٿي ڄاڻايل مطالبن تائين محدود نه بلڪ سنڌ جو هڪ اهم قومي مسئلو بنجي چڪو آهي جنهنجي لاءِ سنڌ جي هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ هلندڙ تحريڪ کي صرف استادن ۽ ملازمن جي تحريڪ سمجهي نظرانداز ڪرڻ واري روش ختم ڪرڻي پوندي.

sufilakufi@gmail.com

1 comment:

  1. AIN EAN E THEO AHY,GUZRIYAL SAAL JI BHET MEN HIN SAAL 5000 STUDENTS GHAT FORM JAMA KARAYA AHIN.

    ReplyDelete