Tuesday 3 April 2012

ABSTRACT ARTICLE


ساميءَ سج وڙاءُ
اختيار ۽ ڀڳت ڪبير جا دوها....
غلام رسول چانڊيو
·       خوبصورت ڳالهيون ڪندڙ خوبصورت ڪردار جو به مالڪ هجي، اهو ضروري نه آهي.
·       مون ڪيترا بد ڪردار ماڻهو تمام گهڻيون خوبصورت ڳالهيون ڪندي ڏٺا آهن.
·       انسان هميشه ساڳئي ڪردار جو مالڪ هجي اهو به ضروري نه آهي.
·       ڪلهه جا ڪيترا ئي آدرشي انسان اڄ جا غليظ انسان آهن تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته انسان سدائين هڪ جهڙو نه ٿو رهي.
·       انسان ڇا آهي؟ ان سوال جي جواب لاءِ خود انسان ئي صدين تائين ڀوڳيو آهي.
·       انسان شايد پنهنجي ئي سچ جي تلاش ۾ ازل کان پريشان رهيو آهي.
·       خواهش، ضرورت ۽ سچ الڳ الڳ حقيقتون آهن، پر مسئلو انهن کي هڪ ڳالهه ئي سمجهڻ آهي...
·       مسئلا ايترا نه آهن جيترا اسان پيدا ڪيا آهن.
·       مسئلن کي حقيقي معنيٰ ۾ نه سمجهڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ مسئلا پيدا ڪرڻ به انساني فطرت آهي.
·       شاندار سماج جي اڏاوت لاءِ اسانکي پنهنجي ذاتي سچ، خواهشن ۽ اڻ برابري ءَ واري فطرت تي ضابطو آڻڻو پوندو.
·       اختيار جي انڌي گهوڙي جي اکين جو آپريشن ڪجي ته کوڙ سارا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
·       ڪي وري  اهو به چون ٿا ته اختيار کي اکيون ئي ناهن ٿينديون. جي اهو سچ آهي ته پوءِ اهڙي اختيار جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏجن.
·       اهو اختيار ڀڳت ڪبير جي دوهن جو قتل ڪري رهيو آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن تي خونريز ڪاهون ڪري رهيون آهي، لڳي ٿو ته ان اختيار جو آخري وقت اچي رسيو آهي.
·       شيخ اياز هڪ هنڌ چيو ته لطيف سائين کان اڳ سنڌ جي ادب جي ڪابه تاريخ نه آهي ۽ لطيف سائين کانپوءِ سمورو ادب لطيف سائين جو ورجاءُ ئي آهي. اياز جو اهو سچ ڪيڏو نه تاريخي آهي...
·       سنڌ جي ادب جو اهو ورجاءُ ڪيڏو نه خوبصورت آهي. ڪاش! اهو ورجاءُ پنهنجي ساڀيان ماڻي....
·       تون پنهنجي سچ جو پوڄاري ۽ آءُ پنهنجي سچ جو پوڄاري! ته آخر اصل سچ ڇا آهي؟
·       لڳي ٿو تون ۽ مان جي وچ ۾ سچ تڙپي رهيو آهي  ۽ مري به سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان تون تون ۽ مان مان نه ڇڏي.
·       مونکي اهڙي دنيا گهرجي ٿي جنهن ۾ سچ جي تلاش بجاءِ سچ مونکي ڳولي.
·       سچ اسان جي ضرورت آهي يا اسان سچ جي؟
·       ڪالهه مونکي سچ مليو هيو پڇيو مانس “ذات جو ڪير آهين؟ نالو ڇا ٿئي؟ ڪنهن جو پٽ آهين؟ ڪٿي رهندو آهين؟” سچ روئيندي جواب ڏنو “منهنجي ڪائي ذات ناهي، آءُ ڪنهنجو پٽ ناهيان ۽ منهنجو ڪوبه ٺڪاڻو نه آهي”  آءُ دنگ رهجي ويس ته سچ ويچارو ڪيڏو يتيم بڻجي ويو آهي....
·       واقعي سچ جو ڪو ڌڻي سائين نه آهي. مون ويچاري کي فٽ پاٿن تي بک مرندي، اسپتالن ۾ تڙپندي، آفيسن ۾ نوٽن عيوض وڪامندي، ڀوتارن جي اوطاقن تي ڌڪا کائيندي ۽ هر هنڌ بڇڙو ٿيندي ڏٺو آهي.
·       چون ٿا سچ وڏي شيءِ آهي پر مون ته کيس دربدر ٿيندي ڏٺو آهي.
·       ٻار جڏهن جنم وٺندو آهي، تڏهن روئندو ڇو آهي؟ شايد ماءُ جي پيٽ ۾ جا فطرت کيس ميسر هوندي آهي، انکان جدائي سبب کائنس دانهون نڪري وينديون آهن.
·       انسان جي پيڙا ڇا فطرت کان وڇوڙي جي پيڙا نه آهي....!؟
·       ڀلي چيو وڃي ته ڪائنات ۾ هر شيءِ فطرت آهي ۽ هجي به کڻي، پر ڇا اسان فطرت جو اصل روپ برباد نه ڪري ڇڏيو آهي؟
·       آءُ تهذيب نه پر تباهي جو مخالف آهيان، فطرت سان ٽڪراءَ واري تهذيب تباهين کانسواءِ ڇا ڏنو آهي؟
·       ڪيترا به فلسفا جهاڙيا وڃن ۽ سڀ ڪجهه کي ارتقا سڏيو وڃي ته پوءِ اهڙا فلسفا ۽ ارتقا مونکي نه ٿي گهرجي، جنهن ۾ ڪنهن معصوم ٻار جون بک وگهي آهون آسمان سان ڳالهيون ڪن.
·       تهذيب جي اروج کانپوءِ به ڇا انسان جا مڙئي مسئلا حل ٿي چڪا آهن؟
·       تهذيب جي اڪثريتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان تخريب کي جنم ڏنو آهي. لڳي ٿو ته تهذيب جي نئين تشريح ۽ اصول طئه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
·       دنيا جي مڙئي ايٽم بم، ميزائيل ۽ هٿيار وڪڻجن ته دنيا جو ڪوبه انسان بک ۽ بيماري وگهي نه مري.
·       انسان کي زندگي سان ايترو پيار نه جيترو موت خوف آهي.
·       موت ايڏي وڏي شيءِ ناهي پر مختلف مذهبي نظرين موت کي ايترو ته ڀيانڪ بڻائي ڇڏيو آهي جو انسان زندگي سان پيار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.
·       موت جي خوف زندگي جي ڪيترين ئي حقيقتن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ درد اسانجي هر پل جو مقدر بنجي چڪو آهي.
·       هر پل جو پنهنجو مزو آهي پر موت  جو خوف هر ان لمهي جو ويري بڻيو بيٺو آهي.
·       موت ته اچڻو ئي آهي تنهنڪري زندگي جو مزو وٺڻ نهايت ئي لازمي آهي.
·       زندگي جا موت ڳڙڪائيندو، ان زندگي جو پل پل به ڊڄي گذارجي!!؟
·       جو پل ميسر آهي، ان پل کي هزارين معنائون ڏيئي جيئجي ته موت ياد ئي نه رهي.
·       زندگي جيئو موت جي خوف بنا، سچ ته حيران ٿي ويندوء.
sufilakufi@gmail.com

No comments:

Post a Comment